• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

نڪا نماز پڙهن:مست غلام نبي فقير

عاشق ويا اوڏانهين - جت مُنجهي مرون مرن
نڪي ٻَٽ ٻيلي ۾ - نڪي سوئر سُجهن
انحد هونگان عشق جون - ٻولي ٻي نه ٻُرن
وحده لاشريڪ له - تاران تونهين ڪن
نڪا ڦيرين تسبيح - نڪا نماز پڙهن
اٺئي پهر اواگهه ۾ - ٿا سجده سوز ڏين
جادو لايو جيءَ سان - ٿا جوشن منجهه جلن
غلام حيدر غير جا - وڍيو وڻ ڇڏن
سوري صاف ٿين - وڃي نوري گڏيا نور سين
 
Back
Top