مضمون

'سنڌي ادب' فورم ۾ نرمل طرفان آندل موضوعَ ‏14 مئي 2010۔

  1. نرمل

    نرمل
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏7 اپريل 2010
    تحريرون:
    131
    ورتل پسنديدگيون:
    69
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ادب سان دلچسپي ۽ وڪالت
    ماڳ:
    شاهه لطيف چوڪ ڪوٽڙي
    ”نرمل“ کوهارو
    مضمون جي سنڌي ادب ۾ اهميت
    مضمون جو لفظ عربي آهي، جنهن جو عام مطلب هي آهي ته لفظن ۾ ڪنهن شيءَ جي تعريف، ماهيت ۽ احوال لکڻ.
    مضمون جا 3 حصا هوندا آهن:
    1. شروعات
    2. جسم
    3. اختتام
    تمهيد
    تمهيد جو مطلب آهي ته مضمون جي شروعات ڪرڻ ان حصي ۾ صرف ايترو لکڻو هوندو آهي ته جنهن شيءَ تي مضمون لکي رهيا آهيون ان جي حقيقت ڇا آهي؟ مٿال طور جانور تي مضمون لکڻو آهي ته ان جي شڪل ۽ صورت ۽ بناوت متعلق لکڻو آهي ۽ اهوڪٿي رهندو آهي ۽ ان جا ڪهڙا ڪهڙا قسم آهن ۽ هو ڪهڙي ڪم ايندو آهي. اهو احوال شروعاتي طور تي ٽپن ذريعي مضمون ۾ ٻڌايو ويندو آهي.
    جسم
    هن حصي ۾ ان شيءَ جي استعمال جي باري ۾ يا ان جي خوبين جي متعلق لکيو ويندو آهي، جيڪڏهن ڪا خاص ڳالهه ان شيءَ جي ذات سان وابسته هوندي آهي ته ان متعلق لکيو ويندو آهي.
    پڇاڙي يا اختتام
    هن حصي ۾ ان شيءَ جي استعمال جي باري ۾ يا ان جي خوبين جي باري ۾ ۽ خامين متعلق لکي مضمون ختم ڪرڻو آهي.
    مضمون نگار جا اصول
    هڪ سٺي مضمون نگار جي وصف هي آهي ته هو ڪنهن تي مضمون لکڻ مهل ان جي سڀني حقيقتن صفن ۽ بناوت متعلق سڀني ڳالهين کي ضابطه تحرير ۾ آڻي.
    عام ڪلاسيڪي مضامين لکڻ مهل مضمون ۾ اهڙيون حقيقتون پيش ڪرڻ گهرجن، جن جو تعلق سنئون سڌو مضمون سان هجي.
    سوانح ۽ شخصيات تي مضمون لکڻ وقت ان شخصيت تي مضمون لکڻ وقت ان شخصيت جي ولادت، علمي قابليت، اعليٰ وصفن ۽ ڪيل ڪارنامن کي احاطه تحرير ۾ آڻجي.
    اسلامي موضوعن تي مضمون لکڻ مهل خاص احتياط کان ڪم وٺجي جيئن مضمون ۾ ڪا غلط روايت، اجائي ڳالهه ۽ غلط حوالو وغيره نه اچي وڃي. مضمون نگاريءَ جا قديم اصول جهڙوڪ: ٽسپ، بناوت وغيره، اڄڪلهه عام استعمال ۾ نه آهن. اڄوڪي دور ۾ مضمون کي عام دلچسپ انداز ۾ پيش ڪرڻ گهرجي جنهن ۾ واقعن، احوالن، ذاتي مشاهدن کي ڪم آڻجي جيئن پڙهندڙ مضمون کي دلچسپيءَ سان پڙهڻ ۽ ان مان ڄاڻ ۽ لطف حاصل ڪن.
    مضمون لکڻ جو طريقو
    1. مضِمون لکڻ کان پهريائين ان موضوع متعلق خاڪو ذهن ۾ هجڻ گهرجي.
    2. ان خاڪي ۾ آيل خيالن کي مناسب طور تي ترتيب ڏيئي مضمون لکيو وڃي.
    3. مضمون ۾ ان ڳالهه جو خاص خيال رکيو وڃي ته ان ۾ موضوع کي احاطي ۾ آڻجي.
    4. مضمون جي پڄاڻي موزون ۽ مؤثر لفظن ۾ ڪئي وڃي.
    5. مضمون ۾ ربط، تسلسل ۽ رواني قائم رکڻ جي ڪوشش ڪرڻ گهرجي، جئين پڙهندڙ مضمون مان حظ ۽ فائدو ڪري سگهون.
    6. موضوع کان ٻاهر مضمون ۾ مواد شامل نه هجي.
    7. مضمون لکڻ وقت اکر سٺا، صاف ۽ لکيل هئڻ گهرجن.
    8. مضمون ۾ غير اخلاقي، ڪچا ۽ ناشائسته الفاظ لکڻ کان پرهيز ڪرڻ گهرجي .
    9. مضمون لکڻ کانپوءِ انتي نظرثاني ڪرڻ ضروري آهي ۽ غلطيون درست ڪجن.
    مضمون جا عنوان
    مضمون جا عام طور تي هيٺيان موضوع آهن، جن تي اڪثر مضمون لکيا ۽ لکرايا ويندا وڃن ٿا.
    علمي مضمون
    هن عنوان هيٺ، تعليم جي اهميت، اسڪول، هنري تعليم ، عورتن جي تعليم، علم جي فضيلت، بالغن جي تعليم ۽ ملڪ مان جهالت ختم ڪرڻ وغيره جي موضوعن تي مضمون شامل هوندا آهن.
    سماجي مضمون
    هن عنوان هيٺ، غريبن جي حق، عورتن جي حق، ڳوٺ يا شهر جي وغيره جا عنوان شامل هوندا.
    متفرق مضمون
    هن عنوان هيٺ، عام موضوع جهڙوڪ: چانڊوڪي رات، درياءِ جو سير، تاريخي جاين جو سير، اخبار پڙهڻ مان فائدا وغيره جا موضوع شامل هوندا آهن.
    اخلاقي مضمون
    مضمونن جو هي عنوان تمام وسيع آهي. ان ۾ سچ ڳالهائڻ، ماءُ پيءَ جا حق، استادن جا حق، پاڙيوارن جا حق وغيره اخلاق جي موضوع ۾ شامل هوندا آهن.
    اسلامي مضمون
    اسلامي موضوعن تي تمام سٺا مضمون ملندا، جهڙوڪ: قرآن، حديث رسول الله صلي الله عليه وآله وسلم فقهه ۽ ٻين اهڙن اسلامي عنوانن تي مضمون لکبا آهن.
    مضمون جي ارتقا ۽ رائيٽرن جا خيال
    مضمون نويسي به اسان وٽ انگريزن جي معرفت پهتي، مضمون تي وڌيڪ ڪجهه لکڻ بدران اچو ته پهرين مضمون جي وصفن جي جائزو وٺون.
    مشهور جانسن چوي ٿو
    ”مضمون انساني اندر جي اڻ هضم ٿيل ۽ بي ترتيب خيالات سان ڀرپور، هڪ مختصر ادبي تحرير آهي، جا ڪنهن خوش مزاج دل مان آزاديءَ سان نڪري نروار ٿئي ٿو.“
    سر ايڊمن گاس چوي ٿو

    ”مِضمون عام طرح سان هڪ درمياني طوالت واري نثري تحرير آهي، جنهن ۾ مضمون نگار ڪنهن به موضوع جي خارجي پهلوئن تي آسان ۽ سرسري نظر وجهي ٿو ۽ موضوع کان متاثر ٿيل هوندي آهي“.
    ”مضمون نثر جي هڪ اهڙي صنف آهي، جنهن ۾ ڪنهن ادبي، فلسفيانه يا سماجي موضوع تي شخصي يا تاريخي نقطئه نظر کان روشني وڌي وئي هجي ۽ زياده طويل نه هجي.“
    مٿين وصفن پڙهڻ کان پوءِ مضمون بابت هيٺيان نقطا ذهن ۾ اچن ٿا:
    مضمون جي طوالت درمياني هئڻ گهرجي.
    مضمون نثر ۾ هئڻ ضروري آهي.
    مضمون جو تعلق موضوع جي خارجي پهلو سان هجي.
    مضمون تي پابندي انهيءَ حد تائين هجي، جيسيتائين مضمون نگار جو تعلق آهي يعني سندس شخصيت جو عڪس مضمون ۾ ڏسڻ ۾ اچي.
    مضمون جي ٻولي عام فهم، سادي ۽ سوادي هجي.
    مرحوم محمد اسماعيل جيڪو پاڻ به سٺو مضمون نگار هو، مضمون بابت لکي ٿو ته:
    ”مضمون نگاري ۾ انفرادي سوچ ۽ فڪر، ڪلام ۽ گفتگو جي انداز، ذاتي مشاهدن ۽ تجربن ۽ پنهجي افتاد طبح جو گهڻو دخل هوندو آهي. مضمون نگاريءَ جو فن رنگين ۽ دلچسپ آهي جنهن ۾ پڙهندڙ گهڻو ڪري لطف اندوز ٿيندو آهي. زبان جي نزاڪت ۽ صحت جي مشق پڻ هن صنف مان ئي ٿيندي آهي. ان کان علاوه مضمون جي هڪ ٻئي به خصوصيت هوندي آهي، جو ان ۾ باقاعده ربط نه هوندو آهي. مضمون نگار ڪٿي ڪو واقعو بيان ڪندو آهي ته ڪٿي وري پنهنجا ذاتي خيال ۽ تجربا بيان ڪندو آهي. مضمون نگار ڪٿي ڪو واقعو بيان ڪندو آهي ته ڪٿي وري پنهنجا ذاتي خيال ۽ تجربا بيان ڪندو آهي. ڪٿي ڪو لطيفو پيش ڪندو آهي ته ڪڏهن تخيلات ۽ منظرنگاريءَ جي واديءَ ۾ گم ٿيندو آهي ڪڏهن اخلاقي سبب ٻڌائيندو آهي ۽ ڪڏهن طنز ومزاح ڪندي وڃي مٿي چڙهندو آهي. اهڙيءَ طرح هڪ ڳالهه مان ٻي ڳالهه ٺاهيندو ويندو آهي، پر اهو سڀ ڪجهه اهڙي ته لطيف پيرايي ۾ هوندو آهي جو پڙهندڙ ان کي پڙهندي ذهني سڪون محسوس ڪندو آهي“.
    سنڌي مضمون نگاريءَ جي تاريخ
    اسان جي شاعري جون صنفون گهڻو ڪري برصغير جي ٻولين ۽ شاعرن کان متاثر رهيون آهن. ان جي ابتڙ اسان جي نثر جون تقريباً سڀ صنفون يورپ ۽ ٻين ملڪن جي ادب کان متاثر رهيون آهن. سنڌي مضمون نويسي جي تاريخ کي ٽن دورن ۾ روهائي ان جو جائزو ورتو وڃي ٿو:
    مضمون جي ابتدا ۽ ارتقا
    پهريون دؤر (1861ع کان 1900ع تائين)
    سنڌي ۾ مضمون نويسيءَ جي ابتدا سنڌي صحافت جي وجود ۾ اچڻ کان پوءِ ٿي، سنڌي اخبار مرزا صادق 1861ع ۾ جاري ڪئي. ان کان پوءِ ٻيون به ڪجهه سنڌي اخبارون نڪتيون، جن ۾ هر قسم جا مضمون لکيا ويندا هئا. ”سرسوتي مخزن“ جا ڪجهه مضمون ڪٺا ڪري ”هيري جون ڪڻيون“ جي نالي سان ڇپايا ويا. ان کان علاوه ”جوت “ اخبار جا مضمون ”گل ڦل“ جي نالي سان ڇپيا ويا.
    سنڌي ٻوليءَ جي يگاني عالم مرزا قليچ بيگ هن صنف تي به پنهنجي قلم کي ڀرپور نموني سان استعمال ڪيو. هن ڪيترن ئي موضوعن تي مضمون لکڻ سان گڏ لارڊ بيڪن جي مضمون جي مجموعي (Becon's Essays) کي ”مقالات الحڪمت“ جي نالي سان ترجمو ڪيو. مرزا صاحب اهڙي ته سليس انداز سان ترجمو ڪيو جو پڙهڻ کان پوءِ اهو لڳي ئي ڪو نه ٿو ته اهي مضمون ڪي ترجمو ڪيل آهن. هن دؤر جي مضمون جو موضوع گهڻو ڪري اخلاقي، سماجي، تعليمي ۽ سير و سياحت تي ٻڌل آهي.
    ٻيو دؤر (1900ع کان 1947ع تائين)
    سال 1900ع ڌاري ڪافي سنڌي اخبارون ۽ رسالا شايع ٿيڻ لڳا، جن ۾ هر قسم جا مضمون ڇپجڻ لڳا. هن دؤر جا ناميارا صحافي سٺا مضمون نگار هئا.
    انهن ۾ شمس الدين بلبل، ڄيٺيمل پراسرام، محمد هاشم ”مخلص“ ۽ مولانا دين محمد وفائي سر فهرست آهن. شمس الدين جا مضمون پڙهڻ سان تعلق رکن ٿا. سندس انداز طنز و مزاح وارو آهي ۽ بولي وڻندڙ آهي. سندس مضمون جو موضوع نئين تهذيب ۽ تمدن جي خرابين تي ٻڌل هو.
    حڪيم فتح محمد سيوهاڻي به هن دؤر جو بهترين اديب ٿي گذريو آهي. سندس مضمونن جو موضوع گهڻو ڪري تاريخ، مذهب ۽ سياست هوندو هو، ان کان سواءِ ڄيٺيمل به هن دؤر جو بهترين مضمون نگار هو. سندس لکڻ جو انداز تمام وڻندڙ هو.
    هن دؤر ۾ هر قسم جا مضمون لکيا ويا، جن ۾ سنجيده ۽ فلسفيانه قسم جا مضمون به هئا، ته ظرافت ۽ طنز و مزاج سان خوشگوار ثابت ٿي.
    هن دؤر ۾ هيٺيان مضمونن جا مجموعا شايع ٿيا:
    1. چڻنگون تيرٿ سنت
    2. ادبي غنچو نارائڻ داس ۽ رام پنجواڻي
    3. ادبي آئينو ليکراج عزيز
    4. ڳوٺاڻي چهر ۽ اناردانه نارائڻ داس ملڪاڻي
    5. سدا گلاب لال چند امر ڏنو مل
    6. درسِ عمل عثمان علي انصاري

    انهن کان علاوه منگهارام ملڪاڻي، ڊاڪٽر دائوپوٽو، الله بچايو سمون ۽ محمد اسماعيل عرساڻي پڻ سٺا مضمون نگار هئا.
    ٽيون دؤر (ورهاڱي کان پوءِ اڄ تائين)
    هن دؤر جي شروعات به سنڌي نثر جي ٻين صنفن وانگر خوشگوار ثابت نه ٿي. سنڌي، جيڪي هندستان لڏي ويا، اهي ناميارن اديبن ۽ شاعرن سان گڏ، سنڌي پريسن ۽ اخبارن جا مالڪ به هئا. انهن جي وڃڻ سبب هڪ وڏو خال ٿي پيو. وري انهيءَ خال کي ڀرڻ لاءِ حالتون به بلڪل سازگار نه ٿي سگهيون.
    ورهاڱي کان پوءِ جيڪا بي سروساماني پيدا ٿي، جنهن کي سياسي ڪشمڪش ۽ معاشي بدحالي ويتر وڌائي ڇڏيو. نتيجو اهو نڪتو جوزندگي جي ٻين شعبن سان گڏ سنڌي ادب به تمام گهڻو متاثر ٿيو.
    مضمون نگاري جي بقا جا آثار تڏهن پيدا ٿيا، جڏهن ڪجهه رسالا نڪرڻ لڳا ۽ جڏهن انهن ۾ چڱيرڙا مضمون به ڇپجڻ لڳا، ضوع ۾ ”نئين زندگي“ ۽ ”مهراڻ“ رسالا نڪتا (جيڪي اڄ تائين جاري آهن) جن مضمون نگاري جي فن کي ڪافي اڳتي وڌايو، ان کان پوءِ آهستي ٻيا رسالا ۽ اخبارون نڪرڻ لڳيون جن ۾ باقاعدگي سان مضمون لکجڻ لڳا.
     
    ظهير حسن پنهور هيء پسند ڪيو آهي.
  2. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,386
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    جواب: مضمون

    اڄ مضمون جي باري ۾ ايترو ڊيٽيل سان پڙهي ڪري ڏاڍو سٺو لڳو

    مضمون جي باري ۾ ايتري تفصيل ڏيڻ تي توهان کي جس هجي

    توهان جو ڪوششون سنڌ سلامت فورم تي نراليون آهن توهان اهڙيون ڪوششون جاري رکندا

    بهترين شيئرنگ آهي
     
  3. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,646
    ورتل پسنديدگيون:
    5,652
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    جواب: مضمون

    ادا نرمل توهان جي سنڌي ادب سيڪشن ۾ ڪيل ڪم جي جيتري تعريف ڪجي اها گهٽ آهي۔۔۔
    شاباش ادا توهان جي سمورن موضوعن کي پڙهڻ جو اتفاق ٿيو ۔۔۔ هر موضوع هڪ ٻئي کان وڌيڪ مليو ۔۔۔ اهڙي موضوع نگاري جي توقع سائين نثار ناز مان هئي جيڪا يقينن سائين نثار پنهنجي مصروفيت وڌيڪ هجڻ ڪري شايد پوري نه ڪري سگهي ها۔۔۔
    توهان جي لکڻ جو انداز ۽ تفصيل ڏيڻ جو انداز پڻ نرالو لڳو ۔۔۔ هي موضوع به پنهنجو مٽ پاڻ آهي۔۔۔ سچي به مضمون جي بيهڪ، تاريخ ۽ ارتقا بابت پهريان ايتري ڄاڻ نه هئي ۔۔۔ هڪ ٻيو عرض ته مٿين جن ڪتابن جو توهان ذڪر ڪيو آهي ۔۔۔ ڇا انهن مان ڪو ڊجيٽلائيز ٿيو آهي خا ص طور مرزا قليچ بيگ جو ترجمو ڪيل ”مقالات الحڪمت“ ۔۔۔ جي اهو ملي وڃي ته هوند منهنجي لائبريري جي سونهن وڌي وڃي۔۔۔۔
    ٻيو ته 10 سال اڳ تائين ته نئين زندگي رسالو باقاعدا پڙهڻ لاءِ ملندو هو جو منهنجو والدِ محترم استاد هيا ۽ ان جا مستقل قاري پڻ هيا۔۔۔ پر ويجهڙائي ۾ اهو رسالو نظر مان نه گذريو آهي۔۔۔شايد هاڻي بند ٿي چڪو آهي۔۔۔
    بهترين ليک موڪلڻ تي لک لائق۔۔۔
     
  4. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,395
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    جواب: مضمون

    اسلام عليڪم سائين ”نرمل“ کوهارو صاحب
    ادا توهانجو هي مضمون ته مون کي تمام گهڻو پسند آيو ، منهنجي سوچ مطابق ته سنڌ سلامت تي سنڌي ادب جا ليک تمام گهٽ لکيا وڃن ٿا، پر پوء به ٿوري گهڻي کوٽ توهان پوري ڪريو پيا، اميد ته اهڙا معلوماتي مضمون سنڌ سلامت تي ڏيندا رهندا، ۽ سنڌي ادب کي ٻين دوستن تائين پهچائيندا۔رهندا ۔
    ادا توهان جو ليک دل وٽان لڳو، ۽ مضمون هر حساب سان ڪابل تعريف آهي، اوهان کي اهڙي ليک تي جس هجي ۔



    سَڄَڻَ سَنئِيُون ڪَنِ، لوڪان ليکي وِنگِــيُون؛
    سَنـــدِي سُــــپِرِيَنِ، پَـــڱرِ پَــــرُوڙَڻُ ڏاکــــڙو.​
     
  5. WASEEM

    WASEEM
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 مئي 2010
    تحريرون:
    887
    ورتل پسنديدگيون:
    404
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    433
    ماڳ:
    In Ur Hearts
    جواب: مضمون

    زٻر دست شئرنگ آ.
     
  6. نرمل

    نرمل
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏7 اپريل 2010
    تحريرون:
    131
    ورتل پسنديدگيون:
    69
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ادب سان دلچسپي ۽ وڪالت
    ماڳ:
    شاهه لطيف چوڪ ڪوٽڙي
    جواب: مضمون

    مهربان دوستو حق موجود!
    جيتوڻيڪ آءُ سنڌي شعبي فائنل ايئر جو شاگرد آهيان ۽ پنهنجي وت ۽ وس آهر جيڪي خدمت توهان معزز دوستن لاءِ سهيڙي ۽ لکي سگهيم اها توهان تائين پهچائڻ جا جتن ڪندو رهندس... توهان جو خادم نرمل
     
  7. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,875
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: مضمون

    جي ادا نرمل اوهانجا موڪليل ليک ئي ٻڌائن ٿا ته اوهان سنڌي ادب ۾ ايم اي ڪري رهيا آهيو۔۔۔ اوهانجو مضمون تي لکيل مضمون پڻ ڪارائتو ۽ معلوماتي ۔۔۔۔
    باقي ادي ممتاز جي حوالي سان ته؛
    عرض آهي ته هي اسان سڀني جا موڪليل ليک جن ۾ شاعري، افسانا، ڦوٽو، تاريخ يا سياست‌ ۽ معلوماتي ليک پڻ ادب جو ئي حصو آهن ۔۔۔ ادب جي معني آهي ٻوليءَ ۾ لکيل هر ليک پوءِ اهو ڪنهن به موضوع تي هجي ۔۔۔ انڪري ائين چوڻ ته سنڌ سلامت تي ادبي ليک گهٽ اچن ٿا سا ڳالهه نه چئبي ها ايئن چئبو ته ادب جي تشريح جي حوالي سان گهٽ ليک آهن جنکي ادو نرمل پورو ڪري پاڻ ملهائي پيو

    ادب ۾ ايم اي ڪندڙ دوستن لئه سندس لکيل ليک انتهائي ڪارائتا آهن ۽ مونکي لڳي ٿو ته نرمل صاحب مستقبل قريب ۾ سنڌي ادب ۾ هڪ ناميارو اديب ٿي اڀرندو ۔۔۔ اسانجون دعائون ساڻس گڏ آهن ۔۔۔
     
  8. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,395
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    جواب: مضمون

    ادا ابڙا صاحب رهنمائي لاء مهرباني۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو