پهريان تفصيل سان پڙهو ۽ پوء پنهنجا رايا ڏيو.

'سنڌ جا تاريخي ماڳ ۽ مقام' فورم ۾ عبدالرحيم گجراڻي طرفان آندل موضوعَ ‏9 آڪٽوبر 2014۔

  1. عبدالرحيم گجراڻي

    عبدالرحيم گجراڻي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2014
    تحريرون:
    901
    ورتل پسنديدگيون:
    1,989
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    استاد
    ماڳ:
    تنگواني ڪشمور
    دوستو مان شهيد هوش محمد شيديء جي مجسمي تي ايم ڪيو ايم جي جهنڊي مطلق اوهان سان ڪجه ڳالهيون شيئر ڪيان ٿو.
    پهريان تفصيل سان پڙهو ۽ پوء پنهنجا رايا ڏيو.
    مان ڪاله حيدرآباد جي ايس ايس پي صاحب جي هائوس تي فون ڪئي پاڻ صاحب نه مليو مون ان جي سيڪريٽريء کي ايم ڪيو ايم پاران هنيل جهنڊي بابت سڄي تفصيلي ڳاله ٻڌائي ۽ ان کي چيم ته اوهان مهرباني ڪري ايس ايس پي صاحب منهنجو هي پيغام پهچايو. ان کان پوء اي ايس پي ڪنٽونمينٽ عمر طفيل صاحب ۽ ايس ايڇ او ڪنٽونمينٽ شمس کوکر کي سڄو تفصل ڏنو جنهن چيو ته مان هينئر ئي فورس وٺي اهو جهنڊو لهرايان ٿو بس مون کي شام تائين ڇڏيو.
    چوويه ڪلاڪ گذرڻ باوجود مان هينئر هوشو شيديء جي مجسمي تان ڏسي موٽي آهيان ته اهو جهنڊو ساڳيو لڳو پيو آهي اڃا به پنج جهنڊا ٻيا به وڌيڪ لڳل آهين، مان ان مهل ئي ڪنٽونمينٽ ٿاڻي تي ويس وڃي رپورٽ لکرائي پر ان وقت ايس ايڇ او ٿاڻي تي موجود ڪونه هيو ڊيوٽي آفيسر وٽ رپورٽ لکرائي آهي، ان کان پوء اچي مون پريس ڪانفرنس ڪري ضلعي انتظاميه کي چوويه ڪلاڪن جو الٽي ميٽم ڏنو آهي ته اهي جهنڊا لهرايو نه اسين جمعي جي ڏينهن پنهنجي پارٽي ۽ سول سوسائٽي وٺي اچي اهي جهنڊا لهرائينداسون، ان ۾ جيڪڏهن ڪو نقصان ٿيو ته ان جي ذميوري ضلعي انتظاميه تي هوندي.
    هاڻي اوهان دوستن جي ڇا راء آهي؟؟ مان ته پنهنجو قومي فرض پورو ڪندس پر اوهان مان ڪهڙا دوست ساٿ ڏيندا هي اوهان جي امتحان جو وقت آهي.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو