• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

اڳوڻي وزيراعظم مير ظفرالله خان جمالي طرفان سنڌين جي توهين

محمد خان سيال

سينيئر رڪن
اڳوڻي وزيراعظم مير ظفرالله خان جمالي چيو هو: سنڌين کي سدائين روئڻ جي عادت آهي

مير ظفرالله خان جمالي اڳوڻي چوٿين ملٽري ڊڪٽيٽر ۽ نسلي مت ڀيد رکندڙ جنرل پرويز مشرف جي دور ۾ ڊمي وزيراعظم هو ـ کيس ڪي به اختيار ڪونه هئا ـ هڪ ڀيري جنرل مشرف جي صدارت ۾ ميٽنگ ٿي هئي ته کيس ٻاهر ويهاري ڇڏيو هئائون ـ
سنڌين، بدنام ڪالاباغ ڊيم جي مخالفت ڪئي هئي ۽ سنڌ سان ٿيندڙ ٻين زيادتين خلاف آواز بلند ڪيو هو ـ ڊمي ۽ يوئرس موسٽ اوبيڊنٽ سرونٽ مير ظفر الله خان جمالي سنڌين خلاف بيان ڏنو هو جيڪو رڪارڊ تي آهي: سنڌين کي سدائين روئڻ جي عادت آهي ـ
تن ڏينهن ۾ مان نيٽ تي انگريزي اخبار سنڌ ٽه ڊي ڊاٽ نيٽ ڪڍندو هوس سو مون اهڙي خبر هلائي هئي ـ انهيءَ آن لائين انگريزي اخبار تي جنرل مشرف جي حڪومت 26 جولاءِ 2006 تي بندش وڌي هئي ـ
سو مير ظفرالله جماليءَ جهڙا چمچا کوڙ آهن جيڪي پنهنجن آقائن کي خوش ڪرڻ لاءِ سنڌين جي توهين ڪرڻ کان به نه مڙندا آهن ـ
 
Back
Top