• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

تنقيد برداشت نه ڪندڙ سياسي ڄامڙن کي ٻين تي تنقيد جو ڪوبه حق ناهي

محمد خان سيال

سينيئر رڪن
اسان وٽ ڪجھه ماڻھو شيشي جي گھر ۾ رهندي ٻين تي پٿر ڦٽا ڪندا رهندا آهن ـ سولي سنڌيءَ ۾ چئبو: پنهنجي سياسي ليڊر تي تنقيد برداشت نه ڪندڙن کي ٻين سياسي اڳواڻن تي تنقيد ڪرڻ جو ڪوبه حق ناهي ـ ساري دنيا اختلاف راءِ جي حق کي مڃي ٿي پر اسان وٽ سنڌ جا ڪجھه ٺيڪيدار، اهڙو حق ٻين کي ڏيڻ لاءِ هرگز تيار ڪونهن ۽ موٽ ۾ مخالفن کي لاڳيتو دڙڪا دهمان ڏيندا رهن ٿا ـ اٽلندو پاڻ سارو ڏينهن ٻين تي گند ڦٽو ڪندا رهندا آهن ۽ پنهنجي سياسي ليڊر توڙي پاڻ کي، تنقيد جو حق نه ڏئي پاڪ پوتي هئڻ جو تاثر به ڏيندا رهندا آهن ـ اهڙا ماڻهو ايڪيهين صديءَ ۾ رهندي به اُٺ پکيءَ وانگيان واريءَ ۾ منڍڙي لڪائي اهو سمجھندا آهن ته طوفان جو خطرو ٽري ويو آهي ـ
منهنجي اهڙن سياسي ڄامڙن کي گذارش آهي: يا ته هو ٻين کي تنقيد جو حق ڏين يا وري مخالف سياسي ليڊرن تي پاڻ تنقيد ڪرڻ ڇڏي ڏين ڇاڪاڻ ته اهو ڪئوڙو سچ آهي ته سنڌ اڄ جيڪو ڀوڳي رهي آهي سو سندن ليڊر جي ماضيءَ ۾ ڪيل وڏين غلطين جو ئي نتيجو آهي ـ
 
سيال صاحب
تنقيد هڪ اهڙي ڇاڻي يا پروڻ جو نالو آهي ،جنهن مان ڪو ايمانداريءَ سان ڇنڊ ڇاڻ ڪري ڪنهن به شيءِ کي ڇاڻي ، ان مان ڪڍندو آهي ته جيئن اندڙ وقت ۾ ماڻهن کي ان مان رهنمائي ملي . پر هتي منافقي ، مقاري، بي ايماني ۽ نفرت واري تلوار هٿ ۾ کڻي تنقيد جي نالي تي چيريو ڦاڙيو ٿو وڃي ۽ ڪردارڪشي ڪئي ٿي وڃي . اهڙيون ڪريل حرڪتون به ڪوڙي سڃاڻپ وسيلي ڪئيون ٿيون وڃن . اهڙي گندي حرڪت ڪندڙ پاڻ کي جيڪڏهين درست ،ايماندار ۽ صحيح تنقيد نگار چوائي ٿو ته پوءِ ٻاهر نڪري ميدان ۾ اچي ۽ پنهنجو اصلي بڻ بنياد ظاهر ڪري ته بهتر ٿيندو ۽ ان جي ڳالهين تي ڪو يقين به ڪندو
 
Back
Top