محمد خان سيال
سينيئر رڪن
اسان وٽ ڪجھه ماڻھو شيشي جي گھر ۾ رهندي ٻين تي پٿر ڦٽا ڪندا رهندا آهن ـ سولي سنڌيءَ ۾ چئبو: پنهنجي سياسي ليڊر تي تنقيد برداشت نه ڪندڙن کي ٻين سياسي اڳواڻن تي تنقيد ڪرڻ جو ڪوبه حق ناهي ـ ساري دنيا اختلاف راءِ جي حق کي مڃي ٿي پر اسان وٽ سنڌ جا ڪجھه ٺيڪيدار، اهڙو حق ٻين کي ڏيڻ لاءِ هرگز تيار ڪونهن ۽ موٽ ۾ مخالفن کي لاڳيتو دڙڪا دهمان ڏيندا رهن ٿا ـ اٽلندو پاڻ سارو ڏينهن ٻين تي گند ڦٽو ڪندا رهندا آهن ۽ پنهنجي سياسي ليڊر توڙي پاڻ کي، تنقيد جو حق نه ڏئي پاڪ پوتي هئڻ جو تاثر به ڏيندا رهندا آهن ـ اهڙا ماڻهو ايڪيهين صديءَ ۾ رهندي به اُٺ پکيءَ وانگيان واريءَ ۾ منڍڙي لڪائي اهو سمجھندا آهن ته طوفان جو خطرو ٽري ويو آهي ـ
منهنجي اهڙن سياسي ڄامڙن کي گذارش آهي: يا ته هو ٻين کي تنقيد جو حق ڏين يا وري مخالف سياسي ليڊرن تي پاڻ تنقيد ڪرڻ ڇڏي ڏين ڇاڪاڻ ته اهو ڪئوڙو سچ آهي ته سنڌ اڄ جيڪو ڀوڳي رهي آهي سو سندن ليڊر جي ماضيءَ ۾ ڪيل وڏين غلطين جو ئي نتيجو آهي ـ