ڪئمرا ورڪ ڪيئن ڪجي؟شوٽ پلان ۽شاٽ پلان ڇا آهي؟اچوته ميڊيا۾ڪيريئر جو آغاز ڪرڻ سکون۽سنڌ خوشحال بڻايون

'اکر پڙهه الف جو' فورم ۾ Sindhi Media طرفان آندل موضوعَ ‏11 آڪٽوبر 2014۔

  1. Sindhi Media

    Sindhi Media
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    3,788
    ورتل پسنديدگيون:
    4,295
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    نيو سعيد آباد سنڌ
    ڪئمرا ورڪ ڪيئن ڪجي؟ شوٽ پلان ۽شاٽ پلان ڇا آهي؟ اچو ته اليڪٽرانڪ ميڊيا۾ پنهنجي ڪيريئر جو آغاز ڪرڻ سکون۽سنڌ خوشحال بڻايون!
    [​IMG]
    ڪنهن به ڪم کي هٿ ۾ کڻڻ لاءِ سڀ کان پهرئين اُن ڪم جي پلاننگ ڪرڻ لازمي اهي. هي هڪ اهم قدم آهي هڪ بهترين ميڊيا ماسٽر بڻجڻ لاءِ، هيءَ اهڙو شعبو آهي جنهن ۾ تمام گهڻي قوت جي صرورت پوي ٿي، ڪئمرا ورڪ هڪ وڏي پروجيڪٽ لاءِ محض هڪ ڪرت آهي ۽ هر ميڊيا ڪرت جو گول يا ٽارگٽ آهي هڪ مُڪمل وڊيو بنائڻ پوٰ اُها چاهي پنهنجي گهر جي هُجي، ڪنهن ٽي وي پروگرام لاءِ يا پنهنجي پاڻ کي پروجيڪٽ ڪرڻ لاءِ ڪنهن ڪمپنيءَ کي تيار ڪري ڏيکارڻ جي. هڪ بهترين ڪئمرا ورڪ لاءِ لازمي آهي ته ته توهان کي وڊيو ٺاهي پيش ڪرڻ جي مُڪمل پروسيس (طريقي) جي خبر هُجي. ته توهان هڪ سيکڙاٺ مان هڪ مُڪمل پروفيشنل بڻجي ميڊيا ۾ داخل ٿي وڃو ۽ هڪ ٻئي لاءِ بهترين ڪم ڪري چيلينج بڻو ته توهان جي ريٽنگ جُڙي ۽ ميڊيا يا چينل توهان کي هٿون هٿ کڻن. (وڌيڪ مضمون ڪلڪ ڪري پڙهو)
     
    انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم: ‏11 آڪٽوبر 2014
  2. Sindhi Media

    Sindhi Media
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    3,788
    ورتل پسنديدگيون:
    4,295
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    نيو سعيد آباد سنڌ
    دوستو! اسانکي ۽ توهانکي به احساس ۽ سمجهه آهي ۽ زمينون حقيقتون به آهن ته سنڌ، جي ڪن ڌاڙيل ۽ پاٿاريدار نمان ۽ پوءِ ڍايل عياش وڏيرن ۽ راشي ڪامورن، معصوم سنڌين کي ڏهاڪن کان غلام بڻائي، پنهنجي ونگار لاءِ تاتيو آهي ۽ خاص طور ٻهراڙيءَ وارن سنڌين لاءِ (عام، فني يا پروفيشنل) تعليم کي، (بشمول ٽرانسپورت ۽ صحت جون سهولتو)ن هڪ سازش تحت بلڪل ناپيد ڪيو آهي ته جيئن غريب، مُفلس، لاچار، بيوس ۽ معصوم سنڌي ماڻهون سندن ڄار ۾ ڦاٿا رهن جن کي هو پوءِ اوتارا ٺاهي نشن جا موالي يا پينون فقير بڻائي، عزت نفس کان پري ڪري، پنهنجي عياشن جو بندوبست ڪرڻ وارو ڀڙوو، يا پنهنجي ڪاروبار جي وڌاءَ لاءِ چور، ڌاڙيل بڻائڻ جي ڪوششن ۾ آهن. ته پوءِ اهي معصوم سنڌي ڀلي دُنيا اڳيان نيچ، ذليل و رسوا رهن ۽ هميشه لاءِ انهن پيرن، شاهن ، ميرن، رئيسن، راشي ڪامورن، ڀوتارن ۽ پوءِ ڍايل ڌاڙيل نما وڏيرن ۽ جاگيردارن، جي دروازي تي پنهنجي عزتمند عورتن سميعت جُتيون گسائين. ۽ سندن ڇاڙتا ۽ غلام ٿي رهن ۽ خدمت ڪندا رهن. ته دوستو ! اهڙن معصوم سنڌين کي بچائڻ لاءِ ۽ اهڙن ڀوتارن ۽ راشي ڪامورن جي ان سازش ۽ مشن کي ناڪام بڻائڻ لاءِ، اسان (ايجيوڪيٽ سنڌ مشن) تحت، مُفت موبائل ۽ آن لائين اسڪول، ڪاليج ۽ يونيورسٽين جو پروگرام جوڙيو آهي، جيئن ڳوٺ ڳوٺ ، گهر گهر، پُهچي معصوم سنڌي ماڻهن کي وچڙيل بيمارين بترتيب : (موالي، پينون فقير، ڀڙوو، ڇاڙتو ،چور، ڌاڙي ۽، پاٿاريدار)، ٿيڻ کان بچائي ايجيوڪيٽ ڪري سگهجي ته هو اهي معيوب پيشو اپنائڻ بجاءِ، هوعلم ۽ ڪا ڪرت (فن) سکي روزگار حاصل ڪري ۽ ڏيهه پرڏيهه وڃي محنت ڪري حلال جو روزگار ڪمائي سگهي ۽ واپس عزت وارو انسان ٿي وري جنهنجي تربيت هُن باب الاسلام وارو سنڌي بڻجي ورتي هُئي ۽ دُنيا سان ترقين ۽ ذهانتن ۾ سامهون اچي، هميشه لاءِ ڪاپي ۽ سفارشي، رشوتي ڪلچر کان بچي، ميرٽ ۽ ٽيلنٽيڊ سنڌي ٿي اُڀري. هن پيج تان اسان سڀني دوستن لاءِ کي مُفت سکيا جو پروگرام بڻايو اهي ته جيئن پاڻ به سکن ۽ اهڙن معصوم سنڌين کي به سيکاري ڀوتارن جي غلاميءَ مان ٻاهر آڻين. هي سکيا، اُستادي شاگرديءَ جي آڙ ۾ 4 يا 5 سالن کان پوءِ سکي اڳتي وڌي روزگار حاصل ڪرڻ وارن لاءِ به رهنمائي بڻبي،۽ هو چند هفتن ۾ ئي سمجهي ۽ سکي سگهندا ۽ پوءِ ڏيه پرڏيه وڃي دُنيا جهڙو ٿي، هڪدم عملي روزگار سان لڳن ته سنڌ به خوشحال بڻجي. هن سوشل ميڊيا جي نوٽ پيج تي اسان هر ڪورس ڊزائين ڪري رکيو آهي ۽ ٻيا ڪورس به ڊزائين ڪري رکنداسون جيئن توهان انهن تي ڀيرو ڀريو. جيڪي سيکڙاٺ اهو علم پرائي سرٽيفڪيٽ حاصل ڪرڻ چاهين ٿا ته اُهي پاڻ کي اسان وٽ پنهنجي ڪرت ۽ تعليم جي ڊيٽا موڪلي رجسٽر ڪن ته اُهي مُفت ڪورس جي سکيا ۽ تڪميل کان پوءِ ان قابل بڻجن ته ڪنهن اداري ۾ وڃي ڪم ڪري سگهن ۽ اُنهن جون ٽيسٽون پاس ڪري روزگار حاصل ڪن. دوستو سگهوئي اسان ۽ توهان ملي، ڳوٺ ڳوٺ وڃي موبائل سکيا جو پلان به تيار ڪنداسون ۽ جلد ئي هڪ باقائدگيءَ سان ڪم ڪندڙ ۽ قائم تعليمي مرڪز، بنام (ساليوُوڊ پروڊڪشن، پبليڪيشن ۽ ريسرچ سينٽر ) جو سنڌ جي وچ واري شهر نيوسعيدآباد ۾ اهتمام ڪرڻ ۾ به رڌل اهيون جتي پورن اڪئپمينٽس سان ريگيولر (ٻنپهر ۽ شام ۽ رات) ۽ ويڪلي ڪورس ڪرائي توهان کي تعليمي ميدان ۾ ڌارين قومن جي مد مقابل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي. اسان اپيل ٿا ڪريون ته هر ڳوٺ ۾ جي ڪو سماجي ڪم سان مُحبت رکندڙ تعليم يافته فرد رهي ٿو ته آهي ته اهو اسان سان ٻانهه ٻيلي ٿئي ۽ هن سنڌي قوم جي خدمت ۾ ڀائيار ٿئي ته سنڌي قوم کي جهالت ۽ اونداهيءَ مان ۽ عياش ۽ شودن وڏيرن ۽ ڀوتارن جي غلاميءَ مان ٻاهر ڪڍي سهجي ۽ موالي، پينو فقير، ڀڙوو، چور يا ڌاڙيل بجاءِ هڪ محنت ڪش ، هُنر ڄاڻي روزگار ڪندڙ ۽ حق حلال ڪمائي کائڻ وارو سنڌي بڻائي سگهجي. اسانجو ۽ پنهنجو ۽ پنهنجي نڌڻڪي قوم جو ساٿ ڏيو.
    [​IMG]
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو