ڪئمرا لائيٽنگ ڪيئن ڪجي، ڇو ضروري آهي ۽ رڪارڊنگ ڪرڻ وقت لائٽنگ جو هُئڻ لازمي آهي؟ اهي سوال آهن جيڪي رڪارڊنگ وقت ضروري آهن. اچو ته ڪنهن به فوٽو يا سين کي رڪارڊ ڪرڻ لاءِ صحيح ۽ سين جي ڊمانڊ تحت لائٽنگ ڪرڻ جو فن هر ڪئمرا آپريٽر، ڪئمرا مين۽ پروگرام ڊائريڪٽر کي سکڻ لازمي ۽ اچڻ گهرجي .پراپر لائيٽ جو هر حال ۾ هُئڻ لازمي آهي. ٻين لفظن ۾ ائين کڻي چئجي ته پراپر لائٽنگ جي نه هُئڻ جو مطلب ته ڪئمرا آپريٽر، ڪئمرا مين يا پروگرام ڊائريڪٽر هن ميڊيا فن مان نٿو ڄاڻي ۽ ان جي ناڪاميءَ ۽ جاهليت جو ڏيک ڏيندي. بهترين ڊرامان ڊائريڪٽر ٿيڻ لاءِ لائٽنگ جو سکڻ، سمجهڻ ۽ ڪنهن به آبجيڪٽ کي، رڪارڊ ڪرائڻ، پوءِ اُهو ڇو نه ڏينهن جو آئوٽ ڊور ۾ شوٽ ٿئي، يا رات جو گهرن يا ڪمرن ۾ انڊور ۽ رات جا منظر يا ڏينهن جامنظر شوٽ ڪرڻ وغيره لاءِ لائيٽنگ جو فن اچڻ گهرجي. هتي اسان توهان کي پهرئين لائيٽنگ بابت معلومات ۽ پوءِ ان جي ضرورت تي ٻُڌائينداسون. (وڌيڪ تفصيل پڙهڻ لاءِ ڪلڪ ڪريو)