محترم عبدالرحيم گجراتي !
شايد اوهان کي سمجهڻ ۾ ڪا غلطي ثي آهي يا ڪو اهڙو لفظ جيڪو غلط العام طور استعمال ٿيندو هجي انهن کي ڪامريڊ سمجهي ويٺا آهيو . بابلا سائين سنڌ ۾ ته ڪامريڊن جو ڪو نالو نشان ئي ڪونهي ،جيڪڏهين ڪو ايڪڙ ٻيڪڙ هوندو به ته اهو ڪنهن کان ڀتي وٺڻ جي پوزيشن ۾ ئي ڪونه هوندو . باقي ڪن ٻين فردن کي ڪامريڊ سمجهي ويٺا آهيو ته انهن جو اصلي نالو کڻو ته اسان کي ڳاله سمجه ۾ اچي .
باقي محترم غلام مصطفى ميمڻ صاحب جن جيڪو لکيو آهي اهو سو سيڪڙو درست آهي ته ڀتو اهو ماڻهو ڏيئي سگهي ٿو جيڪو پاڻ ڪرپٽ هجي يا ڊيڄو هجي . ايماندار ۽ دلير کان ڪو به ماڻهو ڀتي وٺڻ جي جرعت ڪري نه ٿو سگهي . کوڙ سارا مثال آهن .ڊاڪٽر اديب کان ته ڪو ڀتو وٺي ڏيکاري. اهڙن ماڻهن جي دل تڏهين وڌي ويئي آهي جو اسان پاڻ ڊڄڻا ٿي پيا آهيو يا وري ڪرپٽ. جيسين تائين اسان ۾ انهن ڪمزورين مان جيڪڏهين ڪا هڪ به موجود آهي ته زوري ڀتو يا چندي وٺندڙن ۾ واڌارو ٿيندو رهندو .گهٽتائي ڪا نه ٿيندي .