• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

نور احمد ميمڻ ٽي تلوار تي آيل مظاهرين کان وچن وٺندي.وچن

اسان شاهه لطيف جي سنڌ جا
سڀ سنڌي مرد ۽ ناريون
پنهنجي خدا
۽ پنهنجي ضمير کي
شاهد بڻائي وچن ٿا ڪريون
ته سنڌ ڌرتي
اسان جي ماءُ آهي.
هن ڌرتيءَ لاءِ اسان
پنهنجي ٻچن سميت
قربان ٿينداسين.
سڀ وسيلا قربان ڪنداسين
پر سنڌ جيجل جو ورهاڱو
هرگز قبول نه ڪنداسين.
اسان وچن ٿا ڪريون ته
اسان مان هر هڪ سنڌي
ٻئي سنڌيءَ کي ڀاءُ سمجهندو
۽ سنڌ جي حفاظت لاءِ
هڪٻئي جي ڀائرن وانگر
مدد ۽ سهڪار ڪندو.
هي اسان جو رضاڪاراڻو قسم آهي.
هي اسان سڀني سنڌين جو وچن آهي.
 
Back
Top