عبدالرحيم گجراڻي
سينيئر رڪن
جوڙي قلب بيت ربّي، انسان ۾ سمايو،
ڏسي ذات کي صفت ۾، ملڪن ٿي سر نمايو.
آدم جو پوش پائي، آيو پاڻ کي لڪائي،
مچ عشق جو مچائي، خود عشق بنجي آيو.
ڏئي حسن جو ڏيکارو، وري پاڻ ٿيو نيارو،
سوريءَ جو ڪيئين اشارو، سر عاشقن سنڀايو.
اصلئون هو سر حقاني، لاريب لامڪاني،
منجهه رمز لَن تراني، وري طُور ڪنهن جلايو.
”ولي محمد“ سنڀارج، ذاتي نه دم وسارج،
پنهنجو پاڻ ۾ نهارج، صورت سان پيچ پايو.
____________
حضرت فقير ولي محمد لغاري صوفي القادري
ڏسي ذات کي صفت ۾، ملڪن ٿي سر نمايو.
آدم جو پوش پائي، آيو پاڻ کي لڪائي،
مچ عشق جو مچائي، خود عشق بنجي آيو.
ڏئي حسن جو ڏيکارو، وري پاڻ ٿيو نيارو،
سوريءَ جو ڪيئين اشارو، سر عاشقن سنڀايو.
اصلئون هو سر حقاني، لاريب لامڪاني،
منجهه رمز لَن تراني، وري طُور ڪنهن جلايو.
”ولي محمد“ سنڀارج، ذاتي نه دم وسارج،
پنهنجو پاڻ ۾ نهارج، صورت سان پيچ پايو.
____________
حضرت فقير ولي محمد لغاري صوفي القادري