ميڊيا ۾ دلچسپي رکندڙ مُفت آن لائين ميڊيا ڪورس سکن ۽ نوٽس ڪاپي ڪري رهنمائي وٺن(ايجيوڪيٽ سنڌ)

'اکر پڙهه الف جو' فورم ۾ Sindhi Media طرفان آندل موضوعَ ‏13 آڪٽوبر 2014۔

  1. Sindhi Media

    Sindhi Media
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    3,788
    ورتل پسنديدگيون:
    4,295
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    نيو سعيد آباد سنڌ
    ميڊيا ۾ دلچسپي رکندڙ مُفت آن لائين ميڊيا ڪورس سکن ۽ نوٽس ڪاپي ڪري رهنمائي وٺن(ايجيوڪيٽ سنڌ)
    [​IMG]
    سنڌي آرٽسٽس ويلفيئر ايسوسيئيشن(ساوا) گُلستان جوهر برانچ ڪراچي، ساليُووڊ پروڊڪشن، پبليڪيشن ۽ ريسرچ سينٽر (نيوسعيدآباد) ضلع مٽياري جي انتظاميا ۽ ٿنڪ ٽينڪ ٽيم جي تعاون سان سنڌ جي ماڻهن لاءِ ، جيڪي سنڌي ميڊيا ۾ داخل ٿي پنهنجي ميڊيا ڪيريئر جو آغاز ڪرڻ چاهين ٿا، لاءِ اسان (مفت آن لآائين) ٽريننگ پروگرام ۽ ٻين آنلائين پروجيڪٽ (ايجيوڪيٽ سنڌ مش) تحت اڳيان قدم وڌايو آهي. جنهن ۾ توهان سڀني سنڌي ڀائُرن ۽ ڀينرُن کي ميڊيا سان رليٽيڊ، هر قسم جي مُفت سکيا ، بذريعا نوٽس ڏنا ويندا، ته جيئن اسانجا گهڻي ۾ گهڻا پڙهيل لکيل نوجوان سنڌي ميڊيا ۾ داخل ٿين ۽ ڪريئيٽو پروگرام پيش ڪن ته سنڌي روايتي جهالت طرف ڌڪو ڏيندڙ پروگرامن مان ٻاهر نڪري اچن ۽ خون ۾ رچايل موالي ڪلچر، قبيلائي جهيڙن جهٽن، پيري مُريدي، چور ڌاڙيل، وڏيرو ڪمدار شاهي ڪلچر، پوليس ۽ راشي ڪامورو جوڙ ڪلچر، علم حصوليت ۾ ڪاپي ۽ سفارشي ڪلچر وغيره مان نڪري ميرٽ ۽ محنت ڪش، پروفيشل سنڌي بڻجي دُنيا سان اکين ۾ اکيون ملائي ترقي ڪري سگهن. ته ڊڪٽيٽرن جي سازش تحت، پيرن، شاهن،پو ڍايل وڏيرن،ڌاڙيل نما جاگيردارن ۽ راشي ڪامورن طرفان موالي بڻائيل غريب ، مُفلس غلام سنڌي به آزاد ٿي، عزت ڀريو حلال روزگار ڪمائي واپس 711ع واري باب الاسلام ۾ داخل ٿي وڃي جتان کين سازش تحت ٿڙيو ويو آهي. اسانجا سڀ ٽريننگ نوٽس توهان کي اسانجي ٽائيم لائين ۽ نوٽس ۾ ملي ويندا يا سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام تي. ۽ ڊجيٽل بوڪ ٺاهي (سلائيڊ شيئر ڊاٽ نيٽ سليش سنڌي ميڊيا تي محفوظ ڪيا ويا آهن. جيڪي دوست اسانجي اداري سان رجسٽر ٿيندا اُنهن کي ڪورس جي تڪميل کان پوءِ هڪ خوبصورت سکيا سرٽيفڪيٽ به ڏنو ويندو. رجسٽر ٿيڻ لاءِ پنهنجا تفصيل هڪ پاسپورٽ فوٽو سان سنڌي ميڊيا تي اي ميل ڪندا.
    ياد هي ته سڀ انسان برابر آهن ۽ ڪو ڪنهنجو غلام ناهي! ڏات صرف ۽ صرف پرهيزگاري تي آهي نه ذات پات، رنگ، نسل تي! جنهن کي نبي سائين جهالت چئي ختم ڪري ويا ۽ هڪ لک 24 هزار نبي به ان جهالت جي خاتمي لا آندا ويا ۽ نبي سائين (صلعم) جو آخري خطبوسمجهاڻي لا ڪافي آهي. ته علم پرايو! جهالت مان نڪرو!
     
    انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم: ‏13 آڪٽوبر 2014
  2. Sindhi Media

    Sindhi Media
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    3,788
    ورتل پسنديدگيون:
    4,295
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    نيو سعيد آباد سنڌ
    [​IMG]
     
    انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم: ‏13 آڪٽوبر 2014

هن صفحي کي مشهور ڪريو