سنڌ سلامت جو مهندار ڏاڍو مصروف!

'ٿورا نه ٿورا مون تي ماروئڙن جا' فورم ۾ عبدالحفيظ لغاري طرفان آندل موضوعَ ‏14 آڪٽوبر 2014۔

  1. عبدالحفيظ لغاري

    عبدالحفيظ لغاري
    منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏23 سيپٽمبر 2010
    تحريرون:
    1,775
    ورتل پسنديدگيون:
    5,826
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سائنٽيفڪ آفيسر، پي سي ايس آءِ آر
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ڪراچي
    سنڌ سلامت جي سرواڻ ذيشان رشيد سان ڊگهين ڪچهرين جا احوال ڪڏهن آئون ته ڪڏهن سليمان وساڻ ڪندا رهون ٿا جن تي ڪو يقين ڪندو آهي ڪو نه پر اڄ فيس بُڪ وقت به وقت بهترين دوست ڏسڻ لاءِ ڏيندڙ ايپليڪيشن مان هڪ اهڙي ڏني جنهن گهڻا پول کولي وِڌا. ان ۾ بهترين دوست لاءِ بُنياد فيس بُڪ تي وڌ ۾ وڌ ميسيج ڪرڻ هو.
    شروعات شايد هن نا چيز ڪئي پر پوءِ عبيدالله "عبيد" ٿهيم @عامر ضياء چارڻ ۽ علي علي جي وال تي به رشيد ملهه ماري. هاڻ سليمان وساڻ ڪيئن نه کِلي ;). رشيد ڀلي کڻي عُرس وارو مصروف هُجڻ لاءِ چيل جُملو ترميم ڪري ايئن چوندو هُجي ته ”مصروفيت ايڏي آ جو مٿو کنهڻ جي فُرصت ناهي“ پر هي سڀ ڇا آهي؟؟؟؟؟ جڏهن ته مون کي لڳندو آهي رشيد ئي ميسيج جي ڪنهن به طريقي تي گهٽ ۾ گهٽ لفٽ ڪرائيندڙ دوستن مان آهي.

    [​IMG]
    [​IMG]
    [​IMG]
    [​IMG]

    پر مذاق کان هٽي ڳالهه ڪجي ته اهي ڊگها حوال رشيد پنهنجي ڪنهن ذاتي ڪم نه پر اڪثر سنڌسلامت جي سنوارڻ لاءِ ئي ڪندو آهي.​
     
    11 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. گورڌن ولاسائي

    گورڌن ولاسائي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏11 مئي 2012
    تحريرون:
    335
    ورتل پسنديدگيون:
    1,219
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    هل پنهل......
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. غلام مصطفي ميمڻ

    غلام مصطفي ميمڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏8 آڪٽوبر 2010
    تحريرون:
    1,524
    ورتل پسنديدگيون:
    3,476
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Govt job
    ماڳ:
    karachi, originally district Dadu
    ادا توهان سڀني کي شاباس آهي، جو پنهنجي مصروفيات مان ٽائيم ڪڍي هڪ ٻئي کي ايڏا مسيج ٿا ڪيو. اسان سوچيندا آهيون ته اڄ ڪاله اوهان جا معلومات سان ڀريل ليک اسان کي هن اڱڻ تي پڙهڻ جا لاء ڇو نه ٿا ملن. هاڻي خبر پئي آهي ته جڏهن توهان فيس بڪ تي مسيجن ۾ ايترا بيزي هوندو ته ڪٿان ايترو ٽائيم آڻيندا جوهت ليک لکي سگهو. ( سائين مذاق پيا ڪيون دل ۾ نه ڪجو، ڇاڪاڻ ته ڪافي وقت کان عرس پريو، ادا سليمان وساڻ ، عبدالحفيظ لغاري صاحب توهان جا، عامر ضياء صاحب جن جا ،۽ ٻين ڪيترائي ميمبرن جا نوان ليک هن محبتي اڱڻ جي ڪينئوس تي چٽيا نه ويا آهن.) سائين اسان جي اها محبتن واري رائي آهي،ان تي ڪاوڙ نه ڪجو پر پنهنجي معلوماتي ليکن سان هن اڱڻ کي اجاري پنهنجي موجودگي جو اڻمٽندڙ ثبوت ڏيندا.
     
    9 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. عبيد ٿھيم

    عبيد ٿھيم مُنتظم انتظامي رڪن سپر ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏17 فيبروري 2013
    تحريرون:
    2,726
    ورتل پسنديدگيون:
    6,955
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    493
    ڌنڌو:
    سافٽويئر انجنيئر
    ماڳ:
    دبئي
    سنڌسلامت فورم کي سنوارڻ جي ڳالهه هجي يا سنڌي بلاگنگ بابت ڊگهي گفتگو، ميسيج ته ٺهيو پر سائين جن سان ڪال تي ڳالهايون ٿا اسان جي دل نٿي چوي ته ڪال ڊسڪنيڪٽ ڪجي :) پر سائين جي مصروفيت کي نظر ۾ رکندي ڪال ڊسڪنيڪٽ ڪري ٿا ڇڏيون.
    سو چوڻ جو مطلب ته ”هڪ ئي رانجها لکان دا مٽ“.
     
    7 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  5. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    ها ها ها ها ....

    يار هت به ڏس ...... ۽ ها سڀ سمجهو ٿا گهڻو ڪري ڳالهيون ته سنڌ سلامت جون ئي هونديون آهن. پر علي علي جي معاملي ۾ ڪجهه ٻيو آهي .... چئو ته محفوظ ڪيل سندن چيٽنگ ۽ ميسيج هتي شيئر ڪيان، ... اصل ڪلاسيڪل ڪچهري ....

    رشيد سان صرف سنڌ سلامت ئي نه پر نيٽ جي دنيا ۽ زندگيء جي لاهن چاڙهن ۽ ڏکن سورن تي به ڪچهري ٿيندي آهي. اهوئي سبب آهي جو هو اسان سڀني جو فيسبوڪ تي بيسٽ فرينڊ آهي. رشيد لاء دعائون سدا خوش هجي.

    [​IMG]

    سائين ميمڻ صاحب جي ڳالهه درست آهي. آفيس جي نئين اسائينمينٽ ۽ رات تائين ڪم جو نه کُٽڻ سچ ته فيسبوڪ ۽ سنڌ سلامت جي سرگرمين تي اثر انداز ٿيو آهي ۽ ڪيترن ئي دوستن اها شڪايت ڪئي آهي .... پر ڇا ڪجي جو پيٽ گُذر ڪرڻو آهي ....
     
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  6. گورڌن ولاسائي

    گورڌن ولاسائي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏11 مئي 2012
    تحريرون:
    335
    ورتل پسنديدگيون:
    1,219
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    لڳي ٿو رشيد سمون صفا ڪو واندو آهي ها ڪوالٽي جو..... سڀني کي ايترا ميسيج ڪيئن ٿو ڪري سگهي.......
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  7. عبدالحفيظ لغاري

    عبدالحفيظ لغاري
    منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏23 سيپٽمبر 2010
    تحريرون:
    1,775
    ورتل پسنديدگيون:
    5,826
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سائنٽيفڪ آفيسر، پي سي ايس آءِ آر
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ڪراچي
    فڪر نه ڪريو. بس پُهتا بيٺا آهيو. رُھو 1000 ميسيج جي دير آهي
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  8. عبيد ٿھيم

    عبيد ٿھيم مُنتظم انتظامي رڪن سپر ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏17 فيبروري 2013
    تحريرون:
    2,726
    ورتل پسنديدگيون:
    6,955
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    493
    ڌنڌو:
    سافٽويئر انجنيئر
    ماڳ:
    دبئي
    واندو هُجي ها ته واهه واهه ٿي وڃي ها. مصروف ترين شخص آهي :)
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو