هر وک تي آ عذاب سائين

جبار آزاد منگي

سينيئر رڪن
غزل
جبارآزاد منگي

هر وک تي آ عذاب سائين،
هر محفل آه ڪذاب سائين.

فريبي مرڪون سجائي مُک تي،
دوست اندر ۾ ڪساب سائين.

مسڪين ماڻهو ماري مڪر ۾،
شب روز ملهائي شباب سائين.

لوفر رهزن بڻيو رهبر،
بند قانوني ڪتاب سائين.

ڪوڙ جي منهن ۾ ڌوڙ نه ڪائي،
سچ ٿي ويو آ حجاب سائين.

رشتا رويا بدليو زمانو،
محبت ۾ هاڻي حساب سائين.

نينهن جا هڻندي نعرا نعرا،
سورهيه ٿي ويو ڪباب سائين.

دغا ۽ دوکي ۾ جو جيئي،
حياتي ان جي حباب سائين.

”آزاد“نه ڪوئي هتڙي آهي،
غلام جو ويڙهيل نقاب سائين.
 
Back
Top