پاڙي جي ملان تمام چڱيءَ ريت وتايي فقير کي هدايت ڪئي، مسلمانن کي نماز پڙهڻ گهرجي، جيڪو نماز نٿو پڙهي، سو مسلمان ئي ناهي ، اُٿي هلي نماز پڙھ . وتايو ساڻس گڏجي نماز پڙهڻ ويو ، اڃا فرض جوٽيائون تہ پٺيان واڪو ٿيو تہ ” وتايا ڪٿي آهين ؟ ڊوڙي آءٌ تنهنجي گهر جي لوڙهي کي باهہ لڳي ويئي آهي. اهو آواز ٻڌي نماز کي اڌ ۾ ڇڏي ، فقير گهر ڏانهن ڀڃندو ويو ۽ چوندو ويو تہ هنن مُلن کي گهڻئي ڀيرا چيو اٿم ادا، توهان واري مون کي نماز ڀانءِ نٿي پوي، تڏهن بہ پچار نٿا ڇڏين ، هاڻ خوش ٿيا هوندا جو وتايي جو گهر پيو سڙي .
هرڪو وتايو نه ٿي سگهندو . هڪ ڀيري وتايو فقير درياءَ جي ڪپ تي ويٺو هو ته هڪ شخص آيو ۽ ٻيڙيءَ جو پڇڻ لڳو.. وتايي فقير چيس ته جيڪڏهن تون مونسان گڏ هلندين ته ڪونه ٻڏندين. ۽ مونسان گڏ هلڻ لاءِ توکي ”وتايو، وتايو وتايو“ چوڻو پوندئي .. همراهه راضي ٿي ويو، ٻئي ڄڻا درياء ۾ لٿا، همراهه وتايو وتايو ڪنديو پئي هليو ته ڪونه ٻڏو، جڏهن وتايي کي ڏٺئين ته وتايو “الله الله” ڪندو پئي هليو، هن همراهه سوچيو ته هي وتايو پاڻ الله الله ڪندو هلي ۽ مونکي وري وتايو وتايو جو ورد ڪرڻ جو چيو اٿس.. آئون به الله الله ٿو ڪريان.. سو همراهه جيئن الله الله جو ذڪر ڪيو ته غوطو آيس ته اتي فقير وراڻيس ”پهتو اڃا وتايي تي ناهين يڪدم الله الله ٿو ڪرين“.. سبق : وڏڙن جي نصيحتن تي عمل ڪريو نه ته دنيا جي درياءَ ۾ غوطا کائيندؤ. ۽ اهو نه ڏسو ته وڏڙا ڇا ٿا ڪن بلڪه اهو ڏسو ته وڏڙا ڇا ٿا چون.