جبار آزاد منگي
سينيئر رڪن
آزاد نظم
جبار آزاد منگي
روز ازل کان سج لهي ٿو،
چنڊ به ان جي پويان آهي،
رات کٽي ٿي باک ڦٽي ٿي،
ڳلي منجهان آواز اچن ٿا،
بک جا در تي دهل وڄن ٿا.
هڙٻاٽون هي نڪتل پورهيت،
بيوس ۽ لاچار رهي ٿو،
محنت ماريو آهي ان کي،
ڪين مليو آ پوءِ به ان کي،
ڪٿان ٽڪر ڀور يا ماني،
ٻالڪ هن جا روز روئن ٿا،
ڳلي منجهان آواز اچن ٿا،
بک جا در تي دهل وڄن ٿا.
زال به پوڙهي کٽ ستل آ،
جنهن جي ڀر ۾ ٻار مئل آ،
او سيئڙو ڀلا ڪنهنجو اٿس؟
هن جون اکيون در کتل هن،
ڳلي منجهان آواز اچن ٿا،
بک جا در تي دهل وڄن ٿا.
هو جو موٽيو هٿين خالي،
ڪيڏي اکين منهجه مايوسي!
ڦهه ٿي کٽ تي هو ڪري ٿو،
ٻار به ان کي ڪين وڻي ٿو،
سڀ کان اتم آهي روٽي،
پيٽ ڀرڻ لاءِ هر ڪو ماڻهو،
ڳولهي ڳولهي ڳولهين ٿا،
ڳلي منجهان آواز اچن ٿا،
بک جا در تي دهل وڄن ٿا.
رات گذاري جنهن نه روئي،
اکين منجه هي جوت جو آئي،
ڪنهن ڏينهن پنهنجو وارو ايندو،
سورج نئون نياپو ڏيندو،
هي جو سورج روز ازل کان،
اڀري اڀري وري لهي ٿو،
ان جي هاڻي ڪهڙي ضرورت؟
جنهن جي اڀرڻ سائي ساجهر،
ڳلي منجهان آواز اچن ٿا،
بک جا در تي دهل وڄن ٿا.
آهي سماج ڏاڍو ميرو،
هاڻي ان کي ڌوئي ڌوئي،
سج نئون اڀاري ڪوئي،
بک جا دهل ڦاڙي سڀئي،
سک ساه کڻڻو آهي،
ويڳاڻو ۽ ويڳاڻو
هاڻي گهر ۾ رهڻو ناهي،
هي جو پورهيت بک مري ٿو،
هاڻي انجو راڄ به ايندو،
ڌرتي ٻري ٿي ڌرتي جلي ٿي،
آزاديءَ جي باک ڦٽي ٿي،
رات کٽي جا باک ڦٽي آ،
تنهن ڏنو پيغام اهيو آ،
آزادي،آزاد رهڻ جو،
گهر گهر مان آواز اٿيو آ،
آزادي اعلان اسانجو،
آزادي اعلان اسان جو.
جبار آزاد منگي
روز ازل کان سج لهي ٿو،
چنڊ به ان جي پويان آهي،
رات کٽي ٿي باک ڦٽي ٿي،
ڳلي منجهان آواز اچن ٿا،
بک جا در تي دهل وڄن ٿا.
هڙٻاٽون هي نڪتل پورهيت،
بيوس ۽ لاچار رهي ٿو،
محنت ماريو آهي ان کي،
ڪين مليو آ پوءِ به ان کي،
ڪٿان ٽڪر ڀور يا ماني،
ٻالڪ هن جا روز روئن ٿا،
ڳلي منجهان آواز اچن ٿا،
بک جا در تي دهل وڄن ٿا.
زال به پوڙهي کٽ ستل آ،
جنهن جي ڀر ۾ ٻار مئل آ،
او سيئڙو ڀلا ڪنهنجو اٿس؟
هن جون اکيون در کتل هن،
ڳلي منجهان آواز اچن ٿا،
بک جا در تي دهل وڄن ٿا.
هو جو موٽيو هٿين خالي،
ڪيڏي اکين منهجه مايوسي!
ڦهه ٿي کٽ تي هو ڪري ٿو،
ٻار به ان کي ڪين وڻي ٿو،
سڀ کان اتم آهي روٽي،
پيٽ ڀرڻ لاءِ هر ڪو ماڻهو،
ڳولهي ڳولهي ڳولهين ٿا،
ڳلي منجهان آواز اچن ٿا،
بک جا در تي دهل وڄن ٿا.
رات گذاري جنهن نه روئي،
اکين منجه هي جوت جو آئي،
ڪنهن ڏينهن پنهنجو وارو ايندو،
سورج نئون نياپو ڏيندو،
هي جو سورج روز ازل کان،
اڀري اڀري وري لهي ٿو،
ان جي هاڻي ڪهڙي ضرورت؟
جنهن جي اڀرڻ سائي ساجهر،
ڳلي منجهان آواز اچن ٿا،
بک جا در تي دهل وڄن ٿا.
آهي سماج ڏاڍو ميرو،
هاڻي ان کي ڌوئي ڌوئي،
سج نئون اڀاري ڪوئي،
بک جا دهل ڦاڙي سڀئي،
سک ساه کڻڻو آهي،
ويڳاڻو ۽ ويڳاڻو
هاڻي گهر ۾ رهڻو ناهي،
هي جو پورهيت بک مري ٿو،
هاڻي انجو راڄ به ايندو،
ڌرتي ٻري ٿي ڌرتي جلي ٿي،
آزاديءَ جي باک ڦٽي ٿي،
رات کٽي جا باک ڦٽي آ،
تنهن ڏنو پيغام اهيو آ،
آزادي،آزاد رهڻ جو،
گهر گهر مان آواز اٿيو آ،
آزادي اعلان اسانجو،
آزادي اعلان اسان جو.