دماغ جو دشمن ڪير؟

'سائنس جي دنيا' فورم ۾ جبار آزاد منگي طرفان آندل موضوعَ ‏19 آڪٽوبر 2014۔

  1. جبار آزاد منگي

    جبار آزاد منگي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏13 آڪٽوبر 2014
    تحريرون:
    392
    ورتل پسنديدگيون:
    1,111
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    463
    ڌنڌو:
    صحافت
    ماڳ:
    نصيرآباد
    دماغ جو دشمن ڪير؟
    جميل اختر
    انسان طويل عرصي کان ڪڏهن بادام ۽ اخروٽ کائي، ڪڏهن ذهني آزمائش جون ورزشون ڪري ۽ ڪڏهن مختلف دوائون ۽ طريقن سان پنهنجي دماغي صلاحيت وڌائڻ جي ڪوشش ڪندو رهيو آهي. پر ٻئي پاسي ڪو هوريان هوريان سندس دماغ کائي ٿو، هوريان هوريان جيئن ڪوئو شئيون کائي ٿو.
    اسانجو دماغ پنهنجا سمورا ڪم ۽ عمل پنهنجن خلين ذريعي جن کي نيوراڪ چئبو آهي، مڪمل ڪري ٿو، هڪ اندازي موجب انساني دماغ ۾ نيوران جو انگ اوترو آهي جيترو هن ڪائنات ۾ موجود سيارا ۽ ستارا يعني هڪ کرب کان وڌيڪ آهن.
    اسانجو دماغ هڪ ڪمپيوٽر چپ وانگر آهي جنهن ۾ ڪروڙين سرڪٽ آهن جيڪي بجلي سان ڪم ڪندا آهن. دماغ گهربل بجلي پاڻ پيدا ڪري ٿو. اسانجي دماغ ۾ موجود برقي قوت جو اندازو هن ڳالهه مان لڳائي سگهجي ٿو ته اِها مقدار 10 کان 23 واٽ جو بلب روشن ڪرڻ لاءِ ڪافي آهي.
    دماغ کي پنهنجا ڪم مڪمل ڪرڻ لاءِ گلوڪوز ۽ آڪسيجن گهرجي، انساني رت ٻئي شئيون ميسر ڪري ٿو. اسانجي رت جو 20 سيڪڙو وهڪرو دماغ ڏانهن وڃي ٿو. اسانجو بدن خوراڪ ذريعي گلوڪوز جي جيتري مقدار پيدا ڪري ٿو اسانجو ذهن هن مان 20 سيڪڙو مقدار خرچ ڪري ٿو ۽ اسانجا ڦڦڙ پنهنجي اندر جيتري آڪسيجن جذب ڪندا آهن اسانجو دماغ هن مان به 20 سيڪڙو حصو ڪتب آڻي ٿو.
    سڀ کان اهم سوال اِهو آهي ته اسانجو دماغ ڪير کائي رهيو آهي؟ سائنسدانن موجب اسانجي دماغ جي خلين کي ڪير ٻيو نه پر اسانجو ئي دماغ کائي رهيو آهي. غور طلب ڳالهه اِها آهي ته اسانجو ذهن پنهنجي بُک کانسواءِ سڀ ڪجهه برداشت ڪري ٿو. جيستائين اسانجي دماغ کي مختصر عرصي تائين خوراڪ نٿي ملي اوستائين اسانجو دماغ پنهنجا خليا کائڻ شروع ڪري ٿو
    اسانجو معدو اسانکي بُک جو احساس ڏياري ٿو، پر دلچسپ ڳالهه اِها آهي ته بُک معدي کي نه پر دماغ کي محسوس ٿيندي آهي. جڏهن گلوڪوز جي سطح گهٽجڻ لڳي ٿي ته ذهن معدي کي پيغام موڪلي ٿو، ۽ معدي جي حرڪت اسانکي بُک جو احساس ڏيارڻ شروع ڪري ٿي. انڪري ڪيترا ئي ڀيرا معدو ڀريل هجڻ باوجود اسانکي بُک جو احساس ٿيندو آهي ۽ ڪيترا ئي ڀيرا خالي پيٽ هجڻ باوجود بُک جو احساس ڪونه ٿيندو آهي.
    دماغ لاءِ گلوڪوز جي ساڳئي اهميت آهي جيڪا گاڏي لاءِ پيٽرول جي آهي. هن کان پهريان جو دماغ لاءِ ٻارڻ جي سوئي صفر تي پهچي، هو پنهنجا خليا کائي پنهنجي خوراڪ جي مقدار حاصل ڪري ٿو.
    فاڪس نيوز جي ويب سائٽ تي شايع ٿيل رپورٽ موجب نيويارڪ جي الرٽ آئن اسٽائن ڪاليج آف ميڊيسن جي سائنسدانن کي ڊائٽنگ تي ريسرچ ۾ خبر پئي ته نهايت بُک جي حالت ۾ ذهن جو هڪ مخصوص حصو ساڳيو ڪم ڪري ٿو جيڪو اسانجو بدن ڪري ٿو. اسانجو بدن خوراڪ نه ملڻ سبب پنهنجي چرٻي کائي خوراڪ جي مقدار حاصل ڪري ٿو. جنهن سان وزن گهٽ ۽ انسان ڏٻرو ٿئي ٿو. سائنسدانن جو چوڻ هو ته دماغ ائين هرگز نٿو ڪري سگهي، پر ڪوئن تي سلسليوار تجربن سان ظاهر ٿيو ته گلوڪوز نه ملڻ تي ذهن جو هڪ حصو، جيڪو ننڊ، جسم جو درجه حرارت، بُک ۽ اڃ جهڙا مختلف ڪم ڪري ٿو. پنهنجا ئي خليا کائڻ شروع ڪري ٿو.
    ريسرچ ڪندڙ ٽيم جي سربراهه ڊاڪٽر رجت سنگهه جو چوڻ هو ته بُک جي سبب جي متعلق سائنسي ريسرچ جي نتيجن سان صحتمند زندگي گذارڻ ۽ پنهنجو وزن ڪنٽرول رکڻ ۾ مدد حاصل ٿي سگهي ٿي. هن چيو ته پنهنجي خوراڪ ۾ اهڙو توازن قائم ڪرڻ سان، جنهن سان دماغ جي قوت جون ضرورتون حاصل ٿينديون رهڻ، بدن جي اضافي چرٻي ساڙي سگهجي ٿي.
    انڪري ڊائٽنگ ڪندڙ ماڻهن کي خبردار رهڻ گهرجي ته ڊائٽنگ توڙي بدن جي اضافي چرٻي کائي يا نه کائي، پر هنن جو دماغ کائي سگهي ٿي.
    وچار ڊاٽ ڪام تان ورتل
     
    انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم: ‏19 آڪٽوبر 2014
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. جبار آزاد منگي

    جبار آزاد منگي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏13 آڪٽوبر 2014
    تحريرون:
    392
    ورتل پسنديدگيون:
    1,111
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    463
    ڌنڌو:
    صحافت
    ماڳ:
    نصيرآباد
    مهرباني ڀا منصور
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. اسد الله لغاري

    اسد الله لغاري
    فعال رڪن

    شموليت:
    ‏27 نومبر 2015
    تحريرون:
    34
    ورتل پسنديدگيون:
    52
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    68
    ڌنڌو:
    شاگرد
    ماڳ:
    ملڪاڻي شريف بدين
  4. منظور احمد ڪلوئي

    منظور احمد ڪلوئي
    فعال رڪن

    شموليت:
    ‏22 فيبروري 2016
    تحريرون:
    27
    ورتل پسنديدگيون:
    48
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    53
    ڌنڌو:
    پرائويٽ استاد نيو غزالي گرامر پبلڪ اسڪول پيارو
    ماڳ:
    تعلقو ۽ ضلعو دادو پوسٽ آفس پيارو اسٽيشن
    تمام ڪارائتي ڳالھ
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو