محمد خان سيال
سينيئر رڪن
ڪنهن به سياسي اڳواڻ تي تنقيد يا واکاڻ ڪرڻ جو هر ڪنهن کي حق حاصل آهي ۽ اهو بنيادي حق ساري دنيا ۾ مڃيل آهي پر اخلاق کان ڪرڻ يا ڪنهن به جائز سبب کانسواءِ پنهنجي ڳالهه تي هروڀرو ڳنڍ ڏئي بيهڻ ڪنهن به صورت ۾ نه ٿو جڳائي ۽ خاص ڪري پڙهيل لکيل ماڻهن کي ڇاڪاڻ ته اهو اخلاقي ڏيوالپڻي جو مظاهرو هوندو آهي ـ
ٻين جو ته مڙوئي خير آهي پر مون کي افسوس ان وقت ٿيو جڏهن دبئيءَ ۾ رهندڙ پڙهيل لکيل هڪ سنڌي قوم پرست جنهن سان منهنجي روبرو ملاقات ته ناهي پر نيٽ تي گھڻي وقت کان دعا سلام آهي ۽ مان ان کي سدائين وڏي عزت ڏيندو آهيان تنهن سوشل ميڊيا تي پوسٽنگ ڪئي جنهن پنهنجي پوسٽنگ ۾ بلاول کي بلو لکيو ـ ڪو عام ماڻهو اهڙي حرڪت ڪري ته اها سمجهه ۾ اچي سگھي ٿي پر ڪنهن پڙهيل لکيل ۽ ڏيساور ۾ رهندڙ سنڌي قومپرست کان اهڙي حرڪت جي اميد نه هئي ـ
پر ڳالهه اتي ختم ڪونه ٿي ٿئي ان شخص پوسٽنگ ڪئي ته اڳوڻي صدر آصف علي زرداري مدرسن ۾ تعليم جي حمايت ڪئي آهي جڏهن ته مون رڳو رڪارڊ کي درست ڪرڻ لاءِ لکيومانس: زرداريءَ سنڌ مدرست الاسلام جو ذڪر ڪيو آهي جيڪو عام مدرسن کان مختلف آهي پر پنهنجي غلطي مڃڻ بدران لکيائين: اوهان ڪهڙي دنيا ۾ رهو ٿا؟ سنڌ مدرسو ته گھڻي وقت کان بند ٿي چڪو آهي؟ جنهن جي موٽ ۾ مون لکيومانس: سنڌ مدرسو پنهنجي جاءِ تي قائم ۽ دائم آهي، نه رڳو ايترو پر ترقي ڪري پهريان ڪاليج ۽ پوءِ يونيورسٽي بڻيو آهي ۽ ڪالهه جي اخبارون ۾ به ان جي ڀرتين جو اشتهار آيو آهي پر ان همراهه ۾ ايتري اخلاقي همت ناهي جو گھٽ ۾ گھٽ پاڻ کي درست ڪري ـ اٽلندو، مون کي ترت ئي احساس ٿيو ته مون سان سندس رويو بدلجي اڳرائيءَ وارو ٿي ويو آهي.
هونئن به مون هڪ کي ڇڏي ٻين جن کي به بدتميزيءَ ڪرڻ تي بلاڪ ڪيو آهي تن ۾ 95 سيڪڙو سنڌي قوم پرست آهن سو سنڌي قومرستن اڳواڻن کي گھرجي ته هو پنهنجن ڪارڪنن کي اخلاق سيکارين ـ
بهرحال، پنهنجي غلطي مڃڻ ۽ اخلاق ڏيکارڻ ڪنهن کي ننڍو نه پر وڏو ماڻهو بڻائيندا آهن. ڪاش اها ڳالهه اسان جي اهڙن سنڌين کي سمجھه ۾ اچي ـ