• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

مسٽر بلاول ڀٽو زرداري: اوهان بلڪل غلط آهيو

محمد خان سيال

سينيئر رڪن
مسٽر بلاول ڀٽو زرداري: جڏهن اوهان سنڌ سرڪار جي ڪارڪردگيءَ تي پنهنجو اطمينان ڏيکاريو ٿا ته اوها ن سنڌ جي عوام سان وڏي زيادتي ڪريو ٿا ـ
گذريل ڇهن ورهين کان سنڌ جي ويجھي تاريخ جي، بد ترين بيڊ گورننس هلي رهي آهي ۽ منهنجي خيال موجب
سنڌ، اڳ اهڙي بيڊ گورننس ون يونٽ ٽٽڻ کانپوءِ ڪڏهن به نه ڏٺي آهي ـ مون به انهيءَ سلسلي ۾ اڳ ڪيترا آرٽيڪل لکيا آهن ۽ پوسٽنگس ڪيون آهن ـ
جيڪڏهن سنڌ اندر گڊ گورننس هوندي ته ان سان اوهان جو نالو بھتر ٿيندو تنهن ڪري منهنجي صلاح اٿو ته سنڌ اندر نوي ورهين جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه کي ترت هٽائي ڪو برجستو، هوشيار۽ نوجوان وڏو وزير رکو ۽ سنڌ اندر گڊ گورننس جي خاطري ڪريو جنهن ۾ سنڌ جي عوام توڙي پ پ پ جو به فائدو آهي ـ
 
ڪجهه به ٿئي پر مفتي شائين ڪائي نلي ڇاه (وڏو وزير) مرڻ گهڙي تائين وڏو وزير رهندو :) اها شايد پ پ پ جي سياست آهي .
 
پي پي وارن کي صرف سنڌ سان محبت آهي ووٽ جي حد تائين، باقي جيترو پي پي سنڌ کي درد ڏنو آهي اوترو ته ڪنهن دشمن به نه.
 
سائين قائم علي شاه صاحب ايندڙ اليڪشن مين به حصو وٺندو ۽ مٿين پنجن سالن تائين به اگر کٽي ويو ته وزيراعلي سنڌ رهندو. هو اسان سنڌين لاءِ ڪينسر جي مرض کان گهٽ نه آهي
 
Back
Top