ڀوڏيسر مندر:

'سنڌ جا تاريخي ماڳ ۽ مقام' فورم ۾ سائل مهراڻ طرفان آندل موضوعَ ‏20 آڪٽوبر 2014۔

  1. سائل مهراڻ

    سائل مهراڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏4 مئي 2014
    تحريرون:
    839
    ورتل پسنديدگيون:
    1,155
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    ماڳ:
    مٺي ،ٿرپارڪر، ، سنڌ
    [​IMG] ڀوڏيسر مندر: هي مندر ڀوڏيسر ۾ پاڻيءَ واري -تلاءُ- کان -ٿورو- پرڀرو ۽ ٻه طبقي ٿلھي تي ٺھيل آھي. ھن جي اڏاوت ۾ گھڙيل ۽ اڪريل -پٿر- استعمال ٿيل آھي، جنھنڪري ڏسڻ ۾ ڏاڍو خوبصورت ۽ يادگار لڳي ٿو. عام روايت آهي ته ھي مندر پوني نالي عورت پنھنجي مڙس جي مرڻ کان پوءِ سندس يادگار طور ٺھرايو ھو. مندر جو منھن -اوڀر- طرف آھي. شڪارو پھرئين ٿلھي تي ٺھيل آھي، جيڪو اٺڪُنڊي ومان (vemana) جي مٿان 33 فوٽ اوچو ٺھيل آھي. پھچڻ لاءِ 15 ڏاڪا ٺھيل آھن، جنهن جو ھر ڏاڪو 14 فوٽ ماپ جو آھي. مندر ھڪ چورس ڪمري تي مشتمل آھي، جنھن کي ومان (vemana) ڪري سڏين ٿا. مندر 32.10x39.6 فوٽ ماپ جو آھي. جڏھن ته -ان- جي اوچائي 10.4 فوٽ آهي. ڪمري جي اڳيان دالان آھي. ڪمرو يا ومانا اندران 7.10 فوٽن جو آھي، جنھن ۾ بينچ ٺھيل آھي. ورانڊي ۾ ٺھيل دروازو6.5 فوٽ اوچو ۽ 3.8 فوٽ ويڪرو آھي. ڪمري ۾ چار ٿنڀڙيون (ھر هڪ ڪنڊ تي ھڪ) ٺھيل آھن. ومانا اندران 13.1 فوٽ اوچو آھي. مندر جي پوئين ڀت تي ھڪ عورت جي -تصوير- اُڪريل آھي. اُڪر جو ڪم ڏاڍو نفيس ۽ خوبصورت ٿيل آھي. هن جي تعمير ٻڌائي ٿي ته هي جين مندر آهي، هن جي جوڙجڪ ننگرپارڪر شهر ۾ موجود جين مندر سان ملي ٿي.
     
    10 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو