الله اچن اوءِ جن آئي من سرهو ٿئي ....
فيسبوڪ جا دوست جڏهن به گڏ ٿيندا آهن ته ميلو مچي ويندو آهي ۽ وري جڏهن دوست پري پري کان اچي ان ۾محفل ۾ شامل هجن ته ان محفل کي چار چنڊ لڳي ويندا آهن. سنڌي راهوجو (سرفراز راهوجو) اهڙو دل گهريو دوست آهي جيڪو ميلا مچائڻ خوب ڄاڻي. دل گهرين دوستن جي اهڙي ئي هڪ محفل سچل ڳوٺ جي سنڌ سلامت ريسٽورانٽ ۾ ٿي گذري. اها محفل اصل ۾ سعودي عرب کان آيل پياري دوست ۽ شاعر اعجاز علي ڪٽپر جي مان ۾ سنڌي راهوجي پاران ڏنل آجياڻو هو. پروگرام ڪو وڏو ڪونه هو اسان سوچيو هو ته ڪجهه دوست گڏجي ماني کائينداسين پر پوء دوست گڏبا ويا ۽ محفل مچندي رهي. ان محفل کي سجائڻ ۾ سائين نثار ابڙي وڏي محنت ڪئي باقي اسان ته ڪڪڙ جي ڪڙاهي جا مزا ۽ دوستن جي ڳالهين مان لطف اندوز ٿيندا رهياسين. ڳالهيون هيون جو کُٽن ئي ڪونه ..... هڪ سرپرائز اهو به هيو ته فقير عابد ديشي سکر کان ڪهي آيو هو. جن دوستن شرڪت ڪئي انهن ۾ اعجاز علي ڪٽپر، فقير عابد ديشي، نثار احمد ابڙو، سرفراز راهوجو (سنڌي راهوجو)، ايڊوڪيٽ جهانگير راهوجو، زاهد ميراڻي، عبدالحڪيم ڪليري، وفا منور زئور، بابر تنيو، غلام مرتضى وساڻ، مرتضى شيخ، اظهار پيرزادو، عرفان ديشي، محمد سليمان وساڻ ۽ ٻيا دوست شامل رهيا. ڳالهين جا موضوع هيا فيسبوڪ جا دوست، سنڌ جي سياست، شاعري، سنڌ سلامت، سنڌي ٻولي ۽ سنڌ جون حالتون، سنڌ کان ٻاهر رهندڙ دوست ... اها محفل رات دير تائين جاري رهي ۽ هرڪو اڻ وسرندڙ يادن جون ڀريون کڻي روانو ٿيو .... شال اهڙيون محفلون مچنديون رهن .... سنڌ سلامت ساٿ سلامت