• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

اعجاز علي ڪٽپر سان سنڌ سلامت ريسٽورانٽ تي هڪ رهاڻ

سليمان وساڻ

مينيجنگ ايڊيٽر
انتظامي رڪن
لائيبريرين
الله اچن اوءِ جن آئي من سرهو ٿئي ....

فيسبوڪ جا دوست جڏهن به گڏ ٿيندا آهن ته ميلو مچي ويندو آهي ۽ وري جڏهن دوست پري پري کان اچي ان ۾محفل ۾ شامل هجن ته ان محفل کي چار چنڊ لڳي ويندا آهن. سنڌي راهوجو (سرفراز راهوجو) اهڙو دل گهريو دوست آهي جيڪو ميلا مچائڻ خوب ڄاڻي. دل گهرين دوستن جي اهڙي ئي هڪ محفل سچل ڳوٺ جي سنڌ سلامت ريسٽورانٽ ۾ ٿي گذري. اها محفل اصل ۾ سعودي عرب کان آيل پياري دوست ۽ شاعر اعجاز علي ڪٽپر جي مان ۾ سنڌي راهوجي پاران ڏنل آجياڻو هو. پروگرام ڪو وڏو ڪونه هو اسان سوچيو هو ته ڪجهه دوست گڏجي ماني کائينداسين پر پوء دوست گڏبا ويا ۽ محفل مچندي رهي. ان محفل کي سجائڻ ۾ سائين نثار ابڙي وڏي محنت ڪئي باقي اسان ته ڪڪڙ جي ڪڙاهي جا مزا ۽ دوستن جي ڳالهين مان لطف اندوز ٿيندا رهياسين. ڳالهيون هيون جو کُٽن ئي ڪونه ..... هڪ سرپرائز اهو به هيو ته فقير عابد ديشي سکر کان ڪهي آيو هو. جن دوستن شرڪت ڪئي انهن ۾ اعجاز علي ڪٽپر، فقير عابد ديشي، نثار احمد ابڙو، سرفراز راهوجو (سنڌي راهوجو)، ايڊوڪيٽ جهانگير راهوجو، زاهد ميراڻي، عبدالحڪيم ڪليري، وفا منور زئور، بابر تنيو، غلام مرتضى وساڻ، مرتضى شيخ، اظهار پيرزادو، عرفان ديشي، محمد سليمان وساڻ ۽ ٻيا دوست شامل رهيا. ڳالهين جا موضوع هيا فيسبوڪ جا دوست، سنڌ جي سياست، شاعري، سنڌ سلامت، سنڌي ٻولي ۽ سنڌ جون حالتون، سنڌ کان ٻاهر رهندڙ دوست ... اها محفل رات دير تائين جاري رهي ۽ هرڪو اڻ وسرندڙ يادن جون ڀريون کڻي روانو ٿيو .... شال اهڙيون محفلون مچنديون رهن .... سنڌ سلامت ساٿ سلامت

10336838_10204724611253373_2461129056850747814_n.jpg


10574413_10204724615013467_1231804134200861042_n.jpg


10415549_10204724615133470_762175688891573503_n.jpg


10665237_10204724615493479_1740945420110902_n.jpg


1016300_10204724618453553_7176119249700244615_n.jpg


10365854_10204724619213572_5101848576574926609_n.jpg


397496_10204724620493604_2779535642850258475_n.jpg
 
واه واه، شايد مرتضي شيخ انهي گڏجاڻي جي دعوت اسان کي ڏني هئي، جيڪا حيدرآباد جي سفر جي ڪري اسان کان مِس ٿي وئي... سنڌ سلامت جي ميزباني جو ته ڇا چوڻ پر دوستن جون محبتون به ڳائڻ جهڙيون آهن. شال محبتون قائم هُجن.
 
واه واه، شايد مرتضي شيخ انهي گڏجاڻي جي دعوت اسان کي ڏني هئي، جيڪا حيدرآباد جي سفر جي ڪري اسان کان مِس ٿي وئي... سنڌ سلامت جي ميزباني جو ته ڇا چوڻ پر دوستن جون محبتون به ڳائڻ جهڙيون آهن. شال محبتون قائم هُجن.
مرتضي شيخ کان سڀ کان پهريان اوهان جي نه اچڻ جو پڇيو هوم ۽ ٻڌايائين ته اوهان حيدرآباد جي سفر جا راهي آهيو.

خوش هجو ... جتي به هجو
 
Back
Top