Sindhi Media
سينيئر رڪن
ڪن سنڌي ميڊيا سان لاڳاپيل دوستن هي پمفلٽ شيئر ڪيو آهي ڏسون ته ڳالهه ڪٿي ٿي بهي! ۽ اسانجي وراندي ۽ مُوٽ به ڏجي ٿي.

اسان جي (سنڌي ميڊيا ٿنڪ ٽينڪ ٽيم) وٽ اهو سڄو پلان ٽڪسٽ جي حد تائين بلڪل مُڪمل، تيار ۽ اسٽينڊ باِءِ آهي ۽ بنام (ساليوُوڊ ٽيليويزن نيٽ ورڪ جي نالي آهي) ساليووڊ ان ڪري جو جيئن بمبئي وارن جو باليووڊ ۽ لاهور وارن جو لاليوُوڊ آهي ته سنڌين جو ساليوُوڊ به هُجڻ گهرجي. فلحال جيئن ته سنڌي سئنيما آهي ئي ڪانه پر ٽيلي فلم نالي اها سئنيما ٽيليوزن تي ڏيکاي وڃي ٿي ته اها به ڪوشش ڪنداسون ته سنڌي سئنيما کي انٽروڊيوز ڪرايون. ان سلسلي ۾ پاڪسان کان ٻاهر رهندڙ سڀ سنڌي به مدد ۽ مارڪيٽ ڪرڻ لاءِ تيار... اهن. اسانجي آئڊيا موجب هي هڪ سنڌي پبلڪ جو پنهنجو نيشنل ۽ ثقافتي چينل هوندو ۽ ڪنهن خاص گروپ يا سرمائيدار جو حصو نه هوندو. هن جو اسٽيڪ هولڊر هر سنڌي هوندو جيڪي هروقت پنهنجي آن لائين صلاح ڏئي هن ثقافتي چئنل کي بهتر کان بهتر بنائڻ ۾ مدد ڪندا. اسانجي هن پلان تحت هي ثقافتي چئنل هلائڻ لاءِ ٽن شين جي ۽ سرمايا ڪاري ءِ حصيداريءَ جي ضرورت آهي. جن تحت هڪ ايگريمينٽ ٿيندو ۽ شروعاتي خرچ جو هڪ حصو اسان ڀرينداسون جنهن وٽ چئنل جي مُڪمل ايڊمنسٽريشن ۽ مئنيجمينٽ هوندي ، ڇو جو اسان ٻيائي ڪونه ڪنداسون، ميرٽ تي ڪم ڪنداسون، جنهن کي سنڌي ثنڪ ٽينڪ ٽيم گورن ڪندي رهندي ۽ ان ڪري به ته اسان بلڪل ميرٽ جو خيال رکنداسون ۽ پنهنجن پراون سان ميرٽ امپوز ڪرڻ لاءِ وڙهنداسون ته سنڌيءَ کي موالي وڏيرن ۽ درباري ساٿارين جي غلاميءَ کان آزاد ڪرائجي.ته سنڌ به ايجيوڪيٽ ٿئي ۽ سنڌ جو غريب به خوشحال ٿئي، سنڌ مان موالي، ڌاڙيل ڪلچر ، غلام ڪري رکڻ وارو پيري مُريدي ڪلچر ختم ٿئي. ڇو جو هاڻ اهڙا نيڪو ڪار پير مُرشد باقي رهيا ئي ناهن بيشڪ اڳ ضرو هُئا. نڪه رواجي ياري باشي، پيالي ڀائي، ڳوٺائي يا مٽي مائٽيءِ جو. جو خيال جيئن سنڌي چئنلن تي گهڻي ڀاڱي ڏٺو ويو آهي. اسان وٽ پنهنجا ڊاڪومينٽري ، ماڳ مڪان جا پلان به تيا آهن، جنهن کي بي.بي.سي يا سي. اين.اين وٽ وڪڻنداسون ۽ سرمايا ڪاري به ڪنداسون ته دُنيا جي هر زبان ۾ ڊبنگ ڪري سنڌيت جي پروموشن به. اسان ٽ بهترين ۽ انتهائي ڪواليفائيڊ، آءِ ٽِي ۽ ٽيڪنيڪل، ٽيچنگ، مارڪيٽنگ، انجنيئرنگ ۽ مئنيجمينٽ جي ٽيم آهي. جيڪا مُفت سنڌي ماڻهن کي ٽرينڊ ڪندي. اسانجي هن نيشنل ثقافتي چئنل جو ٻيو ڀائيوار سنڌ جو ثقافتي کاتو ٿي سگهي ٿو ته ٽيون حيدار سنڌ جو فنڪار، ڪلاڪار، ليکڪ، ڏاهو، شاعر وغيره. هي چئنل صرف ۽ صرف سنڌ پبلڪجي پراپرٽي هوندو ۽ سنڌ جي ماڻهن جي ويلفيئر، تهذيب و تمدن ۽ ڪلچر جي فروغ لاءِ استعمال ٿيندو. اسانجو هر ڊرامون، گانو، ڊاڪومينٽريءَ تي تهذيب ۽ ثقافت جو رنگ هوندو. ته تيار آهيو سنڌي فنڪارئو ڀائيواريءَ ۽ قربانيءَ لاءِ ته ميدان تي اچو ته هڪدم سنڌ جي ثقافتي کاتي کي اڳيان ڪرتي، پيمرا کان رجسٽريشن ڪرائي، سافٽ ويئر جي تياري ڪجي ۽ پهريون سال يا ڪو حصو ٽيسٽ ٽرانسميشن ڪري پبلڪ ڪجي.