گوگل ڪروم کي آف لائين ڪيئن استعمال ڪجي؟

'گوگل جا راز' فورم ۾ ذيشان رشيد طرفان آندل موضوعَ ‏22 آڪٽوبر 2014۔

  1. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    [​IMG]

    آءٌ اڄ ڪلهه ٿڪل قسم جي انٽرنيٽ سهولت استعمال ڪري رهيو آهيان.. جنهن ۾ پل ۾ انٽرنيٽ موجود ته پل کن ۾ نالو نشان ئي نه.. اهڙي صورتحال ۾ ڪڏهن ڪڏهن ته ڊويلپمينٽ جهڙو پيچيده ڪم به تمام گهڻو الجهي ويندو آهي.. ۽ پوءِ منهنجي آفيس ۾ ڪو اچڻ ئي پسند نه ڪندو آهي جو منهنجو موڊ ڪجهه هن طرح هوندو آهي..

    [​IMG]

    جڏهن توهان گوگل ڪروم برائوزر استعمال ڪندا آهيو ته اهو انٽرنيٽ سان ڳنڍاپو ڪري توهان اڳيان ويب پيجز جا ليٽيسٽ ورجن سندن سرور تان کوليندو آهي.. جيڪڏهن توهان جو ڪمپيوٽر آف لائين هجي ته ڪروم هڪ ايرر ڏيکاريندو آهي جنهن ۾ هڪ ڊائنوسر جي تصوير سان چيو ويندو آهي انٽرنيٽ سان ڳانڍاپو ٿي نه سگهيو.. (ممڪن آهي ڪروم وارن ڊائنوسر جي تصوير سندس ننڍن هٿن ڪري لڳائي هجي ته اهي ڪمپيوٽر تي پهچي نه سگهندا هجن.. :) )

    انٽرنيٽ ايڪسپلورر ۽ فائرفاڪس اڳ ئي آف لائين موڊ جي سهولت ڏئي رهيا آهن جنهن تحت هو برائوز ٿيل ويب پيجز جي لوڪل ڪاپي پاڻمرادو محفوظ ڪندا رهندا آهن.. پر ڪروم جي اهڙي سهولت ڳولڻ لاءِ ٻه ٽي دفعا مٿيون موڊ گذاري حل هٿ ڪري ورتو... جنهن کان پوءِ انٽرنيٽ ايڪسپلورر ۽ فائرفاڪس واري ساڳي طرح هاڻي گوگل ڪروم پنهنجي 36 نمبر يا ان کان پوءِ وارن ورجن ۾ اها سهولت ڏئي ٿو.. جيڪا بطور ڊيفالٽ غير فعال هوندي آهي..

    گوگل ڪروم جي هي ڪارآمد سروس فعال ڪرڻ لاءِ ڪروم جي ايڊريس بار ۾ chrome://flags/لکي انٽر پريس ڪريو ته جئين ايڪسپريمينٽل فيچرس صفحي کي کولي سگهو.. جتان هيٺيون آپشن ڳولي ان کي چيڪ لڳائي فعال بڻايو....

    Enable Offline Load Stale Button​

    هاڻي برائوزر ريسٽارٽ ڪريو.. جنهن کان پوءِ جڏهن به توهان جي لڳل نيٽ توهان کي ڌوڪو ڏئي ۽ نه هلي ته اڳ کليل ويب پيجز لوڪلي کولي سگهو ٿا.. ان لاءِ جڏهن به مطلوبا ويب پيج کي کوليندو ته ڪروم برائوزر توهان کي stale copy نالي هڪ آپشن ڏيندو جنهن تي ڪلڪ ڪري لڳ ڀڳ ساڳي ئي فارميٽنگ سان مطلوبا صفحو توهان اڳيان حاضر هوندو.. :)
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. فاروق سومرو

    فاروق سومرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 فيبروري 2011
    تحريرون:
    2,673
    ورتل پسنديدگيون:
    3,816
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڇا اهيو ائننڊرائيد ۾ ٿيندو؟؟؟؟؟؟
     
  3. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    اينڊروائيڊ ۾ اهو اڳ ئي ڊيفالٽ برائوزر ۾ Save for offline reading طور موجود آهي..

    [​IMG]
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو