• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

سنڌ جي هندن اسان مسلمان سنڌين کي ڪڏهن به سنڌي ناهي سمجھيو.......؟؟

سنڌ جي هندن اسان مسلمان سنڌين کي ڪڏهن به سنڌي ناهي سمجھيو ، انهن اسان کي عرب سمجي ڇڏي وري ٻيهر ڌڪاري ڇڏيو ، ان مسلمانيء کان پهرين اسان سنڌين کي هو ” شودر “ سمجھي نفرت ڪندا هئا
انهن کي پنهنجي هندو مذهب کي بچائڻ ايئن هيو جيئن هاڻي اسين پاڪستان کي مظبوط ڪري سنڌ بچائڻ چاهيون ٿا
ٻيو ته سنڌي هندو کي اسلام جي اها به ڄاڻ هئي ته ، اسان وٽان جيڪڏهن مسلمان سنڌي شادي ڪندو ته لازمي آهي ته انهيء عورت کي مسلمان ٿيڻو پوندو
۽ جيڪڏهن ڪنهن مسلم عورت کي ڪنهن هندو مرد سان شادي ڪرڻي آهي ته ان هندو مرد کي پهرين مسلمان ٿيڻو پوندو.
ان جي برعڪس ، هندوستان هڪ وڏي آباديء وارو ملڪ آهي
اهو ملڪ پاڻ کي سيڪيولر ( مذهبي رواداري وارو ) سمجھي ٿو ۽ اعلان ڪري ٿو ، جڏهن ته پاڪستان اسلامي جمهوري رياست پاڻ کي چورائي ٿي
اتي هندو مسلم تضاد صدين کان وٺي آهي
هندوستان جو مسلم ڪافي صديون اتي حاڪم پڻ رهيو آهي
انهن اتي سموريون مستيون ۽ مزا وٺڻ سان گڏ هندوستان جي سڀني مذهبن کي متحد رکڻ جي پڻ ڪوشش ڪئي آهي. جنهن جو مثال شهنشاه اڪبر مغل جو ذڪ ر قابل ديد پڻ آهي.
هاڻي جڏهن اهو هندوستان ساڳين حدن ۾ ناهي ته اتي پوء به مسلمانن جي هڪ قسم اها پڻ حڪمت عملي سامهون آئي آهي ته توهان ، هندن ڇوڪرين سان وڌ ۾ وڌ شاديون ڪريو ، هندو مردن کي پنهنجو ڇوڪريو ڀلي ڏيو ، انهيء ۾ شرط اهو لاڳو آهي ته اهي جڏهن ٻئي مسلمان هجن . انهيء سان اهو ٿي رهيو آهي جو اتي اسلام اڃان وڌي رهيو آهي .
جڏهن ته اپر ڪلاس ، دهريو ، بي دين ماڻهونء لاء اهو اشو نه برابر جي آهي ، جڏهن انهيء ڪلاس ۾ اهڙيون شاديون آڱرين تي ڳڻڻ جيتريون ٿين ٿيون
 
سنڌ جي هندن ڪڏهن به هتان جي مسلمانن کي سنڌي ناهي سمجهيو، اها ڳالھ ڪنهن حد تائين درست پڻ آهي ڇو ته جڏهن به سنڌي هندن سان ڪو مسئلو ٿيندو آهي ته گهڻو ڪري سنڌي مسلمان انهن جو ساٿ ڏيندا آهن پر جڏهن به ڪنهن سنڌي مسلمان سان ڏکيووقت ايندو آهي ته ان جي حق ۾ انهن ڪڏهن به ڪو آواز بلند ناهي ڪيو، جيتوڻيڪ انهن جي به هڪ وڏي اڪثريت هر هنڌ موجود هوندي آهي پر اهي ان پراڻي طريقي تي اڃا تائين قائم آهن ته ”نانگ مئو ته به دشمن ۽ مسلو مئو ته به دشمن“.
 
مٿين ڳالهين سان مان به متفق ناهيان هڪ ته هندو هتي اقليت ۾ شامل آهن ٻيو ته مسلمان اڪثريت ۾ آهن ان ڪري هو پاڻ کي اسان مسلمانن جي رحم ۽ ڪرم تي محسوس ڪندا آهن ان ڪري اهي محدود ٿي رهندا آهن هرو ڀرو ڪنهن مسلم جي معاملي ۾ مداخلت نه ڪندا آهن ڇو ته اسان جا مُلا وڏا ٺڳ آهن اهي هندو جيڪڏهن ڪنهن مسلم جي حمايت به ڪري وجهن ته اهي ئي مُلا ڪا نه ڪا فتوا هڻي انهن جي ان حمايت کي به ڪفر قرار ڏيڻ ۾ دير نه لڳائيندا..ٻيو ته اهي پنهنجي مسئلن کي حل ڪرڻ لا مسلمانن ڏي ان ڪري نهاريندا آهن ته هتي جو انتظام مسلمان طبقي وٽ ئي آهي ان ڪري انهن جي مدد ڪرڻ ۾ ڪو حرج ڪونهي..باقي جيڪڏهن سنڌ جي تاريخ کي ڏسبو ته هن ڌرتي سان هندو سنڌين پنهنجي حلالي پٽ هئڻ جو ثبوت هر دور ۾ ڏنو آهي ان ۾ ڪو به اختلاف ڪونهي.
 
ڇو ته اسان جا مُلا وڏا ٺڳ آهن اهي هندو جيڪڏهن ڪنهن مسلم جي حمايت به ڪري وجهن ته اهي ئي مُلا ڪا نه ڪا فتوا هڻي انهن جي ان حمايت کي به ڪفر قرار ڏيڻ ۾ دير نه لڳائيندا

ادا منظور معاف ڪجو ملن تي ايترو غصو ڇو ؟؟؟
جڏهن اوهان پيدا ٿيا هيو ته ڪنهن ملي توهان جي ڪنن ۾ اذان ۽ اقامت چئي هوندي،
جڏهن اوهان شادي ڪئي هوندي ته ڪنهن مُلي ئي اوهان جو نڪاح پڙهي ڪري اوهان ٻن کي محرم ڪيو هوندو
جڏهن ڪو انسان هن دنيا مان لاڏاڻو ڪري ويندو آهي تڏهن به ڪنهن ملي کي گهرائي نماز جنازه وغيرو پڙهائي ويندي آهي
يعني انسان جي اچڻ کان وٺي وڃڻ تائين اواهان کي مُلي جي ضرورت آهي .

ڇا اوهان لا ممڪن آهي ته ملئن کان سوا دين اسلام کي سمجهي سگهو؟؟؟
هر گز نه !!
ته پو ويچارن ملئن ته ايترو غصو ڇو ؟؟؟
 
سائين معاف ڪجو توهان به مُلي ۽ مومن جي فرق کي سمجهي نه سگهيا آهيو..مُلو مُلو ٿيندو آهي...جنهن جو ڪم شرارت ڪرڻ هوندو آهي پر مومن شرارت نه ڪندو آهي..۽ معاف ڪجو منهنجي ڪن ۾ مومن اذان ڏني هُئي، جڏهن منهنجي شادي ٿي هُئي ته نڪاح به هڪ مومن ادا ڪيو هو. انشا الله جنازو به ڪو مومن ئي ادا ڪندو...ڇو ته ان مومن کي سڃاڻيندو آهيان...ڇو ته مُلو جنازو ادا نه ڪندو اهو جنازي کان اڳ سوال ڪندو آهي ..ان ڪري ئي ته اهڙن مُلن لا بلهي شاهه چيو آهي ته اڙي مُلا جنازا پڙهه مين جانون ميرا خدا جاني...ته سائين جيڪي به شرع ۾ شرارت جا ڪم ڪندا آهن اهي مُلا ئي هوندا آهن هاڻي منهنجي ان ڳالهه جو هرگز اهو مطلب ڪونهي ته ڪو هر هڪ مولوي يا مولانا اهو ئي مُلو آهي..جيڪڏهن توهان مومن ۽ مُلي جي فرق کي سمجهي ويندئو ته توهان تي واضح ٿي ويندو ته مُلو ڇا ڪندو آهي ۽ مومن ڇا ڪندو آهي. باقي سائين ڪاوڙ ڇاجي ڪا به ڪاوڙ ڪونهي بس اها ڳالهه ته فساد نه ڦيلائجي،،هي موضوع جنهن به شروع ڪيو آهي ۽ ان جنهن به نيت سان شروع ڪيو آهي اهو منهنجي نظر ۾ فساد آهي، شرارت آهي نه ڪي اصلاح يا انسان ذات جي ڀلائي لا آهي..
 
سنڌسلامت جي قانون ۽ قاعدن تي هڪ نظر...

Ma4qGQ.jpg
 
ادا اوهان وڏي دعوا ڪري ڇڏي آهي ملي ۽ مومن ۾ فرق ؟؟؟
ادا ڇا اوهان ڪنهن به زبان ۾ ڏيکاري سگهو ٿا ته لفظ ملي جي معني (ٺڳ، شيطان، يا رستي کان هٽيل ) ڪنهن غلط مفهوم جي هجي ؟؟؟
ڇا لفظ ملو يا ملى سنڌي ٻولي جو لفظ آهي ؟؟
يقينن هي سنڌي زبان جو لفظ ناهي ته پو توهان هن جو استعمال معني حقيقي کان هٽي ڪري استعمال ڪري رهيا آهيو !!!

تاريخ ۾ ڪافي وڏا وڏا ملا گذريا آهن ڪنهن به مومن کان پڇا ڪندو ته توهان کي آگاه ڪندا .(ٻيو نه ڪنهن به اهل علم کان پڇجو ته ملا صدرا ڪهڙي شخصيت هئي!!!)
 
سائين اوهان وڏي اونهائي ۾ هليا ويا آهيو ايڏو پري نه وڃو پر مون اهو چيو ته مون جيڪو مُلو ڏٺو آهي اهو مُلو فسادي آهي دين جي چادر ويڙهي دين مخالف رستي تي عمل پيرا آهي مان لفظي معني اندر وڃڻ نٿو گهران0 ..ائين ته پو داعش جي جهنڊي ۾ ڪلمو پاڪ لکيل آهي پر انهن جا جيڪي به عمل آهن اهي ڪلمي جي مخالفت ۾ آهن..اهڙي ريت طالبان جا سڀ مُلا ..مُلا عمر، مُلا فضل الله، ٻيا جيڪي به هيا اهي سڀ مُلا ئي هيا اهي مُلا جن کي مون مُلو قرار ڏنو آهي يعني اهو مُلو جنهن لا سنڌي ۾ هڪ چوڻي مشهور آهي.. مُلان مريئي مان شل پِتو ڦسيئي پيٽ ۾...سائين معاف ڪجو اوهان هرو ڀرو ايترو دل تي نه وٺو منهنجي ڳالهين کي..بس منهنجي ڳالهه جي وزن کي سمجهو ته مان چوڻ ڇا ٿو گهران..منهنجا ڀا منهنجو والد سڳورو منهنجي ڳوٺ جي جامع مسجد جو امام سڳورو آهي ۽ ڳوٺ جي ٻارن کي قرآن جي تعليم ڏيندڙ آهي پر اهو مُلو ڪونهي اها مان شاهدي ڏيندس...باقي رب ڄاڻي ۽ ان جو گنهگار بندو ڄاڻي .. شيخ اياز چواڻِي ته...هن چيو "مذهب هجي مون چيو انسانيت بس سمجه جو ڦيرو هو ٻيو ته جهڳڙو نه هو.
 
1. ولن ترضى عنک اليهود ولا النصارى حتى تتبع ملتهم.
2. لتجدن اشد الناس عداوت للذين آمنوا اليهود والذين اشرکو.
ان جو فيصلو قرآن مجيد 1400 سال اڳ ڏئي ڇڏيو آهي ته
1. اوهان کان يهودي ۽ عيسائي تيستائين راضي نه ٿيندا جيسين توهان انهن جي تابعداري،اتباع نه ڪندو.
ٻي آيت جو مفهوم
2. توهان جا سڀ کان وڌيڪ دشمن يهودي ۽ مشرڪ هوندا.
 
انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم:
مُلان مريئي ما شل پِتو ڦسيئي پيٽ ۾

محترم سائين مون اڳ ۾ ئي توهان کي مٿي آگاھ ڪيو آهي ته هن فورم تي ڪابه اهڙي تحرير نه موڪلي وڃي جنهن سان ٻين جي دل آزاري ٿئي.. سو ان ڪري آئون بحيثيت هڪ ماڊيريٽر جي ان تحرير ۾ ترميم پيو ڪريان.
سنڌسلامت جا قاعده ۽ قانون موڪلڻ جو مقصد توهان کي آگاھ ڪرڻ هُيو....
 
معذرت سان جناب عبد الرحيم گجراڻي صاحب اسان جا ھندن کان وڌيڪ مسلمان دوست آھن ۽ اسان کي انھن جي دوستي تي فخر پڻ آھي جو مھل تي ڪڏھن ھندو دوست ڏسڻ ۾ نه آيا ته مسلمان دوست اسان سان ساٿ ۾ ھئا. مان ٿر پاسي جو آھيان يقين ڪندئو ته اسان جا ڪيترا ھندو ھتي جن به اوليائن بزرگن يا درويشن کي مڃن ٿا انھن مان ڪافي شخصيتون مسلمان رھيا آھن جيڪڏھن مان پنھنجو مثال ڏيندو ھلان ته اسان جو خاندان پڻ پير پٺو سلطان کي مڃيندڙ آھي ۽ پير پٺو صاحب مسلمان ھيا. اھڙا ڪيترائي مثال پيش ڪري سگھجن ٿا. اڄ به جڏھن اذان ايندي آھي ته اسان ٽي وي جو آواز گھٽ ڪري ڇڏيندا آھيون ۽ نياڻيون مٿو ڍڪينديون آھن. سنڌ صوفين جي ڌرتي آھي ھت سڀ ھڪ ٻئي جو احترام ڪندا رھيا آھن، ھا انتھاپسندي توھان کي ھر مذھب ۾ ٿوري گھڻي ملندي انھي جو مطلب اھو نه آھي جو ان مذھب کي مڃيندڙ سڀ انسان غلط ھجن. سنڌين کي شودر نه پر ڄٽ ضرور چوندا ھيا جيڪو جت جو بگڙيل لفظ آھي ۽ جت ويچارا اڻپڙھيل ۽ غريب ھوندا ھئا انھن جي ڪمائي جو ذريعو کيتي ٻاڙي ۽ مال چارڻ ھوندو ھو ان ڪري سادا ھوندا ھئا ۽ عقل مڙيئي گھٽ ھوندو ھيوان ڪري انڊيا جا پراڻا سنڌي اڃان تائين اھو سمجھن ٿا ته سنڌ جا مسلمان اڃا تائين ڪو ڄٽ ئي آھن حالانڪ اڄ سنڌ جو مسلمان پڙھي لکي ڪافي ترقي ڪري چڪو آھي.
 
سائين معاف ڪجو توهان به مُلي ۽ مومن جي فرق کي سمجهي نه سگهيا آهيو..مُلو مُلو ٿيندو آهي...جنهن جو ڪم شرارت ڪرڻ هوندو آهي پر مومن شرارت نه ڪندو آهي..۽ معاف ڪجو منهنجي ڪن ۾ مومن اذان ڏني هُئي، جڏهن منهنجي شادي ٿي هُئي ته نڪاح به هڪ مومن ادا ڪيو هو. انشا الله جنازو به ڪو مومن ئي ادا ڪندو...ڇو ته ان مومن کي سڃاڻيندو آهيان...ڇو ته مُلو جنازو ادا نه ڪندو اهو جنازي کان اڳ سوال ڪندو آهي ..ان ڪري ئي ته اهڙن مُلن لا بلهي شاهه چيو آهي ته اڙي مُلا جنازا پڙهه مين جانون ميرا خدا جاني...ته سائين جيڪي به شرع ۾ شرارت جا ڪم ڪندا آهن اهي مُلا ئي هوندا آهن هاڻي منهنجي ان ڳالهه جو هرگز اهو مطلب ڪونهي ته ڪو هر هڪ مولوي يا مولانا اهو ئي مُلو آهي..جيڪڏهن توهان مومن ۽ مُلي جي فرق کي سمجهي ويندئو ته توهان تي واضح ٿي ويندو ته مُلو ڇا ڪندو آهي ۽ مومن ڇا ڪندو آهي. باقي سائين ڪاوڙ ڇاجي ڪا به ڪاوڙ ڪونهي بس اها ڳالهه ته فساد نه ڦيلائجي،،هي موضوع جنهن به شروع ڪيو آهي ۽ ان جنهن به نيت سان شروع ڪيو آهي اهو منهنجي نظر ۾ فساد آهي، شرارت آهي نه ڪي اصلاح يا انسان ذات جي ڀلائي لا آهي..
ادا وه جو جواب ڏنو
 
معذرت سان جناب عبد الرحيم گجراڻي صاحب اسان جا ھندن کان وڌيڪ مسلمان دوست آھن ۽ اسان کي انھن جي دوستي تي فخر پڻ آھي جو مھل تي ڪڏھن ھندو دوست ڏسڻ ۾ نه آيا ته مسلمان دوست اسان سان ساٿ ۾ ھئا. مان ٿر پاسي جو آھيان يقين ڪندئو ته اسان جا ڪيترا ھندو ھتي جن به اوليائن بزرگن يا درويشن کي مڃن ٿا انھن مان ڪافي شخصيتون مسلمان رھيا آھن جيڪڏھن مان پنھنجو مثال ڏيندو ھلان ته اسان جو خاندان پڻ پير پٺو سلطان کي مڃيندڙ آھي ۽ پير پٺو صاحب مسلمان ھيا. اھڙا ڪيترائي مثال پيش ڪري سگھجن ٿا. اڄ به جڏھن اذان ايندي آھي ته اسان ٽي وي جو آواز گھٽ ڪري ڇڏيندا آھيون ۽ نياڻيون مٿو ڍڪينديون آھن. سنڌ صوفين جي ڌرتي آھي ھت سڀ ھڪ ٻئي جو احترام ڪندا رھيا آھن، ھا انتھاپسندي توھان کي ھر مذھب ۾ ٿوري گھڻي ملندي انھي جو مطلب اھو نه آھي جو ان مذھب کي مڃيندڙ سڀ انسان غلط ھجن. سنڌين کي شودر نه پر ڄٽ ضرور چوندا ھيا جيڪو جت جو بگڙيل لفظ آھي ۽ جت ويچارا اڻپڙھيل ۽ غريب ھوندا ھئا انھن جي ڪمائي جو ذريعو کيتي ٻاڙي ۽ مال چارڻ ھوندو ھو ان ڪري سادا ھوندا ھئا ۽ عقل مڙيئي گھٽ ھوندو ھيوان ڪري انڊيا جا پراڻا سنڌي اڃان تائين اھو سمجھن ٿا ته سنڌ جا مسلمان اڃا تائين ڪو ڄٽ ئي آھن حالانڪ اڄ سنڌ جو مسلمان پڙھي لکي ڪافي ترقي ڪري چڪو آھي.
بلڪل سچ تا چئو ادا چندرجنهن سنڌ ۽ سنڌ جي تاريخ تي اسان سڀ سنڌي فخر ڪيون ٿا اها سنڌي هنڌن جو وسيلو آهي
 
Back
Top