ڪامريڊ سوڀو گيانچنداڻيءَ تي سائين محمد ابراهيم جويي صاحب جو ڇپيل ليک

'سنڌي منهنجي ٻولي' فورم ۾ سائل مهراڻ طرفان آندل موضوعَ ‏22 آڪٽوبر 2014۔

  1. سائل مهراڻ

    سائل مهراڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏4 مئي 2014
    تحريرون:
    839
    ورتل پسنديدگيون:
    1,152
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    193
    ماڳ:
    مٺي ،ٿرپارڪر، ، سنڌ
    [​IMG]
    اڄوڪي ڪاوش ۾ ڪامريڊ سوڀو گيانچنداڻيءَ تي سائين محمد ابراهيم جويي صاحب جو ڇپيل ليک
    سوڀو گيانچنداڻي: سنڌ ۾ ترقي پسند فڪر جو ساکي ۽ سرواڻ
    “سنڌ منهنجي ڌرتي آهي، تنهن کي ڇڏي وڃڻ جو مان سوچي به نٿو سگهان.” (سوڀو گيانچنداڻي)

    اسان جي ساٿي ۽ ڪامريڊ سوڀي گيانچنداڻيءَ جي طبيعت اڄلڪهه ناساز آهي ۽ پاڻ اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو آهي. جڏهن کان سندس اسپتال ۾ داخل ٿيڻ جي خبر پيئي آهي، تڏهن کان من تي هڪ عجيب اداسي ڇانيل آهي. ساڳيي وقت، هن سان گهاريل زندگيءَ جا ڪيترائي پل ۽ پهر پڻ ذهن تي اڀري بيٺا آهن. اسان ججو ڪامريڊ سوڀو ڪنهن به شڪ کان سواءِ سنڌ جو املهه سرمايو آهي، جنهن سنڌ ۾ نئين تعمير ۾ ۽ سنڌ کي عقل تي آڌاريندڙ، وهمن، وسوسن توڻي هر قسم جي ڦرلٽ کان آجي سماج بنائڻ لاءِ بنهه بنيادي قسم جو ڪم ڪيو آهي. خاص طرح، سماج وادي فڪر جي پکيڙ ۽ پرچار ۾، هن نهايت اهم، مائيدار ۽ ڳڻپ جوڳو ڪم ڪيو آهي. سوڀو سنڌ ۾ ٻڌيءَ جي علامت به آهي، جنهن پنهنجي فڪري صحبت سان سنڌ جي انيڪ ترقي پسندن ۽ وطن دوستن کي فيضياب ڪيو آهي.
    ملڪ ٺهڻ کان پوءِ جولاءِ 1948ع ۾ ڪميونسٽ پارٽي آف پاڪستان تي پابندي مڙهي ويئي. ان جي سمورن اڳواڻن توڻي سرگرم ڪارڪنن کي گرفتار ڪري جيل اُماڻيو ويو. ڪامريڊ سوڀو گيانچنداڻي به جيل ڀيڙو ڪيو ويو. گهرو معاملن واري تڏهوڪي وزير مسٽر شهاب الدين ڪامريڊ سوڀي کي آڇ ڪئي ته “تون ڀارت وڃ، اسين توکي آزاد ڪرڻ لاءِ تيار آهيون.” ڪامريڊ سوڀي، “ڌرتيءَ ڄائي” (son of the soil) هئڻ جو ثبوت ڏيندي کيس چيو: “تون پاڪستان ۾ پناهگير آهين، مان ته سنڌ ڄائو ۽ صدين جي صدين کان هتي آباد آهيان. مان سنڌ ڪيئن ڇڏيندس؟ مان سنڌ نه ڇڏيندس.”
    هن پنهنجي ڪتاب ۾ “ساروڻيون” جي عنوان سان هڪ مضمون شامل ڪيو آهي، جنهن ۾ سنڌ جو هيءَ سڄاڻ سپوت لکي ٿو: “منهنجي لاءِ سنڌ ۽ امڙ ٻئي هم معنيٰ آهن. اڄ به مان پنهنجي امڙ جي ٿڃ پي، ٻاهر ورهين جو جوان آهيان.... مان ميدانُ ڇڏي ڀڄندس ڪونه....”
    ڪامريڊ سوڀي گيانچنداڻيءَ جو وقت جي حاڪمن کي ان ريت کُتو جواب ڏيڻ پنهنجي وطن ۽ وطن واسين سان سچائيءَ کي ظاهر ڪري ٿو. علي احمد بروهي لکي ٿو:
    “.. (ڪامريڊ) جيل کان سڌو ڀارت وڃڻ بدران، ٻيءَ هر قسم جي سزايابيءَ کي اکين تي رکيو... هُن پنهنجي جنم ڀوميءَ سنڌ مان لڏي وڃڻ کان بنهه نابري واري.”
    اسان جي ساٿي سوڀي سنڌ ۾ رهي، ترقي پسند ۽ وطن دوست فڪر جي آبياري ڪرڻ کي ترجيح تي رکيو. سوڀو هڪ هنڌ لکي ٿو: “..... مان پهرين انقلابي آهيان، منهنجي خواهش آهي ته مون کي پڇاڙيءَ تائين انقلابي، دوستن جو دوست، ساٿين جو ساٿي ۽ مظلومن جو گهڻگهرو سمجهيو وڃي.”
    ڪامريڊ سوڀو گيانچنداڻي 1939ع ۾ مهان ڪوي ٽئگور جي برپا ڪيل “شانتي نڪيتن” ۾ سُر ۽ سرود جي وديا پرائڻ ويو، جتي سندس حقيقي معنيٰ ۾ ذهني اوسر ٿي. هن اداري ۾ سکيا دوران جتي ٽئگور جهڙي ٻهڳڻي شخصيت موهن جي دڙي وٽان آيل ماڻهوءَ، سوڀي، کي پنهنجي خاص توجهه ۽ شفقت جي نظر سان نوازيو، اتي کيس ان دؤر جي ملڪ جي چوٽيءَ جي اڳواڻن ۽ انقلابين جهڙوڪ مهاتما گانڌي، جواهر لال نهرو، سڀاش چندر بوس ۽ سوميندر ناٿ ٺاڪر جهڙين شخصيتن سان مُکاميل ٿيڻ جو موقعو به مليو. هن ئي اداري ۾ نوجوان سوڀي جي ملاقات پنا لال داس گپتا سان ٿي، جيڪو تن ڏينهن ۾ هڪ وڏو ڪميونسٽ اڳواڻ هو. هُن سوڀي جي مَن ۾ ملڪ مان بک، بيماري، جهالت ختم ڪرڻ ۽ اميريءَ ۽ غريبيءَ جي فرق کي مٽائڻ يعني سوشلزم لاءِ جدوجهد ڪرڻ جو جذبو جاڳايو. ڪامريڊ سوڀي هن ڪتاب ۾ پنا لال داس گپتا سان ٿيل سندس ملاقات ۽ بعد ۾ ساڻس لاڳاپن جو ذڪر تفصيل سان ڪيو آهي. پاڻ داس گپتا لاءِ لکن ٿا:
    “..... مون کي سياست جي گهاٽي جهنگ مان پيچرو ڏسيندڙ سندس ذات ئي رهي آهي.” سوڀو وڏڀاڳي آهي، جنهن کي شانتي نڪيتن جهڙي جڳ مشهور اداري مان وِديا پرائڻ جو موقعو مليو. هن اداري سچ پچ ته سوڀي جي ذهن جي ڪايا پلٽي ڇڏي ۽ هُو هڪ سچي انقلابيءَ جي حيثيت ۾ “ڪجهه ڪري ڏيکارڻ” ۽ “انساني سماج جي تشڪيل نؤ” ۾ پنهنجي ڪردار نڀائڻ لاءِ ميدانِ عمل ۾ لٿو.
    ڪامريد سوڀو گيانچنداڻي شانتي نڪيتن ۾ ٻه سال رهيو ۽ 1941ع ۾ اتان موٽي آيو ۽ ڪراچيءَ ۾ وڪالت پڙهڻ لاءِ ڪاليج ۾ داخلا ورتائين، جتي تعليم دوران سندس ملاقات حَشو ڪيولراماڻيءَ ۽ ڪجهه ٻين انقلابي دوستن سان ٿي. هتي يعني لا ڪاليج ۾ سوڀي شاگرد تحريڪ ۾ سرگرم حصو ورتو. حشوءَ سان ملاقات ۽ شاگرد تحريڪن ۾ پنهنجين سرگرمين جو احوال تفصيل سان بيان ڪندي، پاڻ لکن ٿا:
    “..... مون ڏٺو ته بهترين ڪم ڪندڙ، پرخلوص، اَورچ ۽ تربيت يافته ماڻهو ڪميونسٽ ئي هئا ۽ اڄ تائين منهنجو اِهو ئي رايو آهي ته بهترين پڙهندڙ، سوچيندڙ، محنتي ۽ انٽرنيشنل آئوٽ لُڪ رکندڙ ماڻهو ڪميونسٽ ئي آهن.... مون ڪميونسٽ تحريڪ سان پنهنجي جيڪا وابستگي رکي، سا آءٌ اڄ به رکندو پيو اچان، ڇو ته مون کي وڌ ۾ وڌ شائستگي، محبت ۽ وسيع النظري، قومن جي تڪليفن ۽ مسئلن جو حل، زباني ادب، چاهه ۽ فضيلت ان ئي فڪر جي طبقي وارن ماڻهن ۾ نظر اچي ٿي.....”
    شاگرد تحريڪن، ٽريڊ يونين سرگرمين ۽ انقلابي جدوجهد ۾ حصي وٺڻ ۽ خاص ڪري ڪميونسٽ پارٽيءَ سان وابستگيءَ سبب ڪامريڊ سوڀي کي ڪيترائي ڀيرا قيد ۽ بند جي مصيبتن کي منهن ڏيڻو پيو آهي. جيل ته ڪامريڊ لاءِ ٻيو گهر هو. انهن عذابن ۽ تڪليفن جي باوجود به ڪامريڊ پنهنجي عظيم انقلابي جدوجهد تان هٿ نه کنيو، بلڪ انهن سبب سندس حوصلي ۾ بلندي ۽ خيالن ۾ پختگي آئي ۽ هو پنهنجن انقلابي نظرين تي اٽل ۽ اڏول رهيو. پاڻ اڄ به انساني سماج جي ڪايا پلٽ لاءِ لوڪ هلچل جو پرچار ڪن ٿا، جيڪي ماڻهو کيس چون ٿا ته “اوهان جيڪو خواب ماڻهن کي ڏيکارڻ جا جتن ڪيا، سو خواب ڀڄي ڀورا ڀورا ٿي چڪو آهي.” اهڙن مُرکن کي پاڻ جواب ۾ چون ٿا: “ڪامورن جو ڪميونزم ڀڄي ڀورا ڀورا ٿيو آهي. اصل آدرش اڄ به پنهنجي سمورن حيات بخش نظرين ۽ آدرشن سان موجود آهي. اهو خواب نه رڳو اسين ڏسندا رهنداسين پر اهو خواب ورهائيندا به رهنداسين.
    منهنجو محب، دوست ۽ ساٿي ڪامريڊ سوڀو گيانچنداڻي سنڌ جي انهن چند آڱرين تي ڳڻڻ جيترن ماڻهن منجهان آهي، جن جو مطالعو نهايت وسيع آهي. کيس دنيا جي ڪيترن ئي علمن، تاريخ، ادب، منطق، فلسفي، سائنس ۽ سماجي علمن تي چڱي دسترس حاصل آهي.
    ڪامريڊ سوڀو گيانچنداڻي سنڌ جي انهن اعليٰ پايي جي مفڪرن ۽ ڏاهن منجهان آهي، جن تي قوم بجا طور تي سدائين نازڪندي رهندي. پاڻ سموري زندگيءَ ۾ باعمل، باڪردار، اٽل ۽ اڏول، ڪميٽيڊ آدرشوادي ۽ سچا وطن پرست رهيا آهن. سندن سمورو جيون سنڌ ديس جي مظلوم ۽ محڪوم طبن کي ظلم ۽ استحصال کان نجات ڏيارڻ لاءِ، انصاف ۽ مساوات تي ٻڌل، هڪ سماجوادي معاشرو ائم ڪرڻ لاءِ ۽ سنڌ ڌرتيءَ جي خدمت ڪندي گذريو آهي. اهو ئي سبب آهي، جو اڄ سنڌ ۾ سندن نانءُ هر زبان تي نهايت ئي عقيدت ۽ احترام سان ورتو وڃي ٿو. ڪامريڊ سوڀو اڻٿڪ انقلابي جدوجهد جو روشن مينار ۽ مايوس ڪامريڊن لاءِ اتساهه جو سرچشمو ۽ اميد جو ڏيئو آهي

    محمد ابراهيم جويو
    حيدرآباد سنڌ
     
    8 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. رضا هاليپوٽو

    رضا هاليپوٽو
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏15 آڪٽوبر 2014
    تحريرون:
    6
    ورتل پسنديدگيون:
    3
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    جيئي سنڌ قومي محاذ
    ماڳ:
    ڳوٺ بچو هاليپوٽو
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. رضوان علي جمالي

    رضوان علي جمالي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏22 مئي 2011
    تحريرون:
    1,706
    ورتل پسنديدگيون:
    3,917
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ڌنڌو:
    سرڪاري نوڪر
    ماڳ:
    سنڌ ڌرتي جو ٻچڙو آهيان
    سائل سائين مٿي اوهان جيڪا تاريخي تصوير ڏني آهي جنهن ۾ سنڌ ڌرتي جا ٻه پُٽ سائين محمد ابراهيم جويو ۽ ڪامريڊ سوڀراج گيانچنداڻي پاڻ ۾ پيار ونڊي رهيا آهن تصوير ۾ هلڪي ڌنڌلاهٽ آهي يا فوڪس آوٽ آهي يا اپلوڊنگ ۾ ڪو مسئلو ٿيو آهي. ان تصوير کي ڪا ٽچنگ ڏئي نه صرف محفوظ ڪيو پر انٽرنيٽ تي اپلوڊ به ڪيو تاڪ اهي سڄڻ مانوارا جيڪي اهڙين شخصتين کان پري آهن پنهنجي البم ۾ سنواري رکن.
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. سائل مهراڻ

    سائل مهراڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏4 مئي 2014
    تحريرون:
    839
    ورتل پسنديدگيون:
    1,152
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    193
    ماڳ:
    مٺي ،ٿرپارڪر، ، سنڌ
    سائين اها تصوير سائين محسن جويو جي ٽائيم لائن تان کنيل آهي، خبر ڪونهي ته ائين ڇو آيو آهي مون هن کي ائين اپلوڊ ڪئي آهي وڌيڪ خبر سائين محسن جويو کي آهي
     
  5. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,869
    ورتل پسنديدگيون:
    27,210
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    مان سمجهان ٿو اها لو پِڪسل موبائل ڪيمرا ذريعي ورتل تصوير آهي.
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو