شهيد بختاور لاشاري

'سنڌ جون سرتيون' فورم ۾ جبار آزاد منگي طرفان آندل موضوعَ ‏22 آڪٽوبر 2014۔

  1. جبار آزاد منگي

    جبار آزاد منگي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏13 آڪٽوبر 2014
    تحريرون:
    392
    ورتل پسنديدگيون:
    1,111
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    463
    ڌنڌو:
    صحافت
    ماڳ:
    نصيرآباد
    شهيد بختاور لاشاري
    سنڌ ڌرتي جي تاريخ به پنهنجي الڳ حيثيت رکي ٿي هن ڌرتي به ڪيترن سورمن ۽ سورمين کي جنم ڏنو آهي جن موت کي به مات ڏي پنهنجي هڪ الڳ تاريخ ٺاهي آهي انهن ۾ شهيد مائي بختاور لاشاري به شامل آهي. جنهن پنهنجي حق وٺڻ خاطر ظالم زميندار سان مهاڏو اٽڪائي شهادت ماڻي شهيد مائي بختاور لاشاري سن ۱۸۸۰ع ۾ ڳوٺ دودو خان سرڪاڻي لڳ روشن آباد تعلقي ٽنڊو باگو مراد خان لاشاري جي گهر ۾ جنم ورتو هن جو والد مير وٽ هاري هو. بختاور مراد خان جو پهريون اولاد هئي جنهن ڪري مراد خان ۽ سندس ماءُ هن سان تمام گهڻو پيار ڪندا هئا. بختاور مراد خان کي پيري مشڪلن وڏي عمر ۾ ڌي جو اولاد ٿيو هوس ان ڪري بختاور سان تمام گهڻو پيار ڪندو هو ۽ ايئن مراد خان جي زندگي جا گاڏو هلندو رهيو نيٺ هڪ ڏينهن بختاور به جواني ۾ پير پاتو ۽ مراد خان سندس شادي ان جي سوٽ ولي محمد لاشاري سان ۱۸۹۸ع ۾ ٿي ۱۹۰۶ع ۾ بختاور کي پٽ ڄائو جنهن جو نالو محمد خان رکيائين پوءِ هن کي ۳ ٻار ٻيا به ٿيا جن ۾ قاضي لال بخش ۽ محمد صديق ۽ هڪ ڌي راستي به ٿي بختاور جو ور ولي محمد لاشاري هاڪڙي درياهه جي کاٻي ڪپ تي موجود ڳوٺ هيئدو ۾ رهندو هو ۽ سندس ور ولي محمد لاشاري قادياني اسٽيٽ ۾ هاري هو ۽ ان وٽ ٻاڪرو مال تمام گهڻو هو جنهن جي سار سنڀال به بختاور ڪندي هئي.


    ان وقت ۱۹۴۷ع ۾ هارين ۽ اسٽيٽ وارن جو پاڻ ۾ ڪڻڪ جي اڌ بٽئي تان تڪرار شروع ٿيو اسٽيٽ وارن جو چوڻ هو ته ڪڻڪ جي في مڻ مان اسان کي توهان جي حصي مان اسان کي ۲ ڪلو ڪڻڪ ڏيو جنهن تي هارين انڪار ڪيو ته کيڙي سان هاري ٿا ڪريون ڀاڻ مال جو وٿاڻن تان کڻي اسان ٿا ڇٽيون ڳاهيون به اسان هاري ٿا، سرد راتين ۾ پاڻي به اسان ٿا واريون ته اسان جي اڌ حصي مان توهان کي مڻ تي ٻه ڪلو ڇا جا ڏيون. جنهن تي ان وقت جي اسٽيٽ مينيجر چوڌري خالد ۽ سعدالله قادياني چيو ته اسان کي اسان جي مرڪز(ربوه) پنجاب مان حڪم مليو آهي ته في هاري کان مڻ تي ٻه ڪلو ڪڻڪ وصول ڪريو جنهن تي هارين رڙيون ڪيون ته اهو سراسر ظلم آهي اسان پنهنجي حصي مان هڪ داڻو به توهان کي نه ڏينداسون جنهن تي اسٽيٽ مينيجر مڇرجي پيو ۽ موقعي جي تلاش ۾ هو ته هارين کان ڪيئن به ڪري ڪڻڪ وصول ڪجي ۲۲ جون ۱۹۴۷ع تي هاري تحريڪ طرفان جهڏو شهر ۾ هاري ڪانفرنس ڪوٺائي هئي جنهن جي دعوت هاري اڳواڻ گل محمد لاشاري کي به ڏني وئي جنهن بختاور لاشاري جي ور سميت سڀ هاري وٺي جهڏي ويل هو پويان اسٽيٽ مينيجر جي نيت خراب ٿي پئي ته هاري سڀ ويل آهن جهڏي، ان ڪري اڄ موقعو آهي ته ڪڻڪ سڀ کڻي وٺان هن هارين جي نه هجڻ جو فائدو وٺندي ڪجهه لاٺڙيا پاڻ سان گڏ وٺي ڪڻڪ جي ديري (کري) تي پهتو ۽ عملدارن کي حڪم ڪيائين ته صاف ٿيل سڀ ڪڻڪ بيل گاڏين ۾ وجهو مرد نه هجڻ ڪري هارين جي عورتن چوڌري کي ڪافي منٿون ڪيون ته مهرباني ڪري اسان جي مردن کي اچڻ ڏيو پوءِ ڀلي ڪنڪ کڻي وڃجو پر اسٽيٽ مينيجر هارين جي هڪ به نه ٻڌي سڀ ڪڻڪ کني جڏهن بختاور جي ان جي صاف ٿيل کوڙي پهتو ته ڪمدار کي چيائين ته ڇا ٿا ڏسو ڪڻڪ کڻو جنهن تي بختاور چوڌري کي چيوته آئون توهان کي هڪ داڻو به کڻڻ نه ڏيندس هي منهنجي ٻچن جي روزي آهي وڏي محنت کان پوءِ مون هي فصل تيار ڪيو آهي تون مهرباني ڪري اسان غريبن تي ڪجهه رحم ڪر پر هن هڪ به نه ٻڌي۔ چوڌري جيئن ڪڻڪ ۾ هٿ وڌو ته بختاور ڪڻڪ ڪٽڻ واري ڏنڊي سان چوڌري کي ڪيرائي وڌو چوڌري جنهن جي هٿ ۾ بندوق هئي اها به بختاور جي پيرن ۾ اچي ڪري تنهن تي پويون بيٺل هڪ لاٺڙيي ڪهاڙي سان بختاور تي وار ڪيو ۽ بختاور کي زخمي ڪري وڌائين پر بندوق بختاور جي هٿ ۾ اچڻ کانپوءِ پويان کان بختاور تي ڪهاڙي جو وار ٿيڻ ڪري بندوق بختاور جي هٿ مان هيٺ ڪري پئي هن پنهنجو ڪڻڪ ڪٽڻ واري ڏنڊي کي ٻيهر کڻڻ جي ڪوشش ڪيائين ته سائيڊ تي بيٺل اسٽيٽ مينيجر ڊپ ۾ اچي بختاور جي ننڍي پٽ کي يرغمال بڻائي بختاور کي چيائين ته هاڻ جيڪڏهن وڙهڻ جي ڪوشش ڪندي ته پهريان تنهنجي پٽ کي ماريندس پوءِ توکي، جنهن تي بختاور پريشان ٿي وئي ته منهنجي ٻچڙي کي ڪجهه ٿي نه پوي ان ڪري هن ڪجهه دير خاموش رهڻ کان پوءِ ٻيهر چوڌري تي ڏنڊي سان وار ڪيائين ڌڪ لڳڻ کان پوءِ چوڌري ڪجهه ٿڙيو ته هن يڪدم پنهنجي پٽ کي پويان بيهاري چوڌري تي ٽيون وار ڪرڻ لاءِ سڌي ٿي ته چوڌري بندوق جا سڌا فائر بختاور تي کولي ڇڏيا جيڪي بختاور کي سيني ۾ وڃي لڳا بختاور ڪري پئي ڪجهه دير ۾ بختاور وڃي جام شهادت پيتو ۽ امر ٿي وئي پر اسان ۾ حق وٺڻ جي نئين جوت جاڳائي وئي تاريخ ۾ ڏٺو ۽ پڙهيو ويو آهي ته حق پنڻ سان به پر ڇنڻ سان ملندا آهن جيئن ڪتي لطيف سائين فرمائي ٿو ته:
    سورهيه مرئين سوڀ کي، نه دل جا وهم سڀ وسار،
    کڻ ڀالا وڙهه ڀاڪرئين، آڏي ڍال ۾ ڍار،
    مٿان تيغ ترار مار ته متارو ٿئين. (شاهه(
    بختاور به لطيف جي هنن سٽن جي عڪاسي ڪندي شهادت ماڻي سنڌ جي هارين مزدورن پورهيتن جي ڌڻي در دعا آهي ته سنڌ جي اهڙن سورمين ۽ سورمن کي جنت ۾ جاءِ عطا فرمائي ۽ اسان ۾ حق وٺڻ جي سگهه ۽ ٻڌي پيدا ڪري.
    http://sindhipeoples.blogspot.com/2012/10/blog-post_8780.html تان ورتل
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو