1. سنڌ سلامت کي وڌيڪ هڪ سال هلائڻ لاءِ تعاون جي اپيل..!
    سنڌي ٻولي جي سڀ کان وڏي فورم کي وڌيڪ هڪ سال هلائڻ لاءِ سمورن دوستن ۽ احبابن کي تعاون جي گذارش ڪجي ٿي..وڌيڪ هڪ سال هلائڻ لاءِ سنڌ سلامت کي 60000 روپيه گهربل آهين ..وڌيڪ تفصيل لاءِ هن لنڪ تي اچو

    ٽارگيٽ: 60,000
    37500

ڀڳونتي ناواڻي:

'سنڌ جون سرتيون' فورم ۾ سائل مهراڻ طرفان آندل موضوعَ ‏22 آڪٽوبر 2014۔

  1. سائل مهراڻ

    سائل مهراڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏4 مئي 2014
    تحريرون:
    839
    ورتل پسنديدگيون:
    1,151
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    193
    ماڳ:
    مٺي ،ٿرپارڪر، ، سنڌ
    [​IMG] ڀڳونتي ناواڻي:
    سنڌين جي سڪيلڌي ۽ لاڏلي فنڪاره، سنڌوءَ جي نياڻي، ڪماري ڀڳونتي ناواڻيءَ جو جنم، 1 فيبروري 1940ع تي ڪراچيءَ ۾ ٿيو، جڏهن ته سندس اصل اباڻو ڳوٺ نصرپور ضلعو حيدرآباد (هاڻي مٽياري) هو. سندس -تعليم- مئٽرڪ هئي. پرائمري -تعليم- ڪراچيءَ ۾ فريئر روڊ وٽ انڊين گرلس اسڪول مان حاصل ڪيائين. 1947ع ۾ ملڪ جي ورهاڱي کان پوءِ، 1948ع ۾ فسادن سبب سنڌ مان لڏي مائٽن سان گڏ -بمبئي- هلي وئي. پهرين ڪملا گرلس هاءِ اسڪول بمبئيءَ ۾ پڙهي، -ان- بعد هاءِ اسڪول فار سنڌيز بمبئيءَ مان 1957ع ۾ مئٽرڪ پاس ڪيائين. ڀڳونتي ناواڻيءَ وارا پاڻ ۾ ٽي ڀائر ۽ ٽي ڀينرون هيون ۽ ڀڳونتي ڀائرن ۽ ڀينرن ۾ ٽيون نمبر هئي. ڀڳونتيءَ کي ڳائڻ جو شوق ننڍي هوندي کان ئي هو. -ان- وقت سندن گھر ۾ ريڊيو نه هوندو هو. پر سندن گھر جي هيٺان هڪ گھر ۾ ريڊيو هو ۽ جڏهن به ريڊيو تي ڪو گيت ٻڌندي هئي ته يڪدم ٻڌڻ جي شوق ۾ ڊوڙ -پائي- -ان- گھر ۾ ويندي هئي. -ان- کان سواءِ اسڪول ۾ جيڪي -بيت- ۽ نظم -پڙهيا- ويندا هئا، اهي هر وقت گھر ۾ وڏي آواز سان ڳائيندي رهندي هئي. سمورو وقت گهر ۾ ڳائڻ سبب ماءُ جا دڙڪا ۽ ڳالهائڻ به سهڻا پوندا هئس. هن سنگيت جي باقاعدي ڪنهن -استاد- کان -تعليم- نه ورتي، پر سنگيت اسڪولن ۾ -تعليم- ورتائين. سال کن ديوڌر ميوزڪ اسڪول بمبئيءَ ۾ ۽ ٻه سال کن نکل گھوش ميوزڪ اسڪول بمبئيءَ ۾ به -تعليم- حاصل ڪيائين. عملي سکيا Indian Peoples Theater Association/ IPTA مان ورتائين. -ان- وقت ننڍي کنڊ جو وڏو ڪهاڻيڪار خواجه احمد عباس -ان- اسڪول جو صدر هوندو هو. -ان- کان سواءِ -بمبئي- يوٿ ڪوائر ۾ به وقت بوقت سنڌي، مراٺي، گجراتي، هندي ۽ اردوءَ ۾ ڳائيندي هئي. -ان- وقت سنجيو ڪمار، بلراج ساهني ۽ اي. ڪي. هنگل به -ان- ۾ حصو وٺندا هئا. اهو 68-1967ع جو زمانو هو. ڪڏهن ڪڏهن لتا منگيشڪر به ساڻن شريڪ ٿيندي هئي. ميوزڪ ڊائريڪٽر سنيل چوڌري انهن پروگرامن جي هدايت ڏيندو هو.
    ڀڳونتي ناواڻيءَ ڊرامن ۾ آرٽسٽ طور به ڪم ڪيو. سندس ڀائر ايشور ۽ نند به ساڻس اسٽيج ڊرامن ۾ ڪم ڪندا هئا. ايشور ته -ان- وقت بهترين آرٽسٽ ليکبو هو. ڀڳونتيءَ شيڪسپيئر جي مشهور ڊرامي ”آٿيلو“ (سنڌي) ۾ ڪم ڪيو ۽ آل -انڊيا- مقابلي ۾ پهريون -انعام- حاصل ڪيو. -ان- کان سواءِ هڪ سنڌي فلم ”سنڌوءَ جي ڪناري“ ۾ هيروئن جو رول ادا ڪيائين. -ان- فلم ۾ سنڌيت جو پرچار ڪيو ويو هو. اها سندس پهرين ۽ آخري فلم ثابت ٿي. -ان- بعد مشهور ميوزڪ ڊائريڪٽر هيمنت ڪمار هن کي هڪ هندي فلم ۾ ڪم ڪرڻ جي آڇ ڪئي، پر هن اها آڇ قبول نه ڪئي. ڀڳونتيءَ پهريون پروگرام گوبند مالهيءَ جي قائم ڪيل ”سنڌي ڪلاڪار منڊل“ ۾ ڏنو. ابتدا ۾ هنديءَ ۾ ڳائيندي هئي. -بنگالي- فلم ڊائريڪٽر رتوڪ گھٽڪ هڪ دفعو گوبند مالهيءَ کان شاهه ۽ سچل جو فلسفو ٻڌڻ کان پوءِ هن کي اتساهه ڏياريو ته هندي فلم لائين ۽ سنگيت سان جڙيل رهڻ ڪري ممڪن آهي ته گوبند مالهي وڏو فلم ڊائريڪٽر ۽ -ڀڳونتي ناواڻي- به پلي بئڪ سنگر ثابت ٿئي، پر شاهه ۽ سچل جو ڇا ٿيندو؟ ڇا اهو ممڪن نه آهي ته هن ڇوڪريءَ معرفت سنڌ کان لڏي آيل ۽ هندوستان ۾ ٽڙيل پکڙيل سنڌي ۽ سندن نئون نسل سنڌ ۽ شاهه کي سڃاڻي وٺن ۽ پنهنجي ”سنڌيت“ کي قائم رکن. انهيءَ کان پوءِ ڀڳونتيءَ ۽ مالهيءَ ٻنهي پنهنجو ڌيان صرف ئي صرف سنڌي سنگيت کي ڏنو، جيڪو آخر تائين قائم رهيو. شاهه، سچل سرمست گورڌن ڀارتي، هوندراج ’دکايل‘، پرڀو ’وفا‘، واسديو نرمل، ڪرشن راهي، نارائڻِ شيام، شيخ -اياز-، موتي پرڪاش ۽ ٻين جي شاعري کي ڳايائين. هن جا ڳايل ڪرشن راهيءَ جا ”سنڌ ۽ سنڌي“ ڏوهيڙا/بيت ايترو ته مقبول ٿيا، جو هر هنڌ کيس انهن جي ڳائڻ جي فرمائش ڪئي ويندي هئي. هن جي پرسوز آواز ۾ وطن سنڌ جي محبت ۽ سڪ موجود هئي.
    ڀڳونتي ناواڻيءَ سوين گيت، ڪلام، لاڏا، ڀڄن، مزاحيه گيت رڪارڊ ڪرايا، جن ۾ ريڊيو تي ڳايل، هز ماسٽر وائس، ايڇ.ايم.وي، لانگ پلي رڪارڊ ۽ ڪيسٽون شامل آهن. هن کي شاهه جو ڪلام ”ڏني ڪا ماءُ سورن جي، پينگھي ۾ لولي ادا“ ڏاڍو پسند هو ۽ اڪثر بي ساخته جھونگاريندي رهندي هئي. ڀڳونتي هند ۽ سنڌ ۾ هڪ جيتري مقبول هئي. آل -انڊيا- ريڊيو معرفت کيس هند ۽ سنڌ مان وڏي تعداد ۾ خط ايندا هئا. هن ذري گھٽ سڄي هندستان ۾ فن جو مظاهرو ڪيو. جوڌپور (راجستان) کان گوهاٽيءَ (آسام) تائين ۽ دهليءَ کان بئنگلور تائين جنهن به شهر يا وستيءَ ۾ سنڌين جا پنج گھر به هئا، ته ڀڳونتي ۽ سندس ڪلاڪار منڊل کي دعوت ڏئي گھرايو ويندو هو. هوءَ دبئي، هانگ ڪانگ، سنگاپور، ٽوڪيو، جڪارتا ، منيلا، ٽاپئي (فارموسا) ۽ لنڊن ۾ رهندڙ سنڌين جي دعوت تي ڪيترا ڀيرا اتي فن جي مظاهري لاءِ ويئي. جنم ڀومي سنڌ مان به کيس ڪيتريون دعوتون مليون، پر ويزا نه ملڻ سبب نه اچي سگھي. هن کي ڀٽ شاهه، درازا، نصرپور، شڌاڻي درٻار، سيوهڻ، اڏيري لال تي وڃي ڳائڻ جي ڏاڍي سڪ هئي. -ان- کان سواءِ ڪراچي، حيدرآباد، سکر، ساڌٻيلي ۽ ٻين شهرن کي ڏسڻ جو به ڏاڍو چاهه هئس. هن جا پسنديده سنگيتڪار: بلو، سي راڻي، سي. -ارجن- ۽ سي. لکميچند هئا. سندس گيتن جي اڪثر ڪمپوزيشن ميوزڪ سي.لکميچند ڏني آهي، جيڪو پاڻ به سٺو ڳائڪ هو. هن پنهنجي ساٿي گوبند مالهيءَ سان گڏ هند ۾ سنگيت ۽ ڊرامن ذريعي سنڌيت جو وڏو پرچار ڪيو. هن گوبند مالهيءَ جي صلاح تي سنڌي ڪلامن کي جديد طرز تي ڊسڪو تي به ڳايو. ”پيرين پوندي سان، چوندي سان“ شاهه جو ڪلام هن جو هر هر ٻڌڻ جهڙو هو.هن لاڳيتو پنج پنج ڪلاڪ به ڳايو. هوءَ پهرين سنڌي ڳائڻي هئي، جنهن ڪافي مخالفتن کي برداشت ڪري سنگيت کي بچائڻ جا جتن ڪيا ۽ ڪاميابي حاصل ڪيائين. هن جي پسنديده شخصيت گوبند مالهي هو. هوءَ چوندي هئي ته مٿس گوبند مالهيءَ جي مهر ۽ ڇايا نه هجي ها ته هوءَ ڪامياب فنڪاره نه ٿي سگھي ها. ڀڳونتي ناواڻيءَ، گوبند مالهيءَ جي رهبريءَ ۽ هدايت ۾ سنڌيت جي عيوضي طور هند ۽ دنيا ۾ پاڻ ملهائي، سنڌيت جو شان اوچو رکيو. ڀڳونتي ناواڻيءَ جو امر آواز سنڌي نرتڪي انيلا سندر جي سنڌي نرتيه بئلي ”سنڌيت جي سرهاڻ“ ۾ به موجود آهي. ڀڳونتيءَ سڄي عمر شادي نه ڪئي ۽ چوندي هئي ته هن آرٽ ۽ موسيقيءَ سان شادي ڪري ڇڏي آهي. هوءَ هندوستان جي پهرينءَ صف جي گائڪن ۾ شمار ٿيندي هئي. ڪجهه عرصي لاءِ بمبئيءَ ۾ اعزازي طرح اسپيشل ايگزيڪيٽو مئجسٽريٽ به رهي. پر هن جي من جو لڳاءُ سنڌي موسيقيءَ سان ساهه جي آخري -تند- ٽٽڻ تائين قائم رهيو. سنڌ جي هيءَ بي بها نياڻي 46 سالن جي ڄمار ۾ 22 -آڪٽوبر- 1986ع تي سنڌي سنگيت کي ڇورو ڇنو ڪري وئي.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو