”لفظن جي خواهش“ تي تبصرو

'سنڌي ادب' فورم ۾ نرمل طرفان آندل موضوعَ ‏16 مئي 2010۔

  1. نرمل

    نرمل
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏7 اپريل 2010
    تحريرون:
    131
    ورتل پسنديدگيون:
    69
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ادب سان دلچسپي ۽ وڪالت
    ماڳ:
    شاهه لطيف چوڪ ڪوٽڙي
    ناول ”لفظن جي خواهش“ تي تبصرو
    ”نرمل“ کوهارو
    ناول ”لفظن جي خواهش“ پڙهي پوري ڪرڻ بعد دل چيو ڇو نه ڪجهه هن ڪتاب جي تبصري بابت لکي ڪجهه پنا ڪارا ڪجن نيٺ ڪافي دير کان پوءِ حيدر دريا زئور جي ناول جو گهرو مطالعو ڪرڻ کانپوءِ ڪجهه هن ريت سمجهه ۾ آيم سو پڙهندڙ لاءِ هيٺ پيش ڪري رهيو آهيان. مون جيڪا سندس لکڻي ۾ پهرين خوبي ڏٺي اُها هيءَ ته سندس پوري ناول ۾ جدت جا عڪس واضع طور نظر اچن ٿا، جيتوڻيڪ سندس ٻوليءَ ۾ پختگيءَ ۽ نج پڻو آهي، سندس پيش ڪيل ڪردار هڪ ٻئي سان بلڪل ٺهڪندڙ ۽ ماحول مطابق آهن، جيتوڻيڪ هن ناول جو پلاٽ ”سچي محبت“ تي آڌاريل آهي، هن ناول ۾ مرڪزي ڪردار ”آسا“ نالي عورت تي مشتمل آهي، خاص ڪري لفظن جي پيشڪش تمام اسلوب، مترنم ۽ روانگي واري آهي، پڙهڻ وقت اهو بار بار پئي محسوس ڪيم ته ليکڪ ڪردارن جي جملي سازي سان تمام گهڻو انصاف ڪيو اٿس. آئون ان ڳالهه سان بلڪل سهمت آهيان، ناول جي منڍ ۾ ارپنا واري صفحي تي حيدر دريا زئور سنڌو نديءَ کي هن لفظن ۾ ڀيٽا ڏئي ٿو:
    ” ارپيان ٿو- سنڌونديءَ ماءُ جي نانءُ جنهن جا وهڪرا، جيجل ماءُ جي ٿڃ جيئان، آبِ حيات جي برابر آهن. جنهن جي هنج ۾، زندگي جو جيئاپو ۽ قومي وجود جا وڻ سدا ساوا ۽ آباد آهن. جنهن جي حيات سان اربين حياتين جا بند ٻڌل آهن.“
    بعد ۾ پاڻ پيش لفظن ۾ هن ريت پنهنجي زندگيءَ جو مفهوم لکن ٿا:
    ” زندگيءَ ۾ پهريون پيار، پهريون سوال ۽ پهريون تجربو، ماڻهو جي احساس ۽ ويچار ۾ هڪ نرالي ڪيفيت جو درجو رکي ٿي. جنهن جي سمجهه ٿورو ڪجهه وقت کائي پوءِ پنهنجي اصليت کان واقف ڪندي آهي. شايد اهڙن احساسن کي لفظن جي اصل شڪل ڏيڻ ئي ڏاهپ، سمجهه ۽ ڏات آهي. منهنجو هي ناول به منهنجي لاءِ پهريون سوال ۽ پهريون تجربو آهي. جنهن بابت مان پنهنجي طرفان ايئن چوندس ته، منهنجي سمجهه بس ايتري شايد آهي. يا مان پنهنجي سمجهه اڃان سمجهي ايتري سگهيو آهيان. جنهن مونکي پنهنجن مختلف لکڻين ذريعي ايترو سمجهايو سيکاريو آهي ته، ليکڪ پنهنجي ارمانن جي هڪ اهڙي ٻني هوندو آهي. جيڪا هو پنهنجي اکين جي آب سان آباد ڪندو آيو آهي. پوءِ انهن مان هڪڙا پڪل سور کڻي ٿو ته وري ٻيا ساوا ٿي سنگ جهليندا آهن. ائين ليکڪ ذاتي توڙي قومي ارمانن جي باغ جو باغبان رهيو آهي. “
    حقيقت ۾ هڪ سٺو ليکڪ ئي احساسن ۽ جذبن جي ترجماني ڪندڙ آهي، جيڪو لفظن جي خواهشن سان ئي هڪ سهڻي ۽ نرالي تخليق ڪري سگهندو آهي، هن ناول ۾ ليکڪ انسانيت، حب الوطني ۽ قومي جذبي کي به پنهنجن نُڪتن ۾ نروار ڪيو آهي. سندس مهاڳ جي شروع ۾ هيٺين ريت لکي ٿو:
    ” مان به مجاز مان حقيقت جي اهڙي وڻ پوکڻ لاءِ- هن ناول ذريعي اڃان رڳو سندس ٻج واري حاصلات لاءِ اهڙي ڪوشش ورتي آهي- ۽ اهڙي جستجو لاءِ پنهنجي ذهن کي جان جي نظراني تائين به ترسائي ويٺو آهيان. توڻي جو صليب، ڦاهيون ۽ ڦٽڪا وغيره- سچ جي اڳيان امام حسين جي قرباني کانپوءِ- پنهنجي ڪُل اهميت ۽ اهليت فنا ڪري چڪا آهن. پر پوءِ به ٿورو سچ کڻي چئجي ته منافقي، دولاب ۽ دورُخي سبب حقيقت تي ڄڻ ڪوڙ، فريب ۽ پاپن جا پردا چاڙهيا ويا آهن. ائين چئون ته ڪاتبن ۽ خطيبن، مولوين ۽ مُديرن يا عاشقن ۽ حسينن- عشق مجاز کي پنهنجي مطلبي پيار جو يورپي مطلب ۽ مفهوم ڏئي زماني جي نقلي هُل ۾ ائين گم ڪري ڇڏيو آهي. جو هڪ دفعو وري شاهه لطيف رح جي راڳيل کوڙي جو ليڙو لاهڻ لاءِ سچل سرمست جو اهو سچ سمجهڻ ۽ سمجهائڻ جي ضرورت آهي ته:
    هڪ جُوءَ ٻي جوءِ، ڇڏن ڪين جوان،
    اُهي ڀي انسان، جيڪي ننگن تان نثار ٿيا.
    (سچل)“
    هن ناول جي شروعات ۾ سائين مگهن شرما جي طرفان ٻه اکر پڻ لکيل آهن پاڻ ليکڪ جي باري ۾ ڪجهه هن ريت خيال پيش ڪن ٿا:
    ”جيتوڻيڪ حيدر دريا جو هيءَ پهريون ڪتاب آهي جيڪو پڙهندڙن جي هٿن ۾ آهي. ناول مختصر ڪهاڻيءَ تي ٻڌل آهي، ۽ مُک ڪردار ”آسا ۽ فتاح“ جي پيار تي مشتمل آهي. سندن پيار ۾ ”اقرار“ اٽڪاءُ ٿو ڪري.
    چوٿون ڪردار آسا جو ملازم چاچا صالح آهي.
    ناول جي مُک عورت ڪردار ”آسا“ ايتري آزاد ماحول ۾ رهندڙ ڏيکاريل آهي جيڪا پنهنجي زمينداري به سنڀالي ٿي- سندس گهر ۾ صرف هڪ ملازم چاچو صالح موجود آهي جيڪو سندس هر عمل تي ڪجهه به نه ٿو چوي! ساڳئي وقت اوڙي پاڙي وارا، مٽ مائٽ به سندس ڪنهن به عمل تي اعتراض نه ٿا ڪن. فتاح ۽ اقرار ساڻس راتين جو ائين ٿا ملن ڄڻ پنهنجي گهر ۾ ويٺا هُجن!
    آسا جي پيار تي ڪي به پهرا نه آهن.
    ها! ليکڪ جو اِهو خيال آهي ته سنڌي سماج اڳتي هلي اهڙو جُڙي جنهن ۾ غيرت جي نانءُ تي ٻن دلين جا ڳڀا ڳڀا نه ڪيا وڃن... رڍن ٻڪرين وانگر سندن چاهت جا سودا نه ڪيا وڃن... پيار ڪرڻ جي ڏوهه ۾ پلاند نه پاريا وڃن... سڱ چٽيءَ ۾ سنڌي نياڻي تين وال نه ڪئي وڃي... پر سماج ۾ برابري جو درجو ڏنو وڃي... اسان جو سنڌي سماج ايترو اڳتي هُجي جو جيئي ۽ جيئڻ ڏي جي اصول تي عمل پيرا هُجي ائين جيئن فتاح، آسا ۽ اقرار جي شاديءَ جي ٻنڌڻ ۾ ٻڌجڻ تي پنهنجيءَ چاهت جي بي وسيءَ تي ماتم ته ڪري ٿو پر ائين نه ٿو ڪري ته ”آسا جي مُنهنجي نه ٿي ٿئي، ته وري ٻئي ڪنهن جي ڇو ٿئي؟“
    مٿس نه ڪهاڙيءَ جا وار ڪري ٿو- نه بندوق تاڻي ٿو. نه سندس لاءِ ڌرتي تنگ ٿو ڪري نه تيزاب هاري سندس نازڪ ۽ نفيس حسين بدن جي سونهن ٿو ڦٽائي.... آسا جا مينديءَ رتا هٿڙا رت هاڻا نه ٿو ڪري...!“
    ان کان پوءِ هن ناول ۾ ٻه اکر لاءِ چند ڳالهيون نئين ٽهي جي نوجوان ليکڪ حيدر زرياب پڻ ڪيون آهن. جن مان چند سٽون هيٺ پيش ڪجن ٿيون:
    ” ڪهاڻيون جتي ڪٿي ساڳيون آهن، قصا ساڳيا آهن، قلم کڻڻ وارا هٿ بس مٽجي ويندا آهن. جنهن ڪهاڻي تي، جنهن قصي تي سائين حيدر قلم کنيو آهي، انهي قصي تي مان شايد قلم نه کڻي سگهان ها. مون ۾ ايتري وسعت ئي ناهي جو انهي قصي تي ائين قلم کڻي سگهان ها. اهو حيدر دريا هو، جنهن پاڻ نڀايو، جنهن پاڻ ملهايو.“
    اها حقيقت آهي ته هر انسان جي پنهنجي پنهنجي سوچ هوندي آهي، هر ڪنهن جي اندر جي دنيا ۾ اڀرندڙ ۽ پلجندڙ خيال الڳ الڳ هوندا آهن، جيتوڻيڪ حيدر دريا جي ناول ۾ درد جو تصور ڏاڍو نرالو آهي، اهو ڪڏهن محبت کان ڇڄي نه ٿو، بلڪ اهو مختلف رخن کان ٿيندو واپس محبت ڏانهن هليو وڃي ٿو. هن ناول جو مهاڳ سنڌي ادب جي نامور شخصيت سائين مراد علي مرزا جو لکيل آهي، سندن بقول ته:
    ” حيدر دريا جي هن تحرير ’لفظن جي خواهش‘ کي مون اول کان آخر تائين پڙهيو آهي. سچ اهو آهي ته مصنف ان تي ناول جو لفظ لکي مون کي ڄڻ ته هرکائي ڇڏيو ته آئون اها تحرير پڙهي وڃان. مون کي معلوم ٿيو ته ناول جون روايتي ضرورتون ۽ گهرجون تحرير جي لاڳيتي روانيءَ جي پس منظر ۾ پوشيده ٿي ويل آهن. ان سبب جي ڪري واقعن جي اهميت کي نظر انداز ڪندي، ڪردارن خاص ڪري ’آسا، فتاح ۽ اقرار‘ جي داخلي ڇڪتاڻ کي پيش منظر ۾ آڻي، هنن جي سماجي ڀڃ ڊاهه کي روشن ڪيو ويو آهي.حيدر دريا جي هيءَ تحرير اسان جي زماني، اسان جي دؤر جي بي حد ڏکائتي صورت حال جو پڻ عڪس آهي، جنهن ۾ هر طرف، هر پاسي شڪ ۽ گمان جا اولڙا هڪ ٻئي سان ٻکئين پئجي ويل آهن، ان ڇڪتاڻ جي، جيڪا هڪ نئين سوچ ۽ نئين فڪر جي اثر هيٺ اُڀري ظاهر ٿي آهي، بيشڪ اثرائيتن لفظن ۾ تصوير ڪشي ڪئي وئي آهي.“
    ماڻهپو ئي حقيقت ۾ انسان جو معراج هوندو آهي، ليکڪ ناول ۾ هڪ جاءِ تي انسانيت جي باري ۾ ڪجهه هن ريت لکي ٿو:
    ” تون ته انسانيت تصور ئي ان کي ڪندي هئين- جنهن جي شڪل ۽ شبيهه تنهنجي نڪور نوٽن تي ڇپيل- توکي صاف نظر ايندي هئي-
    تنهنجو به ڪهڙو ڏوهه- روپيو طاقت به اهڙي رهيو آهي- جنهن جي چڪلي کان وٺي مڪي شريف تائين رسائي آهي. گناهه کان وٺي توبهه تائين- ۽ ڪفر کان وٺي ڪعبه تاءِ سندس پهچ آهي- ته پوءِ تنهنجو عقل ڪيئن نه ابتال ٿيندو.
    توکي ته لفظ انسانيت کان ئي چڙ وٺندي هئي- سا به اهڙي وقت صرف- جڏهن ٻين لاءِ اهڙا لفظ تون منهنجي زباني ٻڌندي هئين-
    تڏهن توکي وڌيڪ چيڙائڻ خاطر- مان لفظ انسانيت کي وڌيڪ لفظن جي بلندي ڏيڻ لاءِ- ٻيڙي سڙهه جيئان- پنهنجا خيال تنهنجي مغز تي رکي- پنهنجي زبان سان سبي ساڄاڪندوهئس.
    تون پنهنجي اڻڄاڻائي ۽ ناداني سبب- انسانيت جي ترندڙ- ٻيڙيءَ کي تُن ڪري- وري هاڪاريو به هميشه اَوَتڙ ڏانهن جتي ڪئين غوراب غرق ٿين.
    ۽ مان هڪ خلاصيءَ جي حيثيت سان انسانيت جي ٻيڙي تاريندڙ غافل ۽ گهري، ننڊ ستل ناکئي کي ونجهه مٿي ۾ هڻي پي بيدار ڪيو- ۽ کيس سکاڻ جي سنڀال ۽ سڙهه ساڄو ڪرڻ واريون نيڪ صلاحون ڏنيون.
    ۽ تون منهنجي اهڙي انسان دوست نظريي تي- هروقت ٺٺولي ڪندي هئين-
    تو ڪنهن رات ائين به چيو هو ”فتاح! تون ڀنگ پياڪ موالي قوم ۽ آفيم خور اڌڙ انسان جي عظمت ۽ آزادي جي ڳالهه ڪيئن ٿو ڪرين؟- جنهن کي طرز زندگي جي ڪا ساڃاهه نه آهي- انهن جي انسانيت ته- مٽيءَ جو ٺهيل ڍڳو آهي- تون ان کي گهڙي ٺاهي، رنگ روپ ڏئي، ان مان اوڻايون ڪڍي Clear ڪري- جڏهن اهڙي کين ساڃاهه ڏيندين- ته وري هو- ان جو ڪنهن مهل ڪنڌ ته ڪنهن مهل ٽنگ، ٻانهه ڀڃيو ويٺا هوندا!- آخر تون ڪيترو انهن جي اهڙي انسانيت جي جوڙ توڙ ڪندين- نيٺ ته تون پنهنجي انسانيت به انهن جي نشي آور لتن ۾ ڌوڙ ڪندين- جن کي ٺري (Kind of Country Wine) ۽ ٺڪر جي ڪونڊن ۾ پنهنجو ماڻهپو نظر آيو هجي- انهن کي انسان ۽ انسانيت جو نظر اچڻ تمام مشڪل آهي.“
    تو تاريخي حوالو ڏيندي وڌيڪ چيو هو ”اسان انگريزن کان اڳ به سکن، سنتوشن جي غلاميءَ ۾ سندن پير پي ڌوتا- انگريزن کان پوءِ- اسان پيري، مريدي، واريون رت پياڪ ڄؤرون پنهنجو پاڻ کي چهٽائي ڇڏيون- ۽ هاڻ به اڃان تائين سرڪاري، رئيسن، ۽ ملن، مشيرن جون اوطاقون اوتارا پيا ٻوهاريون- آزادگڏهه جو سوار بڻجي- پنهنجي تهذيب ۽ ثقافت کي نشن جي دونهن ۾ اڏائيندڙن کي- تون ڪهڙي انسانيت جا سنج ڏئي هسوار ڪندين؟- ۽ تاريخ کي ڪوڙ جي بوتل ۾ وجهي- شو ڪيس ۾ رکڻ، ته ڪو اسان جي امير امراءُ کان ئي سکي!.“
    تنهنجو اهو چوڻ ته حقيقت ۽ حق بجانب هو- پر عمل جي لحاظ کان تون به انهن ماڻهن مان هئين- جيڪي صرف سٺيون صلاحون ڏيندڙ ۽ ملوڪ مشورن جا ماهر هوندا آهن- باقي عمل سندن ذهن ۾ خارش ۽ سوچن ۾ سُستي ٿو پيدا ڪري- ايتري تائين جو عمل سندن منهن اچي لڳندو آهي- ته هو گدڙ جيئان پٺ ڏئي ڀڄڻ جون راهون ٿا ڳولين- پوءِ جڏهن ڀڄڻ جي ڪائي واٽ کين نظر نٿي اچي تڏهن نيون، نيون صلاحون ڏيڻ شروع ڪندا آهن- پر اهڙي صلاح هرگز نه ڏيندا آهن- ته صلاح بزدلي ۽ عمل بهادري آهي- بلڪل اهڙي طرح سان- تنهنجن انهن نيڪ صلاحن جي ڊوڙ به صرف مون تائين محدود رهي.“
    هن ناول ۾ هڪ هنڌ ليکڪ ڪيڏي نه خوبصورت ڳالهه ڪري ٿو:
    ” تنهنجي من ديواليءَ جو مشتاق بڻجي- پنهنجي سيني اندر سمائجي ويل خيالن سان- عبارت جي اهڙي عمارت اڏڻ به چاهيم- جنهن ۾ پورهيت جي بک، بيماري ۽ اگهاڙي انگ لاءِ ڪا سام هجي ۽ ڪو حيلو وسليو هجي.
    اهڙي عبارت! جيڪا سندس محرومي، بي قدري جو سبب- نفعي خور زماني کان- ان کان جو ضمير پڪڙي ان کان پڇندي هجي. ۽ ناجائز نفعي خوري واري خاتمي جو حل- پاڻ ڳولي لهندي هجي-
    سماج ۾ قائم ڪيل رشوت خوري- بدمعاشي ۽ بي ايماني- بداخلاقي ۽ بي حيائي،
    بدسلوڪي ۽ بي رحمي،
    بدنيتي ۽ بي شرمائي،
    بد عهدي، بد انتظامي ۽ بي غيرتائي جي شهنشاهي کي ذلت جو موت ڏيئڻ لاءِ، پنهنجن خيالن جي تشبيهه کي اهڙي تحرير بنائڻ پي چاهيم- جيڪا سچائي پاڻ ڳالهائيندي رهي ۽ پنهنجي لفظي جنگ- اهڙن مضبوط هٿيارن سان وڙهي جيڪا فتوائي ملائيت جا پٽڪا ڇنڊي! انسان، فڪر جي آزادي، امن، اخوت ۽ اقتصادي خوشحالي جي نمائندگي ڪري سگهي. “
    هيءَ ناول ڊيمي سائيز 248 صفحن تي مشتمل آهي ٽائيٽل جي پويان نواز خان زئور پڻ ليکڪ جي ذاتي زندگي ۽ سندس ناول تي ڪجهه سٽون اخذ ڪيون آهن. آخر ۾ دعا آهي ته شال، سنڌي سماج حيدر دريا جي خيال وانگر منزلون ماڻي ۽ سندس ارادن جي حُسناڪي چنڊ جي چانڊاڻ جِيان سنڌ ڌرتيءَ تي وِکري پوي.
    سنڌ سلامت- ساٿ سلامت
     
  2. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,386
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    جواب: ”لفظن جي خواهش“ تي تبصرو

    لاجواب مضمون آهي

    سدائين گڏ
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو