کير ڳئون جو، نالو ماءُ جو ملين ڊالر جو سوال آهي ته مستقبل ۾ ڳئون کي ڪهڙي نظر سان ڏٺو ويندو ڇاڪاڻ ته ڳئون اهڙو کير ڏيڻ شروع ڪري ڇڏيو آهي جنهن ۾ انساني کير جون خاصيتون پڻ شامل آهن يعني ڳئون جي کير ۾ ماءُ جي کير واريون سموريون خاصيتون شامل آهن. چين جي گادي واري هنڌ بيجنگ ۾ زرعي يونيورسٽي جي ايگرو بائيو ٽيڪنالاجي واري کاتي جا سائنسدان طويل عرصي کان جاري ريسرچ بعد 300 ڳئون تيار ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي چُڪا آهن جيڪي انساني خاصيتن وارو کير ڏينديون آهن. ريسرچ ڪندڙ ٽيم جي سربراهه پروفيسر نينگ لي جو چوڻ آهي ته اسين ڪلوننگ ٽيڪنالاجي ڪتب آڻيندي انساني ڊي اين اي ذريعي هال اسٽين نسل جي ڳئون جو اهڙو نسل ايجاد ڪيو آهي جنهن جي کير ۾ انساني کير جون سموريون خاصيتون شامل آهن. پروفيسر لي جو چوڻ هو ته هن مهل اسان وٽ نئين نسل جون 300 کان وڌيڪ ڳئون موجود آهن ۽ اسين هنن جي کير جي مقدار وڌائڻ لاءِ ڪوشش ڪري رهيا آهيون ته جيئن مارڪيٽ ۾ اِهو کير آساني سان ملي سگهي. هال اسٽين نسل جي ڳئون جو اصل وطن هالينڊ آهي ۽ هن کي سڄي دنيا ۾ سڀ کان وڌيڪ کير ڏيندڙ نسل سمجهيو ويندو آهي. ڪجهه ملڪن کانسواءِ سڄي دنيا ۾ ڊيري جون ضرورتون پوريون ڪرڻ لاءِ ڳئون جو کير استعمال ڪيو ويندو آهي. پروفيسر لي جو چوڻ آهي ته 10 سالن ۾ مارڪيٽن ۾ انساني کير ميسر هوندو. پروفيسر لي جو چوڻ آهي ته جديد کير جو ذائقو عام ڳئون جي کير کان بهتر آهي. هن ۾ ماءُ جي کير ۾ موجود پروٽين Lysozyme انساني تناسب ۾ موجود آهي. اِهو پروٽين ننڍي ٻارڙن کي انفيڪشن کان بچائڻ ۾ مدد ڏيندو آهي. جديد کير ۾ Lactorerrin ۽ Alpha-lactalbumin قدرتي طور شامل آهي. پروفيسر لي انٽرويو ڏيندي چيو ته سندس ٽيم اِهو ثابت ڪري ڏيکاريو آهي ته انساني خاصيتن واري ڪلون ڳئون ايجاد ڪري سگهجي ٿي جنهن ۾ مستقبل جي بدلجندڙ انساني معاشري جون ضرورتون پيدا ڪرڻ جي صلاحيت موجود آهي. (وچار ڊاٽ ڪام تان ورتل)
ها سائين ! ايندڙ نسلن جا ماڻهو ان کير جو به مزو وندا . قدرت چاهيو ته اسان به پي ڏسنداسين ، جيئن انٽير نيٽ جا مزا ٿا وٺون .
هي تجربو تمام حيران ڪن آهي ۽ وڏي ڳاله اها ت هي ان ۾ ڪامياب ڪامياب ٿي ويا آهن ۽ هاڻي اهو ڏسڻو آ ت اهو واقعي ڪارائتو ۽ ماءۡۡ سان ملي ٿو۔