کير ڳئون جو، نالو ماءُ جو

'سائنس جي دنيا' فورم ۾ جبار آزاد منگي طرفان آندل موضوعَ ‏23 آڪٽوبر 2014۔

  1. جبار آزاد منگي

    جبار آزاد منگي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏13 آڪٽوبر 2014
    تحريرون:
    391
    ورتل پسنديدگيون:
    1,110
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    253
    ڌنڌو:
    صحافت
    ماڳ:
    نصيرآباد
    کير ڳئون جو، نالو ماءُ جو
    ملين ڊالر جو سوال آهي ته مستقبل ۾ ڳئون کي ڪهڙي نظر سان ڏٺو ويندو ڇاڪاڻ ته ڳئون اهڙو کير ڏيڻ شروع ڪري ڇڏيو آهي جنهن ۾ انساني کير جون خاصيتون پڻ شامل آهن يعني ڳئون جي کير ۾ ماءُ جي کير واريون سموريون خاصيتون شامل آهن.
    چين جي گادي واري هنڌ بيجنگ ۾ زرعي يونيورسٽي جي ايگرو بائيو ٽيڪنالاجي واري کاتي جا سائنسدان طويل عرصي کان جاري ريسرچ بعد 300 ڳئون تيار ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي چُڪا آهن جيڪي انساني خاصيتن وارو کير ڏينديون آهن.
    ريسرچ ڪندڙ ٽيم جي سربراهه پروفيسر نينگ لي جو چوڻ آهي ته اسين ڪلوننگ ٽيڪنالاجي ڪتب آڻيندي انساني ڊي اين اي ذريعي هال اسٽين نسل جي ڳئون جو اهڙو نسل ايجاد ڪيو آهي جنهن جي کير ۾ انساني کير جون سموريون خاصيتون شامل آهن.
    پروفيسر لي جو چوڻ هو ته هن مهل اسان وٽ نئين نسل جون 300 کان وڌيڪ ڳئون موجود آهن ۽ اسين هنن جي کير جي مقدار وڌائڻ لاءِ ڪوشش ڪري رهيا آهيون ته جيئن مارڪيٽ ۾ اِهو کير آساني سان ملي سگهي.
    هال اسٽين نسل جي ڳئون جو اصل وطن هالينڊ آهي ۽ هن کي سڄي دنيا ۾ سڀ کان وڌيڪ کير ڏيندڙ نسل سمجهيو ويندو آهي. ڪجهه ملڪن کانسواءِ سڄي دنيا ۾ ڊيري جون ضرورتون پوريون ڪرڻ لاءِ ڳئون جو کير استعمال ڪيو ويندو آهي.
    پروفيسر لي جو چوڻ آهي ته 10 سالن ۾ مارڪيٽن ۾ انساني کير ميسر هوندو. پروفيسر لي جو چوڻ آهي ته جديد کير جو ذائقو عام ڳئون جي کير کان بهتر آهي. هن ۾ ماءُ جي کير ۾ موجود پروٽين Lysozyme انساني تناسب ۾ موجود آهي. اِهو پروٽين ننڍي ٻارڙن کي انفيڪشن کان بچائڻ ۾ مدد ڏيندو آهي. جديد کير ۾ Lactorerrin ۽ Alpha-lactalbumin قدرتي طور شامل آهي.
    پروفيسر لي انٽرويو ڏيندي چيو ته سندس ٽيم اِهو ثابت ڪري ڏيکاريو آهي ته انساني خاصيتن واري ڪلون ڳئون ايجاد ڪري سگهجي ٿي جنهن ۾ مستقبل جي بدلجندڙ انساني معاشري جون ضرورتون پيدا ڪرڻ جي صلاحيت موجود آهي.
    (وچار ڊاٽ ڪام تان ورتل)
     
    7 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. عبدالڪريم چانڊيو

    عبدالڪريم چانڊيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 فيبروري 2011
    تحريرون:
    482
    ورتل پسنديدگيون:
    848
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    463
    ڌنڌو:
    وڪالت
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    ها سائين ! ايندڙ نسلن جا ماڻهو ان کير جو به مزو وندا . قدرت چاهيو ته اسان به پي ڏسنداسين ، جيئن انٽير نيٽ جا مزا ٿا وٺون .
     
  3. عرس پريو

    عرس پريو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏9 سيپٽمبر 2009
    تحريرون:
    2,757
    ورتل پسنديدگيون:
    2,734
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي ( داد و )
    چاچا ڪريم توهان اڃان به کير پئندا آهيوڇا ؟؟؟؟
     
  4. محمد خان سيال

    محمد خان سيال
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏11 آگسٽ 2014
    تحريرون:
    1,180
    ورتل پسنديدگيون:
    1,715
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    273
    ڌنڌو:
    Writer, Analyst
    ماڳ:
    Houston, TX, USA
    ادا، کير پيئڻ تي به پابندي آهي ڇا؟ چاچا ڪريم بوتل ۾ نه، پر گلاس ۾ ته پيئندو هوندو ـ
     
  5. Muhammad yasir qureshi

    Muhammad yasir qureshi
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏21 آڪٽوبر 2015
    تحريرون:
    4
    ورتل پسنديدگيون:
    7
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
     
  6. Muhammad yasir qureshi

    Muhammad yasir qureshi
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏21 آڪٽوبر 2015
    تحريرون:
    4
    ورتل پسنديدگيون:
    7
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    هي تجربو تمام حيران ڪن آهي ۽ وڏي ڳاله اها ت هي ان ۾ ڪامياب ڪامياب ٿي ويا آهن ۽ هاڻي اهو ڏسڻو آ ت اهو واقعي ڪارائتو ۽ ماءۡۡ سان ملي ٿو۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو