• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

تنهنجي راهه نهاريان ويٺي

جبار آزاد منگي

سينيئر رڪن
غزل
جبار آزاد منگي

تنهنجي راهه نهاريان ويٺي،
تو لئه ڪانگ اڏاريان ويٺي.


تنهنجا قول اقرار او پيارا،
تنهائيءَ ۾ ساريان ويِٺي.


وارن جو مان هنڌ وڇائي،
روز اڱڻ ٻهاريان ويٺي.


آس لڳائي توسان ملڻ جي،
گوندر منجهه گذاريان ويٺي.


زلف سنواريئه ياد ڪري مان،
نير اکين مان هاريان ويٺي.


جانو،جاني،جانب،راڻا،
تنهجو نانءُ پڪاريان ويٺي.


قيد ڪيو جو قرب تنهنجي آ،
“آزاد” ڀلا ڪيئن گهاريان ويٺي
 
Back
Top