تنهنجي راهه نهاريان ويٺي

'سنڌي شاعري' فورم ۾ جبار آزاد منگي طرفان آندل موضوعَ ‏23 آڪٽوبر 2014۔

  1. جبار آزاد منگي

    جبار آزاد منگي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏13 آڪٽوبر 2014
    تحريرون:
    392
    ورتل پسنديدگيون:
    1,111
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    463
    ڌنڌو:
    صحافت
    ماڳ:
    نصيرآباد
    غزل
    جبار آزاد منگي

    تنهنجي راهه نهاريان ويٺي،
    تو لئه ڪانگ اڏاريان ويٺي.


    تنهنجا قول اقرار او پيارا،
    تنهائيءَ ۾ ساريان ويِٺي.


    وارن جو مان هنڌ وڇائي،
    روز اڱڻ ٻهاريان ويٺي.


    آس لڳائي توسان ملڻ جي،
    گوندر منجهه گذاريان ويٺي.


    زلف سنواريئه ياد ڪري مان،
    نير اکين مان هاريان ويٺي.


    جانو،جاني،جانب،راڻا،
    تنهجو نانءُ پڪاريان ويٺي.


    قيد ڪيو جو قرب تنهنجي آ،
    “آزاد” ڀلا ڪيئن گهاريان ويٺي
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو