نثارناز
سينيئر رڪن
پيارا سنڌي دوستو ۽ ساري دنيا جا سنڌي ساٿيو، هي شاعري جنهن کي مون ” هِي سنڌ سلامت رهڻِي آ“ جو نالو ڏئي نظم جي شڪل ڏني حقيقت ۾ هي شاعري قديم سنڌ جا جديد نعرا آهن، نعرا ڇا آهن هن نظم جي هر بند ۾ هڪ دُعا آهي، ساڌا ۽ آسان لفظ ڪتب آندا اٿم، در اصل هي شاعري اڄ چانڊوڪي بابا جي ڏنل سنڌي لنڪ ۾ اڄ مشاعري ۾ سنڌي لنڪ جي دوستن سان شيئر ڪرڻي هُئم پر واپڊا زنده آباد، بجلي وارا زنده آباد جو ڄاڻايل وقت تي مائِي بجلي صاحبه ڪنهن رُسڻي محبوبه وانگر ٺينگو (آڱوٺو) ڏيکاري وئي، جڏهن بجلي صاحبه آئي ته اڄ آچر جو ڏينهن هو ساري شهر ۾ شادين جون دعوتون هيون ان ڪري شاديون کاڌيون سين اجهو هينئر واندو ٿيو آهيان هن شاعريءَ کي تصويري شڪل ڏئي سنڌ سلامت جي محبتي اڱڻ تان سڀني سنڌي دوستن سان ونڊ پيو ڪريان، دوستو ڪالهه جڏهن هن نظم جي تخليق ٿي پئي اُن وقت ٽنڊو محمد خان شهر جو بهترين راڳي ماسٽر جانب علي بلاولي مون وٽ موجود هو، اڃان هن نظم جو مطلعو ۽ ڪچو هڪ بند تيار مس ٿيو هو ته ماسٽر جانب علي بلاولي اڄ ڪلهه جي مشهور بلوچي ڌُن ليوا واري ڌُن تي هن نظم جي هڪ بند کي ڪمپوز ڪري ڇڏيو سو انهي وقت يوليڊ ۾ ماسٽر جانب بلاولي جي آواز کي ڪمپوز ڪري ڇڏيم اهو پڻ آڊيو جي صورت ۾ هن نظم سان گڏ توهان سان ونڊ پيو ڪريان۔
[MP3]http://www.fileden.com/files/2009/12/2/2672587/see.mp3[/MP3]
پيش آهي سنڌ سلامت جي اڱڻ جي پنهنجي شاعري ” هي سنڌ سلامت رهِڻي آهي”
[MP3]http://www.fileden.com/files/2009/12/2/2672587/see.mp3[/MP3]