يونس خان ٽيسٽ ميچن ۾ سڀ کان وڌيڪ سينچريون ڪندڙ پاڪستاني رانديگر

'سنڌ سلامت سپورٽس' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏25 آڪٽوبر 2014۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    [​IMG]

    يونس خان ٽيسٽ ميچن ۾ سڀ کان وڌيڪ سينچريون ڪندڙ رانديگر

    ستٽيهه سالن جي يونس خان جو ڪرڪيٽ ڪيريئر سدائين لاهن ۽ چاڙهن جي ور رهيو آهي. کيس ڪيترائي دفعا ٽيم مان ٻاهر ڪڍيو ويو آهي پر پوء به سندس ڪارڪردگي کيس پاڪستان جو نمبر هڪ ٽيسٽ رانديگر رکيو پئي اچي. جيتوڻيڪ يونس خان کي اها مڃتا ناهي ملي جيڪا جاويد مياندا، ظهير عباس، حنيف محمد، سعيد انور يا انضمام الحق کي ملي آهي ان جو هڪ سبب سندس بيٽنگ اسٽائل به آهي جيڪو شايد ماڻهن کي نه ٿو موهي پر اهو اسٽائل هڪ بهترين ٽيسٽ ڪرڪيٽ رانديگر جو آهي. دبئي ۾ ٿيندڙ ٽيسٽ ميچ جي ٻنهي اننگز ۾ سينچريون اسڪور ڪندي هو پاڪساتن جو ٽيسٽ ميچن ۾ سڀ کان وڌيڪ سينچريون ڪندڙ رانديگر بڻجي ويو آهي. يونس خان 164 اننگز ۾ 26 سينچريون ٺاهيون آهن ان کان اڳ اهو اعزاز انضمام الحق وٽ هيو جنهن 198 اننگز ۾ 25 سينچريون اسڪور ڪيون.

    يونس خان پاڪستان جو اڪيلو جڏهن ته دنيا جو ٻارهون رانديگر بڻجي ويو آهي جنهن سڀني 9 ٽيسٽ کيڏندڙ ملڪن خلاف سينچري اسڪور ڪئي آهي ۽ هو پاڪستان جو ستون رانديگر آهي جنهن ٽيسٽ ميچ جي ٻنهي اننگز ۾ سينچريون اسڪور ڪيون آهن. حيرت انگيز طور هو گهٽ ۾ گهٽ ٽيسٽ اننگز جي اوسط سان سينچريون ڪندڙ پاڪستاني رانديگر به آهي. هن هر 6.3 اننگز ۾ سينچري ڪئي آهي، جڏهن ته محمد يوسف 6.5، اعجاز احمد 7.7 ۽ انضمام 7.9 ٽيسٽ اننگز جي اوسط سان سينچري اسڪور ڪئي آهي.

    يونس خان جي موجوده ٽيسٽ ڪارڪردگي هن تي تنقيد ڪندڙن جو بهترين جواب آهي. گذريل 10 ٽيسٽ ميچن ۾ سندس اوسط اسڪور في اننگز 61 آهي.

    [​IMG]
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. عرس پريو

    عرس پريو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏9 سيپٽمبر 2009
    تحريرون:
    2,765
    ورتل پسنديدگيون:
    2,737
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي ( داد و )
    ها ادا هن سان زيادتيون ٿيندويون رهيو آهن پر هن جي ڪارڪردگي بهتر ئي رهي آهي
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. عبدالحفيظ لغاري

    عبدالحفيظ لغاري
    منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏23 سيپٽمبر 2010
    تحريرون:
    1,775
    ورتل پسنديدگيون:
    5,826
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سائنٽيفڪ آفيسر، پي سي ايس آءِ آر
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ڪراچي
    اسان وٽ وقت وقت تي شاباس ۽ جُٺ لاءِ سڀ چوڻيون موجود آهن.

    اُٺ پوڙهو ٿيو ته به مُٽڻ نه سکيو

    پوڙهو اٺ به ٻه ڪنواٺ لهي
     
    6 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    يونس اڄوڪي ٽيسٽ ميچ ۾ ڊبل سينچري ٺاهي آهي، نه صرف اهو پر هو ٽيسٽ ميچن ۾ 8 هزار اسڪور ڪندڙ ٽيون پاڪستاني رانديگر بڻجي ويو آهي.
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو