عبدالڪريم چانڊيو
سينيئر رڪن
ڪاله هڪ ماڻهوهڪڙوڪيس کڻي مون وٽ آيو. سڄي ڪهاڻي پڙهي حيران ٿيس نه صرف حيران ٿيس پر پريشان به ٿيس ته ماڻهو لالچ ۾ اچي بغير ڪنهن سوچ ويچار جي ڪهڙي نه ٺڳ قسم جي ماڻهن هٿان ڦرجن ۽ لتجن ٿا .
اصل واقعو هن طرح آهي ته ڪنهن ٺڳ ماڻهوءَ ڪاوش اخبار۾ ڪوڙو اشتهار ڇپرايو ته هن کي دبئيءَ ۾ مختلف قسم جي نوڪرين ڪرڻ جي لاءِ ماڻهو گهرجن .اسان جون اخبارون به پيسن ڪمائڻ جي لاءِ بغير ڪن قانوني گهرجن جي اشتهار ڇاپي ڏيڻ ۾ ڪمال رکن ٿيون . اهڙي اشتهار ڇپجڻ سان هزارين بيروزگار نوجوان ڏنل پتي واري دفتر تي پهتا .خوبصورتيءَ سان سجايل دفتر ۾ ويٺل ماڻهوءَ هر هڪ سان نوڪري ڏيارڻ جو لکيت ۾ ايگريمنٽ ڪيو.اسان جي نوٽري پبلڪ واري انهن ايگريمنٽن تي تصديقي مهرون هڻي صحيون ڪيون ،( ڪوڙيون يا سچون ). اهڙا ايگريمنٽ ننڍي عمر واري ٻارن سان به ڪيا ويا ، جن کي قانوني طور ڪنهن به قسم جي ايگريمنٽ ڪرڻ جو اختيار ڪونهي .پر انهن جي والدين کان شناختي ڪارڊ جون ڪاپيون ورتيون ويون انهن سان وڌيڪ فراڊ ڪرڻ جي لاءِ،اهڙيءَ طرح ماڻهن کان لکين رپيا وٺي،ويزائون لڳرائڻ جي لاءِ وقت وٺي ڪراچيءَ وارو دفتر ڇڏي وڃي ٻئي نالي سان حيدرآباد ۾ اهڙي قسم جو دفترکولي ماڻهن سان فراڊ ڪرڻ لڳا . آخر ڪار ڪن ماڻهن وڃي ان فراڊي کي پڪڙيو . انهن کي رقمون واپس ڪرڻ جي لاءِ ڪوڙيون چيڪيون ڏنيون جيڪي ڊس آنر ٿيون . ان کان پوءِ ورتل شناختي ڪارڊن جي آڌار تي ان فراڊيءَ ساڳيئي نوٽري پبلڪ کان ٺڳيل ماڻهن جي نالي سان ڪوڙا ايگريمنٽ ڪرائي هاءِ ڪورٽ ۾ وڃي پٽيشنون داخل ڪيون آهن ته انهن ماڻهن مون کان ڪاروبار لاءِ رقمون ورتيون آهن ۽ واپس نه ٿا ڪن .اسان جا وڪيل وري اهڙي ٺڳ ماڻهوءَ جا ڪيس ڪوڙن قسمنامن سان وڙهي رهيا آهن .ويچارا ماڻهو جن جون رقمون ته ويون پر الٽو ڪورٽن جا چڪر ڪاٽي رهيا آهن . ڪن ته پنهن جي رقمن واپس وٺڻ کان کڻي توبه ڪئي .پر سندن جان نه ٿي ڇٺي . ڪمبل کي ڀاڪر پائڻ وانگر .