جتي لوڀي هجن ،اتي ٺوڳي بک نه مرن .

'قانوني صلاح مشوره' فورم ۾ عبدالڪريم چانڊيو طرفان آندل موضوعَ ‏25 آڪٽوبر 2014۔

  1. عبدالڪريم چانڊيو

    عبدالڪريم چانڊيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 فيبروري 2011
    تحريرون:
    482
    ورتل پسنديدگيون:
    848
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    463
    ڌنڌو:
    وڪالت
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    ڪاله هڪ ماڻهوهڪڙوڪيس کڻي مون وٽ آيو. سڄي ڪهاڻي پڙهي حيران ٿيس نه صرف حيران ٿيس پر پريشان به ٿيس ته ماڻهو لالچ ۾ اچي بغير ڪنهن سوچ ويچار جي ڪهڙي نه ٺڳ قسم جي ماڻهن هٿان ڦرجن ۽ لتجن ٿا .
    اصل واقعو هن طرح آهي ته ڪنهن ٺڳ ماڻهوءَ ڪاوش اخبار۾ ڪوڙو اشتهار ڇپرايو ته هن کي دبئيءَ ۾ مختلف قسم جي نوڪرين ڪرڻ جي لاءِ ماڻهو گهرجن .اسان جون اخبارون به پيسن ڪمائڻ جي لاءِ بغير ڪن قانوني گهرجن جي اشتهار ڇاپي ڏيڻ ۾ ڪمال رکن ٿيون . اهڙي اشتهار ڇپجڻ سان هزارين بيروزگار نوجوان ڏنل پتي واري دفتر تي پهتا .خوبصورتيءَ سان سجايل دفتر ۾ ويٺل ماڻهوءَ هر هڪ سان نوڪري ڏيارڻ جو لکيت ۾ ايگريمنٽ ڪيو.اسان جي نوٽري پبلڪ واري انهن ايگريمنٽن تي تصديقي مهرون هڻي صحيون ڪيون ،( ڪوڙيون يا سچون ). اهڙا ايگريمنٽ ننڍي عمر واري ٻارن سان به ڪيا ويا ، جن کي قانوني طور ڪنهن به قسم جي ايگريمنٽ ڪرڻ جو اختيار ڪونهي .پر انهن جي والدين کان شناختي ڪارڊ جون ڪاپيون ورتيون ويون انهن سان وڌيڪ فراڊ ڪرڻ جي لاءِ،اهڙيءَ طرح ماڻهن کان لکين رپيا وٺي،ويزائون لڳرائڻ جي لاءِ وقت وٺي ڪراچيءَ وارو دفتر ڇڏي وڃي ٻئي نالي سان حيدرآباد ۾ اهڙي قسم جو دفترکولي ماڻهن سان فراڊ ڪرڻ لڳا . آخر ڪار ڪن ماڻهن وڃي ان فراڊي کي پڪڙيو . انهن کي رقمون واپس ڪرڻ جي لاءِ ڪوڙيون چيڪيون ڏنيون جيڪي ڊس آنر ٿيون . ان کان پوءِ ورتل شناختي ڪارڊن جي آڌار تي ان فراڊيءَ ساڳيئي نوٽري پبلڪ کان ٺڳيل ماڻهن جي نالي سان ڪوڙا ايگريمنٽ ڪرائي هاءِ ڪورٽ ۾ وڃي پٽيشنون داخل ڪيون آهن ته انهن ماڻهن مون کان ڪاروبار لاءِ رقمون ورتيون آهن ۽ واپس نه ٿا ڪن .اسان جا وڪيل وري اهڙي ٺڳ ماڻهوءَ جا ڪيس ڪوڙن قسمنامن سان وڙهي رهيا آهن .ويچارا ماڻهو جن جون رقمون ته ويون پر الٽو ڪورٽن جا چڪر ڪاٽي رهيا آهن . ڪن ته پنهن جي رقمن واپس وٺڻ کان کڻي توبه ڪئي .پر سندن جان نه ٿي ڇٺي . ڪمبل کي ڀاڪر پائڻ وانگر .
     
    7 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    هل ..... ها يار چاچا ڪريم سچو آهين .... روز پيا ٺڳين جا نوان قصا پڙهڻ ۽ ٻڌڻ لاء ملن پر ماڻهو آهن جو ڪجهه به ڪرڻ لاء تيار ٿيو وڃن.
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. منصور سرور

    منصور سرور
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏22 مارچ 2014
    تحريرون:
    1,412
    ورتل پسنديدگيون:
    3,245
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    323
    ڌنڌو:
    مارڪيٽنگ مينيجر ليدر گارمنٽس
    ماڳ:
    ڪراچي، سنڌ
    هل با،:eek: هڪ ته چوري ٻيو وري ؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. سائل مهراڻ

    سائل مهراڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏4 مئي 2014
    تحريرون:
    839
    ورتل پسنديدگيون:
    1,155
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    ماڳ:
    مٺي ،ٿرپارڪر، ، سنڌ
    هل ابا،،،،،،،،،،،،،،،،،
     
  5. غلام مصطفي ميمڻ

    غلام مصطفي ميمڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏8 آڪٽوبر 2010
    تحريرون:
    1,524
    ورتل پسنديدگيون:
    3,476
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Govt job
    ماڳ:
    karachi, originally district Dadu
    محترم عبدالڪريم صاحب السلام عليڪم.سائين ان قسم جا دوکي باز انسان توهان کي هر هنڌ ملندا، جيڪي اسان جي ساده لوح عوام کي سنهري خواب ڏيکاري انهن جون مشڪلين سان ڪمايل حلال پيسئي کان محروم ڪندا آهن. ادا سائين انهن دوکي باز ماڻهون کي جيستائين قانون جي گرفت ۾ آڻي سزا نه ڏياربي ، معاشري ۾ بهتري نه ايندي. ادا سائين همٿ ڪيو،انهن مظلوم ماڻهون جن کا ن انهن جي جمع پونجي انهن نوسر بازن ڦري آهي ،انهن جو ڪيس سٺي انداز ۾ ڪورٽن ۾ پيش ڪري نه رڳوانهن مظلومن جي مدد ڪريو پر انهن ٺڳن کي سزا ڏياري پنهنجي اخلاقي ، قانوني ۽ آئيني ذميوري پوري ڪيو. قدم وڌايو پنهنجي وڪالت جي ماهرت کي استعمال ڪيو،يقين ڄاڻو اسان سڀ هن اڱڻ جا ڀاتي توهان سان گڏ آهيون.
    [​IMG]


    ادا توهان ڪوشش ڪيو. انشالله الله پاڪ پنهنجي رحم ؤ ڪرم سان اوهان کي ڪاميابي ڏياريندو.[​IMG]
     
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  6. عبدالڪريم چانڊيو

    عبدالڪريم چانڊيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 فيبروري 2011
    تحريرون:
    482
    ورتل پسنديدگيون:
    848
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    463
    ڌنڌو:
    وڪالت
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    محترم غلام مصطفى ميمڻ !
    اوهان اسان جي عدالتي نظام کي ،ان جي طريقءِڪار کي مون کان وڌيڪ بهتر ڄاڻو ٿا . اسان جي ملڪ ۾ رائج قانونن کي جوڙيندڙلارڊ ميڪالي ،لارڊ هنٽگنز کي جيڪو خط لکيو هو ،ان خط ۾ انهن سڀني اڻاين ۽ بڇڙاين جو کليءَ دل سان ذڪر ۽ اعتراف ڪري ويو هو . مون جيڪڏهين ان جا لکيل لفظ ۽ جملا جينئن جو تينئن لکندس ته هتان جون عدالتون مون کي ڦاهي ڏئي ڇڏينديون . ڪنهن ٻئي واري اهو سمورو خط لکي ڇڏيندس . ڀلي سڀ پڙهي ڏسن .
    مظلومن کي انصاف ڏيارڻ ۽ ٺڳڻ ۾ انهن قانونن ۽ عدالتن سان گڏوگڏ وڏو اسان وڪيلن ، اوٿڪمشنرن ،نوٽري پبلڪن ،رجسٽرارن ،ڪوڙن شاهدن ۽ پوليس وارن جو به آهي . پوليس جانچ دوران اهڙا لفظ داخل ڪري ڇڏي يا ڪوڙا شاهد بنايو ڇڏي ، نوٽري پبلڪ ۽ اوٿڪمشنر ڪوڙا قسم ناما ، ايگريمنٽ ٺاهيو ڏين جو اسان جون عدالتون به انهن کي مڃڻ تي مجبور ٿيو وڃن . تنهن ڪري ڪنهن مسڪين ۽ غريب کي انصاف ڏيارڻ ڏاڍو ڏکيو عمل آهي . بس دعا ڪريو .
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  7. غلام مصطفي ميمڻ

    غلام مصطفي ميمڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏8 آڪٽوبر 2010
    تحريرون:
    1,524
    ورتل پسنديدگيون:
    3,476
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Govt job
    ماڳ:
    karachi, originally district Dadu

    [​IMG]

    ادا عبدالڪريم صاحب السلام عليڪم! سائين منهنجا اهئي سڀ خرابيون پنهنجي جاء تي پر ان جي باوجود به جيڪڏهن توهان جهڙا سڄڻ ٿورڙي رڳو همٿ ڪري انهن مظلومن جي ڪيسن جي صحيحي پوئواري ڪن ته يقين ڪريو توهان انهن کي انصاف ڏياري سگهو ٿا. اڄ به اسان جون ڪورٽون انصاف وارا فيصلاء ڏيڻ لاء تيار وٺيون آهن.ايئن نه هجئي هان ته ماڻهون پنهنجي ننڍن توڙي وڏن مسئلن ۾ ڪورٽ جي طرف نه ڏسن هان. پوين ڪجه سالن کان ڪورٽن ۾ تمام گهڻا ڪيس داخل ٿيڻ شروع ٿئ ويا آهن .اهو ان ڳاله جو دليل آهي ته ماڻهن ۾ هاڻي سجاڳي اچي ويئي آهي ۽ هو ڪورٽن تي تمام گهڻو اعتبارڪن ٿا. ڇاڪاڻ ته ڪورٽن هنن جون صحيحي انداز م داد رسائي ڪن پيون .باقي جيڪڏهن سڄي سسٽم تي الزام لڳائي پنهنجي ذميدارن کان ڪير منهن موڙيندو ته سائين منهنجا معاشري ۾ سٺائي ڪڏهن به نه ايندي. ٻيا ڇا به پيا ڪن ان جو جواب اوهان کي ڪنهن به حالت ۾ نه ورتو ويندو.توهان کان ان ڳاله جو جواب ورتو ويندو ته انهن حالتن ۾ معاشري کي سڌراڻ لاء اوهان پنهنجون ذميداريون ڪيئن نڀائيون.ادا سائين ديرنه ڪيو قدم وڌايو،انهن مظلومن جن کان نوسر باز ڪوڙن بهانن سان پيسئا ڦري ويا آهن ،انهن جا وڪيل ٿئي ڪري انهن کي انصاف ڏياريو. ادا سائين اسان سڄي عمر رڳو تنقيد ڪئي آهي ،هاڻي ڪجه ڪم ڪري ڏيکارجي ته وه وه ٿئي وڃي.[​IMG]
     
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  8. عبدالڪريم چانڊيو

    عبدالڪريم چانڊيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 فيبروري 2011
    تحريرون:
    482
    ورتل پسنديدگيون:
    848
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    463
    ڌنڌو:
    وڪالت
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    محترم غلام مضطف ميمڻ سائين !
    اوهان جي ڳاله درست آهي ، پراسان جي عدالتي نظام کي اهڙو ته مشڪل ۽ ڏچي ۾ وڌو ويو آهي جو ڪٿي ڪٿي عدالتون غلط فيصلن ڪرڻ تي مجبور ٿيو وڃن . اهو اوهان مون کان بهتر ۽ وڌيڪ ڄاڻو ٿا . مثال طور ،ڪنهن حقيقي ڏوه ڪيو آهي ، پر پوليس ان تي اهڙي نموني سان ڪيس تيار ڪري ،ناڪس شاهديون شامل ڪري ،عدالتن ۾ چالان ڪري ٿي ڇڏي ، جڏهين اهڙيون شاهديون ،انهي ڏوه کي ثابت نه ٿيون ڪري سگهن . جج يا عدالت کڻي ڪيتري به ايماندار ھجي پر اهڙي ڏوهي کي ڇڏڻ يا آزاد ڪرڻ تي مجبور ٿي پوندي آهي ، منهنجو اشارو اهڙين ڳالهين ڏانهن آهي .
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو