شڪارپور جو تاريخي ورثو خطري ۾!

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ ڪامران اڪبر سومرو طرفان آندل موضوعَ ‏26 آڪٽوبر 2014۔

  1. ڪامران اڪبر سومرو

    ڪامران اڪبر سومرو
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏25 سيپٽمبر 2009
    تحريرون:
    19
    ورتل پسنديدگيون:
    34
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    پي ايڇ ڊي اسڪالر
    ماڳ:
    شڪارپور
    شڪارپور جو تاريخي ورثو خطري ۾!

    ڪامران اڪبر سومرو


    1910 جهڙي اوائلي دور ۾ جڏهن هيرانند نالي هڪ هندو سيٺ شڪارپور ۾ پنهنجي ذاتي جڳهه اکين جي اسپتال لاءِ وقف ڪري ٻاهرين ملڪ کان مشهور ڊاڪٽر سر هينري هالينڊ کي ماڻهن جي خدمت لاءِ مفت اکين جي آپريشن ڪرائڻ لاءِ گهرايو، جنهن جو سڄو خرچ پکو هو پاڻ برداشت ڪندو هو، تڏهن هن کي اهو خيال به نه آيو هوندو ته هن جي نيڪ نيتي سان ڪيل اهڙي ڪم کي بند ڪرڻ لاءِ ڪي قبضا مافيا وارا به ايندا جيڪي هن جي سڪ ۽ عقيدت منجهان اڏيل اسپتال جي ڀتن ۽ پاڙن مان سران ڪڍي ايئن اڇالائي هن جي ڪيل پورهئي تي پاڻي هاريندا!

    عوام جي فلاح ۽ ڀلائيءَ لاءِ ٺهيل اسپتال جنهن ۾ سو سال کان مٿي جي عرصي دوران لکن جي تعداد ۾ ماڻهن جون مفت ۾ اکين جون آپريشنز ڪيون ويون، جتي ٻاهرين ملڪن مان آيل ماهر ڊاڪٽرن پنهنجون خدمتون انجام ڏنيون، اڄ جڏهن بااثر ۽ بدنام ماڻهن جي هٿان مبينا طور وڪرو ڪري، تري پٽ ڪئي پئي وڃي، ته نه صرف هيرانند سيٺ جي آتما تڙپندي هوندي پر ڊاڪٽر هينري هالينڊ جو روح به لڇندو هوندو جنهن جي محنت ۽ ڪاوشن سان هيءَ اسپتال هلندي رهي ۽ پوري علائقي ۾ پنهنجي ڪارڪردگيءَ جي ڪري مشهور ٿي، جنهن جي نالي پويان ئي اڄ تائين اها اسپتال ڏيهان ڏيهه سڃاتي وڃي ٿي!

    نه صرف هيرانند ۽ هينري هالينڊ ، پر شڪارپور شهر جي هر باشعور ۽ با ضمير شهري به هن ڏاڍ ۽ لٺ جي زور تي ڪيل ظلم جي خلاف آهي. هي ڪو پهريون دفعو ڪونهي جو شهر شڪارپور جي ڪنهن تاريخي ۽ ثقافتي ورثي سان ڇيڙ ڇاڙڪئي وئي آهي. ڪجهه سال پهريون سنڌ گورنمينٽ جي ثقافت کاتي پاران جاري ڪيل نوٽيفيڪيشن تحت 1200 کان مٿي جايون ۽ عمارتون اهڙيون آهن جيڪي شڪارپور جي ثقافتي ورثي طور مڃيون ويون آهن ۽ انهن کي محفوظ ڪرڻ جون هدايتون ڪيون ويون آهن. جنهنجو مطلب آهي ته ڪوبه ماڻهو نه انهن عمارتن کي ڊاهي سگهي ٿو ۽ نه ئي وري وڪرو ڪري ٿو سگهي! پر افسوس اهو آهي ته اهڙيون سون جي انگ ۾ عمارتون هيون جن کي بلڊرمافيا ڊاهي پٽ ڪيو ۽ ان مان نڪتل تاريخي ۽ قيمتي ڪاٺ جو سامان عالمي منڊي ۾ غير قانوني طور وڪرو ڪري پنهنجا کيسا ڀريا!

    ان پوري پسِ منظر ۾ ڪل ٽي ڌريون نظر اچن ٿيون. متحرڪ مافيا، تڙپندڙ عوام ۽ خاموش تماشائي انتظاميه!

    حالانڪه شهر جي باشعور عوام ۽ سڃاڻ ڌرين پاران اهڙن قبضاخور ن ۽ داداگيرن خلاف ڪيئي ڀيرا آواز پڻ اٿاريو ويو آهي، پر پوءِ به سرڪار يا انتظاميا جي ڪن تي جونءَ ڪونه چُري! اهڙي طرح مليل ڍل ۽ لاپرواهيءَ سبب انهن سماج دشمنن جي همٿ افزائي ٿيندي رهي، جيڪي بغير ڪنهن روڪ ٽوڪ جي شهر جي اهم ۽ تاريخي جڳهن تي پڻ قبضا ڪري وڪرو ڪندا رهيا! سر هينري هالينڊ اسپتال جي ڀڃ ڊاه پڻ انهيءَ سلسلي جي ڪڙي آهي.

    پر هن دفعي شهري جاڳي پيا آهن! مختلف سماجي ڪارڪنن ۽ سول سوسائٽيءَ جا نمائندا هٿ هٿ ۾ ملائي شهر بچائڻ نڪري پيا آهن. توڙي جو انهن بلڊر مافيا جي پويان سياسي ڀوتارن جو هٿ آهي، پر پوءِ به جاڳرتا فورم جي باني ممتاز منگيءَ اسپتال کي بچائڻ لاءِ ڪورٽ ۾ پٽيشن داخل ڪئي آهي. مٿان وري سندس همٿ ڏسندي سنڌي ادبي سنگت شڪارپور جو سٿ پڻ ميدان ۾ لهي پيو آهي. 9 آگسٽ تي جڏهن شڪارپور جي سيشن ڪورٽ ۾ ڪيس جي ٻڌڻي هلي رهي هئي ته هڪ پاسي قبضا مافيا جو وڪيل هو، ته ٻئي پاسي ڪٽهڙي ۾ شڪارپور جا اديب، شاعر، ليکڪ ۽ سماج سڌارڪ ڪارڪن پنهنجي شهر جي ورثي خيراتي اسپتال کي بچائڻ لاءِ پنهنجي وات پاڻ وڪيل هيا! اهو هڪ جذباتي منظر هيو جتي اها ڪيفيت محسوس پئي ٿئي جيڪا شڪارپور جي لاءِ شيخ اياز چئي ويو آهي. عوامي جذبي جي جهلڪ دل ۾ اهو احساس ۽ يقين پئي پيدا ڪري ته شهر جا مالڪ ۽ وارث جاڳي پيا آهن! هاڻي وڌيڪ ڪنهن به لتاڙ کي برداشت نه ڪيو ويندو! نيٺ جج صاحب اسٽي آرڊر جاري ڪري ڪم روڪرائڻ جو حڪم ڏنو!

    مگر افسوس آهي سرڪاري عملدارن تي جن پهريان ڪورٽ ۾ ڪيس به داخل ڪرايو، پر مبينا خوف يا سياسي مداخلت سبب پير پوئتي هٽائي هڪ ته ڪيس واپس وٺي ڇڏيو ٻيو وري ناجائز ڪم کي روڪرائڻ لاءِ ڪنهن قدم کڻڻ بجاءِ ننڊ جون گوريون کائي سمهي پيا! ان ڳالهه جو اعتراف شڪارپور جي ڊپٽي ڪمشنر زرداري صاحب سنڌي ادبي سنگت شڪارپور جي ميمبرن سان ملاقات ۾ ڪيو! هن مڃيو ته اهو سڀ ڪجهه ضلعي جي انتظاميا جي نااهل ۽ ڪرپٽ ڪامورن جي ڪري ئي آهي جو شهر جون رونقون اجڙي ويون آهن ۽ شهر جي تاريخي ورثي ۽ ثقافت کي لتاڙيو پيو وڃي ۽ نيلام ڪيو پيو وڃي! شابس آهي انهن مخير ۽ زنده دل انسانن تي جن اهڙا سماجي ۽ عوامي ڀلائيءَ جا ادارا قائم ڪيا، ۽ افسوس آهي اسان جهڙن شهرين ۽ انتظاميا تي جو انهن ادارن جي حفاظت به نه ڪري سگهياسي!

    سنڌ سرڪار جنهن نوٽيفيڪيشن جاري ڪري اهو ته اعلان ڪيو آهي ته ڪهڙيون ڪهڙيون جايون ثقافتي ورثي ۾ شمار ٿين ٿيون پر انهن تي حفاظت يا بچاءَ لاءِ ڪي به قدم ڪونه کنيا آهن. ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته فوري طور ثقافت کاتي کي به ڌر ٿي ڪري، اسپتال کي وڌيڪ نقصان ۽ وڪري کان روڪڻ لاءِ ميدان ۾ لهي اڳ۾ ئي سرگرم سماجي ڪارڪنن، اديبن ۽ شهرين جو ساٿ ڏيڻ گهرجي ۽ غير اخلاقي، ڏاڍ ۽ ناجائز وکون کڻندڙن جي خلاف قانوني ڪارروائي ڪري اهڙو ته سبق سيکارجي جو اڳتي ڪنهن جي به اهڙي همت نه ٿئي جو عوام جي ملڪيتن تي راتاهو هڻي! شڪارپور جي عوام کي قبضا مافيا کان جان ڇڏائڻ لاءِ ڪو مستقل حل تلاش ڪيو وڃي.
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    بلڪل درست پيا چئو .... هن وقت صرف شڪارپور ئي نه پر سڄي سنڌ جي ثقافت، تاريخي جايون ۽ ثقافتي اهڃاڻ توجهه طلب آهن ... پر ڪوبه ادارو ذميواريون نڀائڻ لاء تيار ناهي.
     
  3. منصور سرور

    منصور سرور
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏22 مارچ 2014
    تحريرون:
    1,412
    ورتل پسنديدگيون:
    3,245
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    323
    ڌنڌو:
    مارڪيٽنگ مينيجر ليدر گارمنٽس
    ماڳ:
    ڪراچي، سنڌ
    بلڪل سچ چيو پيا، حڪومت ته سنڌ ۾ نظر ئي نه ٿي اچي.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو