سنڌ جي تاريخ، تهذيب ۽ روايتن ۾ (وڏيرو يعني چڱو مُڙس) سنڌي قوم لاءِ هڪ معتبر لفظ آهي جيڪو سنڌ ۾ عدل، امن، انصاف ۽ تر جي جو لڄن جو مُحافظ سمجهيو وڃي ٿو. جنهنکي اڄ جي پوءِ ڍايل، ڌاڙيل نما پاٿاريدارن، راشي ڪامورن، وڏيرن، پيرن، ميرن، شاهن ، رئيسن، ڪانڀو خانن، ڀوتارن پنهنجي عياشين ۽ ڪرتوتن سان وڏيرن جو رُوپ ڌاري هن وڏ نالي (وڏيري) کي دُنيا اڳيان رُسوا ۽ بدنام ڪيو آهي. هن فلم جي ڪهاڻي به هڪ اهڙي عدل و انصاف، لڄن جي حفاظت ڪرڻ واري ۽ نيڪ (وڏيري يعني چڱي مُڙس) جي گرد گهُمي ٿي جيڪو پنهنجي تر ۾ عياشين، شبابن،۽ مُڪمل ڳائڻ وڄائڻ جي مخالفت ڪري ٿو۽ انصاف جو بول بالو ڪرڻ لڳي ٿو. هڪ ڏينهن جڏنهن هو پنهنجي عياش ننڍي ڀاءُ جي ڪرتوتن کي روڪڻ جي ڪوشش ڪري ٿو ته عياش ڀاءُ ناراض ٿي پنهنجي شهري ( رَکيلَ) جي مدد سان وڏيري شهباز جي حويليءَ کي باهه ڏئي وڏيري کي مارڻ جي ڪوشش ڪري قابض ٿيڻ چاهي ٿو ته سندس پهرئين جي ڳوٺاڻي زال کيس ۽ سندس رکيل کي گولي هڻي ماري ڇڏي ٿي ۽ آخر ۾ پاڻ به خودڪشي ڪري ٿي. وڏيري (چڱي مُڙس) جي مُڪمل حويلي پوري خاندان سميعت باه ۾ سڙي کامي ٿي وڃي ٿي ۽ وڏيرو صرف پنهنجي هڪ پوٽي کي بچائڻ ۾ ڪامياب وڃي ٿو. هتان منظر، ڪهاڻيءَ جو ٽائيٽل فريز ٿي اسڪرول کان پوءِ کلي ٿو. ويهن سالن کان پوءِ وڏيرو پنهنجي اڪيلي پوٽي وارث کي ٻالڪ پن کان پيار ڪري ٿو ايستائن جو جوانيءَ کان 20 سالن جي عمر تائين هو ڏاڏي جي سيني تي مٿو رکي سُمهندي ڏيکاريو وڃي. فواد وڏيري جو پوٽو وڏيري شهباز جي ڳائڻ ، وڄائڻ جي پابندين کان لڪي اندر جي آگ اُجائڻ لاءِ جهر جهنگ وڃي ۽ تنهائيءَ ۾ قومي گيت ڳائي ٿو ۽ جڏنهن هو اهو موقعو نٿو حاصل ڪري ته کيس دل ۾ سور پوڻ لڳي ٿو ۽ پوءِ بيهوش ٿي ڪري پوي ٿو. جڏنهن علاج جي غرض سان وڏيرو شهباز کيس تپاس لاءِ پنهنجي ڊاڪٽر دوست ڏي وڃي ٿو جيڪو کيس مشورو ٿو ڏي ته بظاهر بيماري ڪا ڪانهين بس دل جي هڪ ٻُوسٽ اٿس ان ڪري هي جيڪو ڪرڻ چاهي ڪرڻ جي اجازت ڏني وڃي ٻي صورت ۾ ڪنهن بيماري ۾ مُبتلا ٿي ويندو. ته شهباز کيس ڳائڻ وڄائڻ کان علاوه هر شيءِ جي اجازت ڏي ٿو ۽ پوٽو فواد به کُلو قومي گيت ڳائڻ کان پاڻ جهلي ٿو متان ڏاڏي جي انصاف ڪرڻ جي ور نه چڙهي وڃي. ڳوٺ ۾ گهمندي هڪ ڏينهن کيس لطيف سائين جو ديوانو هڪ پينو فقير تنبورو کڻي ڳائيند رستي ۾ ملي ٿو. اهو ميوزڪ جو اوزار (تنبورو) فواد کي گهڻو وڻي ٿو ۽ هو منٿ ميڙين سان ۽ آخر گهڻي قيمت ڏئي تنبورو خريد ڪري گهر کڻي اچي ٿو.ڌائي ٿو ته ڪچي ۾ شيرو ڌاڙيل، ڪي موالي ۽ عياش وڏيرا ڪو مُجرو ڪري رهيا آهن، وڏيرو ڪاوڙ ۾ وڃي ٿو ۽ شيرو ڌاڙيل کي زخمي ڪري ٿو ۽ جڏنهن پوءِ مارڻ چاهي ٿو ته نوڪر ۽ ڪمدار ائين ڪرڻ کان جهلين ٿا اهو منتق ڏئي ته جي هو قتل جي الزام ۾ قانون جي ور ڇڙهي ويو ته پويان وري ٻيو ڪو شيرو قابض ٿي ڳوٺ ۾ ظلم جي باه ٻاري ڇڏيندو ۽ تر جا ماڻهون وڏيري جي انصاف کان محروم رهجي ويندا بل آخر شهباز شيروءَ کي تر ۽ ڪچو ڇڏڻ جي وارنگ ڏئي واپس وري ٿو. ڏاڏو سندس حويلي ۾ ۾ داخل ٿيڻ وقت تنبورو ڏسي مڇرجي وڃي ٿو ۽ کيس ڪاوڙ ۾ چماٽ واهي ڪڍي ٿو ۽ پوءِ سگهوئي پريشان به ٿئي ٿو ته هن جان کان پياري پوٽي کي ڇو ماريو. پهريون ڀيرو چماٽ لڳڻ جي غم ۾ پوٽو فواد گهر ڇڏي اڪيلو اڪيلو شهر ڀڄي وڃي ٿو ۽ پوءِ کيس شهر جي باغن، روڊن ۽ وستن تي قومي گيت ڳائيند ۽ اُتي ئي فٽ پاٿن تي سمهندي ڏيکارجي ٿو. شهر ۾ عبدالله شاه غازيءَ جي مزار تي کيس عارفانا ۽ سيڊ ڪلام هڪ نوجوان اسلم ملي ٿو هي نوجوان ڪنڌ ۾ پياني کي رکي عارفانا ڪلام چئي پني رهيو آهي. فواد کائنس سکڻ چاهي ٿو ۽ هو انڪار ڪري ٿو ۽ وڃڻ لڳي ٿو ته فواد کي دل ۾ سور پوي ٿو ۽ هو وري ڪتري بيهوش ٿي وڃي ٿو. فنڪار اسلم مڙي ڏسي ٿو ۽ کيس رڪشا ۾ هڪ سرڪاري اسپتال ۾ وٺي وڃي ٿو. پوءِ پنهنجي جهوپڙين وارن ڪچن گهرن ۾ و؟ي اڇي ٿو هتي هڪ فقيرياڻي ساڻس عشق ۾ مُبتلا ٿي وڃي ٿي پر فواد لا تعلق پنهنجي قومي گيتن ڳائڻ ۾ مگن ۽ نوجوان فنڪار اسلم کان رياض سکي ٿو. فواد جڏنهن دوست اسلم کان هن بهترين شاعريءَ جو پُڇي ٿو ته کيس ٻُڌائي ٿو ته اها قومي شاعري يا عارفانا ڪلامن جي شاعري فقط هن لاءِ ئي سندس محبوبه نائمه ڪري ٿي جنهن کي هو ڳائي ٿو ۽ فواد به پاڻ لاءِ هن کان ڪا قومي گيتن تي مشتمل شاعريءَ جي گهر ڪري ٿو. ٻي طرف وڏيرو شهباز به ڳوٺ ڇڏي شهر شهر پنهنجي پوٽي کي ڳوليپيو ۽ آخر هڪ عامل جي چنگل ۾ ڦاسي وڃي ٿو جيڪو کائنس بهاني سان ساڻس پيل سموري رقم به هٿائي ڪنهن ٻيئي وقت اچي پُڇڻ جو بهانو ڪري ٽاري ٿو. ٻئي نوجان فنڪار دوست قومي شاعري ۽ عارفانا ڪلام ڳائي آخر فنڪشن ڪرڻ لڳن ٿا ۽ سنڌي چئنلن تي ڳائين ٿا ۽ هو اهوئي خوبصورت ۽ چمڪدار ڊريس ڪوڊ اپنائين ٿا ۽ ايوارڊ ماڻين ٿا. ٻي طرف شاعره نائمه به عامل سان پنهنجي مستقبل کي بهترين ڪرڻ ۽ ماءُ جو راضي ٿيڻ ۽ اسلم سان شادي ڪرڻ ۽ رڪاوٽون ختم ڪرڻ جو تعويز وٺڻ آئي اهي ته هو عمل ڪندي ۽ بهاني سان سندس عزت پامال ڪرڻ جي ڪوشش ڪري ٿو هوءَ بچاءَ لاءِ دانهون ڪري ٿي ته اوڏي مهل وڏيرو شهباز به داخل ٿئي ٿو اچي عامل کان نائمه جي عزت بچائي ٿو ۽ منظر ڏسي عامل کي نوڪرن جي مدد سان زخمي ڪري ڪري ٿو ۽ نائمه کي ڌيءَ چئي مٿي تي هٿ رکي گهر موڪلي ٿو. ٻئي طرف فواد اسلم جي شادي شاعره سان ڪرائڻ لاءِ سندس ماءُ ڏي وڃي ٿو ۽ کيس راضي ڪرائي وٺي ٿو ۽ شاديءَ جا ڏنينهڙا وٺي واپس وري ٿو ۽ رڪشا جو انتظار ڪري ٿو ته روڊ تي سندس اواز ٻُڌي نائمه کي گهر موڪلڻ کان پوءِ ڏاڏ شهباز آواز سُڃاني ٿو ٻئي هڪ ٻئي کي ڏسن ٿا ۽ پڪڙڻ لاءِ وٺ وٺان آخر فواد کي کنڀي ڳوٺ وٺي وڃجي ٿو. هوڏانهن جڏنهن پورو ڏينهن ۽ رات تائين فواد جهوپڙين ۾ نٿو واپس وري ته صائمه ۽ اسلم پريشان ٿي وڃن ٿا ۽ سمجهن ٿا ته امير ماڻهون مصيبتن کان جان ڇڏائي بيوفائي ڪري ڳوٺ واپس هلي ويو اهي. ٻي طرف حويليءَ ۾ فواد جي دل ۾ وري سوڙ پوي ٿو ڊاڪٽر کي گهرائجي ٿو ۽ فواد جي هُوش ۾ اچڻ کان پوءِ هو منٿ ميڙي ڪري ٿو ته کيس دوست جي شاديءَ ۾ شرڪت ڪرڻ جي اجازت ڏني وڃي نه ته هو کيس بي وفا سمجهندو ۽ ڊاڪٽر به ساڳي صلاح ڏي ٿو پر وڏيرو سهباز هاڻ فواد کان جُدا نٿو ٿيڻ چاهي. شاعره نائمه جهوپڙين ۾ اسلم وٽ اچي ٿي ۽ ٻُڌائي ٿي ته ڪيڏي مهل سهرو ٻڌي ايندي جو پريئن جي راتيخ شاديءَ لاءِ فواد ماءُ سان طع ڪري ويو هو، صائمه به اچي ٿي ۽ فواد لاِ روئي ڳائي لُڙڪ لاڙي ٿي ته بي وفا کيس وساري هليو ويو، وري فواد جي حويلِ ۾ طبيعت خراب ٿئي ٿي ۽ کيس اسپتال ۾ داخل ڪيو وڃي ٿو ۽ داڪٽر به دوست وڏيري کي منٿ ڪري ٿو ته فواد کي گيت ڳائڻ جي اجازت ڏني وڃي نه ته هو اهو سور نه جهلي مري ويندو آخر وڏيرو مڃي وڃي ٿو. ٻي ڀرف نائمه ۽ اسلم جي شادي ٿئي ٿي ۽ اسلم شاديءَ کان پوءِ کيس پنهنجي دوست فواد جي ڳوٺ هلي ملائڻ جو چوي ٿو، سيج پلنگ تي اهي پيار جا قول ۽ فعل ورجائجن پيا. هاڻ ٻي طرف حويليءَ ۾ به فواد تنبورو کڻي ڪو گيت يا آلاپ ڳائي پيو ۽ روئي پيو ته شهباز اچي وڃي ٿو ۽ پوٽي جي اها حالت ڏسي پريشان ٿي وڃي ٿو ۽ ڊاڪتر جا چيل جُملا به کيس پريشان ڪنٿا، اچي پوٽي کي پرچائي پيار ڪري ٿو جيڪو ڏاڏي کي دوست اسلم جي شاديءَ جون مُبارڪون ڏيڻ ۽ پاڻ سان ڳوٺ ۾ آني ڪفالت ڪرڻ تي راضي ڪرائي ٿو. ٻئي طرف ٻئي گهوٽ ۽ ڪنوار اسلم ۽ نائمه ڪار ڀاڙي تي ڪري فوافد سان ملڻ ڳوٺ اچن پيا ۽ هتان وڏيرو سهباز ۽ فواد نوڪرن ۽ گارڊ سميعت اسلم سان ملڻ شهر وڃن پيا، انٽرڪٽ ۾ ٻنهين جي اچڻ کي ڏيکارجي ٿو. رستي تي اسلم ۽ نامه جي ڪار جو ايڪسيڊنٽ ٿئي ٿو، اسلم ڪار ڪلٽي ٿيڻ سان ڪار مان ڪري هڪ شاخ ۾ ڦٽو ٿئي ٿو ته روڊ تي نائمه زخمي ۽ مئل حالت ۾ بيهوش ۽ ماڻهن جو سند چوڌاري گهيرو. جيڪي سمجن ٿا ته هوءِ مري چُڪي اهي ۽ سمجهن ٿا اڪيلو ڪار درائيو ڪري آئي هُئي. رستي تي ۽ روڊ تي رش ڏسي وڏيرو ۽ شهباز به گاڏيءَ مان لهي اچن ٿا ۽ وڏيرو جيئن لاش ۾ نائمه کي ڏسي ٿو ته سُڃاڻي وٺي ٿو ۽ پوِءِ ويجهو اچي ٿو ته نائمه آخري ساه کڻي رهي اهي ته هو ماڻهن جي مدد سان کيس اسپتال رسائي ٿو جتان فواد کائنس موڪلائي اسلم ۽ نائمه جي شاديءَ لاِ روانو ٿئي ٿو، وڏيرو اجازت ڏي ٿو. ۽ پاڻ نائمه سان اسپتال ۾رهي پئي ٿو. ٻي طرف ڪنهن ڳوٺ جا مآنهون شاخ جي پاڻيءَ مان اسلم جو لاش ڪڍن ٿا، ويجهو وڃڻ تي دل سان ڪن لڳائين ٿا ته هو ساه کڻي پيو، سندس وات ۾ هوا ڦوڪي ساه ڪرائڻ جي ڪوشش ٿئي ٿي هو پيٽ ۾ ڀري ويل پاڻي وات مان ڦٽو ٿيڻ ڪري هوش ۾ اچي ٿو، ڳوٺاڻا سندس زخمن جي مرهم پٽي ڪرائين ٿا ۽ هو هوش ۾ اچي زال نائمه جي تلاش ۾ نڪري پوي ٿو. ٻي طرف جڏنهن فواد جهوپڙين ۾ اسلم سان ملڻ وڃي ٿو ته صائمه ملي خوش ٿئي ٿي ۽ ٻُڌائيس ٿي ته هو ٻئي ساڻس ملڻ سندس ڳوٺ ويل آهن ۽ پوءِ هو پريشان ٿي واپس ڳوٺ اچڻ جو ارادو ڪري ٿو ته صائمه کائنس پيار جو اظهار ڪري ٿي ۽ فواد سمجهائيس ٿو ته هُنڪڏنهن به ساڻس پيار ڪونه ڪيو آهي ۽ چئي ٻاهر نڪري وڃي ٿو پويان غم ۾ صائمه به لُڙڪ ڳاري عشقيا گانو ڳائي ٿي. اسپتال ۾ ڊاڪڙ وڏيري شهباز کي ٻُڌائين ٿا ته نائمه پنهنجي ياداشت وساري چُڪي آهي ۽ پوءِ وڏيرو کيس پنهنجي ڌيءَ بڻائي لاوارث سمجهي حويليءَ ۾ وٺي اچي ٿو ۽ کيس زُليخا جو نئون نالو ڏنو وڃي ٿو ۽ وڏيرو کيس پيار ڪندي فواد سان پرڻائڻ جو چوي ٿو. ٻي طرف جڏنهن جاءِ حادثي تي اسلم نائمه لاِ پُڇي ٿو ته ڳوٺاڻا کيس ٻُڌائين ٿا ته حادثي واري ڇوڪري مري وئي ۽ ڪو پوڙهو مُڙس سندس لاش دفن ڪرڻ لاءِ کڻائي ويو آهي، روئي پٽي پريشان ٿي سيڊ ڪلام چئي اسلم واپس ساهرن ڏي اچي حادثي ۽ نائمه جي وفات جو ٻُڌائي ٿو ته قهرام مچي وڃي ٿو، صائمه به سوگ ۾ اچي ٿي ۽ پوءِ ٻُڌائي ٿي ته سندن وڃڻ کان پوءِ فواد به آيو هو ۽ هاڻ هو واپس ڳوٺ ويو هليو جو هن ٻُڌايو هوس ته اسلم ۽ نائمه فواد سان ئي ملڻ ڳوٺ ويل اهن. ٻي طرف ڪومائيل فواد واپس حويلي اچي ٿو ۽ اسلم دوست جي اچڻ جو پُڇي ٿو کيس ٻُڌايو وڃي ٿو ته هو اڃان نه پُهتا آهن ۽ پوءِ زُليخان اچي ٿي جنهنکي فواد ڏسي موهت ٿي وڃي ٿو ۽ ڪير آهي جو پُڇي ٿو ته وڏيرو به داخل ٿئي ٿو ۽ جيڪو عامل ۽ زُليخان جو قصو ٻُڌائي ٿو ۽ حادثي جو ذڪر ۽ پنهنجي ڌيءَ ڪرڻ جو ذڪر ڪري ٿو ۽ فواد سان زُليخان جي شادي ڪرڻ جو آطهار به فواد خوش ٿئي ٿو. نوڪرن کي ٻُڌايو وڃي ٿو ته ڪنهن به وقت سندس دوست اسلم پنهنجي زال سان ايندا ته اُنهن جو آڌار ڀاءُ ڪن ۽ کيس اطلاع ڪن. ٻنين ٻارن ۽ باغن ۾ فواد ۽ زُليخا جا پيار ڀريا گيت ٻئي ڳائين ٿا. نائمه جي سوگ ۽ پٿر پورو ڪري اسلم فواد سان ملڻ ڳوٺ اچڻ جي تياري ڪري ٿو ۽ نائمه به گڏ هلڻ جو صد ڪري ٿي. حويليءَ ۾ شهباز وڏيرو، نوڪر ۽ فواد، سندس زُليخان سان مڱڻيءَ جي تياريءَ ۾ احن ته اسلم ۽ صائمه به اچن ٿا ٻنهين جو آڌر ڀاءُ ٿئي ٿو، صائمه پوءِ شڪايتن اسلم سان فواد کي ساڻس پيار لاءِ آماده ڪرڻ جي ڪوشش جو چئي ٿي ته اسلم کيس رنگ ۾ ڀنگ نه وجهڻ ۽ خاموش ٿي وڃڻ جي صلاح ڏي ٿو. صائمه خاموش رهي ٿي ۽ حويلي۾ عارناني ڪلام سان مڱڻي جي محفل شروع ٿيڻ واري اهي ته زُليخان اچي ٿي، اسلم ۽ صائمه کيس ڏسي حيران ٿي وڃن ٿا ۽ اسلم جي پيرن هيٺان زمين نڪري وڃي ٿي، زُليخا اچي ٿي فواد سندس تعارف اسلم ۽ صائمه سان ڪرائي ٿو زُليخان بلڪل اسلم کي نه پئي سُڃاڻي ۽ آخر ۾ اسلم کي ڪو سانگ ڳائڻ جو چئجي ٿو جيڪو هو بل آخر انڪار ڪندي به ڳائي ٿو جيڪو شاعره نائمه جو لکيل ۽ ٻنهين جو ڳايل هو. گانو ٻوڌي ڪڏنهن ڪڏنهن زسُلاخان تي به ذهن ۾ ڪي جهلڪيون اچن ٿيون ۽ پوءِ مٽي وڃن ٿيون، وڏيرو به سيڊ گاني ۽ دل جي درد سان ڳائڻ جي تعريف ڪري ٿو ۽ پڇتائي ٻُڌائي ٿو ته هن خوامخواه هر گائڻ تي پابندي وڌي هُئي، جڏنهن ته قومي گيت ۽ عارفانا ۽ صوفي ڪلام ڳائي سگهبا هُئا. بحر حال محفل جو اختتام وڏيري جي اعلان سان فواد کي وارث ڪرڻ ۽ زُليخان سان مڱڻي جي اعلان تي ختم ٿئي ٿو. حويليءَ ۾ مهمانن جي ڪمري ۾ اسلم ء صائمه ۾سُس پُس ۽ نائمه کي سُڃاڻي پنهنجي زال چوائڻ تي اسلم تي زور ڀري پئي پر فلحال اسلم نٿو مڃي، فواد جيڪو هنن سان ملڻ چئي آيو دريءِ مان اها ڳاله ٻُڌي وٺي ٿو ۽ سندس دل ۾ سور پوي ٿو ۽ ڊوڙندو پنهنجي ڪمري ۾ وڃي ٿو ۽ بيڊ تي بيهوش ٿي وڃي ٿو. اسپتال ۾ آپريشن ٿيٽر ۾ ڊاڪڙ مشغول ٿوري دير کان پوءِ ڊاڪٽر دوست پريشان پريشان نڪري اچي ٿو ۽ وڏيري شهباز جي زور ڀرڻ تي چوي ٿو ته فواد جو بلڊ ڪينسر ڊائگنوز ٿيو آهي ۽ هو چند ڏينهن جو مهمان آهي شهباز مٿان ڇپ ڪري پوي ٿي. ۽ ڊاڪٽر کيس چوي ٿو ته شهباز کي محسوس نه ٿو ٿئي ۽ هو هوش ۾ به اچي ويو آهي هاڻ اهي چند ڏينهن سندس هر مڃتا مڃي وڃي. اسپتال مان نڪري ٻاهر حويلي ۾ اچي نائمان جي شاعريءَ وارو گانو ڳائي ٿو سڀ کيس ٻُڌڌن ٿا ته زليخا جي ياداشت واپس اچي ٿي ۽ هوءَ اسلم کي سُڃاڻي وٺي ٿي ۽ ڊوڙي ساڻس وڃي ملي ٿي منظر ڏسي فواد خوش ٿئي ٿو ۽ ڏاڏي کان ٻنهين جي ڪفالت جو وعدو وٺي ٿو ۽ ٻنهين جيي وري ڌام ڌوم سان بشادي ڪرائجي ٿي ۽ شاديءِ واري تقريب ۾ پنهنجي پيرن ۾ گهنگهرو ٻڌي نچڻ ۽ عارفانو ڪلام ڳائي ٿو جنهن تي ڏاڏو به جهمي اچي نچي ٿو، نچندي نچندي فواد جي وات مان رت جو گُرڙيون نڪرن ٿيون ۽ رت جي راند پوري ٿئي وڃي ٿي ۽ فواد مري وڃي ٿو. وسيعت ڪري ٿو ته کيس شاه لطيف جي قبرستان ۾ دفن ڪيو وڃي هيئر ڀٽ شاه ۾ شاه جي ڪلام ۽ بيڪ گرائونڊ ۾ سڀ سندس قبر تي سڀ آيل اهن ۽ دُئاا پيا پڙهن ۽ گهڻي وقت کان پوِ رليز ٿيندڙ فلم (رت جي راند) جو اختتام ٿئي ٿو. ۽ ڀيٽا ڏيندڙ فنڪار لُڙڪ لاڙي سنڌي فلم جي فروغ قومي گيتن، ڪلچر، روايتن، تهذيب ٺاهڻ جو حلف کڻن ٿا.