تحقيق ڪيئن ڪجي؟

'اکر پڙهه الف جو' فورم ۾ عبدالوهاب طرفان آندل موضوعَ ‏26 آڪٽوبر 2014۔

  1. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    اسلام عليڪم دوستو.
    مان تحقيق (Research) ڪرڻ ٿو چاهيان. جنهن موضوع تي تحقيق ڪرڻي آهي اهو به ذهن ۾ آهي.

    تحقيق جي لا ڇا هجڻ ضروري آهي.؟
    تحقيق ڪٿان کان شروع ڪجي؟
    تحقيق ڪيئن ڪجي؟
    تحقيقي مقالا (Research Papers) ڪيئن لکجن؟
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. عبدالحفيظ لغاري

    عبدالحفيظ لغاري
    منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏23 سيپٽمبر 2010
    تحريرون:
    1,775
    ورتل پسنديدگيون:
    5,826
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سائنٽيفڪ آفيسر، پي سي ايس آءِ آر
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ڪراچي
    ادا هون ته جواب وڏو ٿيندو. پر مختصراََ اهو ته

    تحقيق جي لا ڇا هجڻ ضروري آهي.؟
    تحقيق لاءِ سڀ کان پهرين ان موضوع، جنهن تي تحقيق جو ارادو آهي، بابت خوب کان خوب ڄاڻ هُجڻ هُرجي. خاص ڪري پهريان شئي جي بيڪ گرائونڊ کي سمجهڻ، ان ۾ ڪنهن مسئلي، کوٽ يا واڌاري جي گنجائش کي سمجهڻ ۽ پوءِ ان جي حل لاءِ مفروضو جوڙڻ جي ڄاڻ هُجڻ.

    تحقيق ڪٿان کان شروع ڪجي؟
    تحقيق جي شروعات پنهنجي دلسچپي ۽ ڄاڻ جي کي سامهون رکي ان موضوع يا شعبي ۾ ڪنهن هڪ اهڙي شئي جي چونڊ سان شروع ڪجي جنهن ۾ مٿي ٻُڌايل طريقي سان ڪم جي گنجائش موجود هُجي.

    تحقيق ڪيئن ڪجي؟
    تحقيق لاءِ پهريان ته اهو ڏسو اوهان جي چونڊيل موضوع ۾ اڳي ڪنهن ڪهڙو ڪم ڪيو آهي؟ ان ڪٿي پُهچي بس ڪئي؟ اوهان کي اهو سڏڻو پوندو ته ڪهڙي راهه اڃان اهڙي هُئي جنهن تي اڳتي ڪم ٿي پئي سگهيو جيڪو اڳئين محقق نه ڪيو ۽ اهو اوهان ڪري سگهو ٿا پيا. ايئن هُن جي ڪيل ڪم جي طريقي کي ڏسندي اڳتي وڌيندي ڪم شروع ڪري سگهجي ٿو.

    تحقيقي مقالا (Research Papers) ڪيئن لکجن؟

    جڏهن اوهان اهو سمجهي وٺو ته اوهان ايترو/اهڙو ڪم ڪري ورتو آهي جيڪو هاڻ نئون ۽ تصديق وارو آهي ته اوهان تحقيقي پيپر لکي سگهو ٿا. سائنسي پيپر ته گهڻو تڻو انگريزيءَ ۾ لکيا وڃن ٿا جيڪي Abstract, Introduction, Experimental, Results and Discussion, Conclusion تي مبني هوندو آهي. پر جيڪي آرٽ جي شعبن ۾ لکيا وڃن ٿا تن جي جوڙجڪ ڪُجهه ٻيءَ هوندي آهي. پر ڦري گهري ڳالهه ساڳي وڃي بيهي ٿي.

    اوهان جيڪر پنهنجو شُعبو ٻُڌايو ته اوهان جي بهتر طريقي سان رهنمائي ڪري سگهجي ٿي.
     
    8 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    ادا عبدالحفيظ اوهان جي وڏي مهرباني.
    ادا مهنجو شعبو آرٽيفيشل انٽيليجنس آهي
    Machine Learning
    Text Processing
    Natural Language Processing
    Speech Processing

    ادا اهي سڀئي Artificial inteligence ۾ آهن.
     
  4. عبدالحفيظ لغاري

    عبدالحفيظ لغاري
    منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏23 سيپٽمبر 2010
    تحريرون:
    1,775
    ورتل پسنديدگيون:
    5,826
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سائنٽيفڪ آفيسر، پي سي ايس آءِ آر
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ڪراچي
    اوهان جي شعبي جو اهو اصطلاح ته 1955ع ۾ اچي چُڪو هو پر اڄ به اهو نئون محسوس ٿئي ٿو. اها ته هڪ وسيع و عريض فيلڊ آهي جنهن ۾ وڏا گئپ موجود آهن. جيئن ته منهنجو واسطو ڪئمسٽري سان آهي. ڪئمسٽري ۾ انيڪ مشيون اهڙيون آهن جيڪي پهريان ميئنول هُيون هاڻ ڪمپيوٽر سان ڳانڍاپي کان پوءِ خودڪار ٿي پيون آهن. اهو به هڪ مثال آهي ان فيلڊ جو.
    بهرحال هي هڪ اهڙي فيلڊ آهي جنهن ۾ مشين کان وڌ کان وڌ ڪم ۽ ماڻهو کي مشين ٿي سوچڻ تي مجبور ڪري ٿي. منهنجي صلاح آهي ته اوهان مشينن جي ڪمپيوٽر سان ڳانڍاپي لاءِ استعمال ٿيندڙ سافٽويئرز کي سؤلو ڪرائڻ واري ڪم ۾ هٿ وجهو. ڇو ته اڪثر مطابقت نه ٿي سگهڻ ڪري جُڙيل سافٽويئر منجهائيندڙ ۽ ڏُکيا هوندا آهن. جيڪر انهن کي سؤلو بڻايو وڃي ته ان جي مارڪيٽ ۾ آساني سان کپت هوندي ۽ هٿو هٿ وڪامندي.
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  5. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    ریسرچ میتهاڈالاجی بابت متهی بدهایل ادا حفیظ جی مختصر پر مفید معلومات کان سواء مون وٹ اوهان لاء بهترین ء جهجهی انفارمیشن ء مواد موجود آهی، پر افسوس جو موبائل نیٹ تان کجه نه تهی سگهندو..!
     
  6. شاهجهان سُميل

    شاهجهان سُميل
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 جولائي 2011
    تحريرون:
    96
    ورتل پسنديدگيون:
    306
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    253
    ڌنڌو:
    سرڪاري نوڪري
    ماڳ:
    بدين، سنڌ
    ڊاڪٽر حفيظ مسئلو سُلجهائي چُڪو آهي ۽ اوهان کي مختصر ۽ آسان طريقه ڪار ٻڌائي چُڪو آهي، اُن هوندي به جيڪڏهن اوهان کي تحقيق ۽ طريقن جي وڌيڪ ڄاڻ گهرجي ته اوهان پنهنجي ايميل موڪليو آئون اوهان کي مڪمل ڪتاب Research Methods for Business Students ايميل ٿو ڪري ڇڏيان، جنهن ۾ اوهان کي تحقيق، طريقه ڪار ۽ گهربل شين جو مڪمل احوال ملندو، جيڪو اُميد آهي ته اوهان کي ڪافي مدد ڏيندو.
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو