• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

آمريڪا ۽ عالمي مالياتي ادارن کي هڪ ٻيو ڌچڪو.

ڪجه وقت اڳي برازيل،روس، انڊيا ،چائنا ۽ ڏکڻ آفريڪا گڏجي ، عالمي مالياتي ادارن جي مقابلي ۾ هڪ ٻي بينڪ قائم ڪئي هئي ته جينئن عالمي منڊي تان آمريڪا ۽ ان جي همنوا اتحادين جو قبضو ڇڏرائجي . آمريڪا ۽ ان جا اتحادي ان زخم کي ڪتي وانگر چٽي رهيا هيا ته ، مٿن چين ۽ روس ڪجه ايشيائي ملڪن کي ملائي 50 ارب دالرن جي سيڙپ سان هڪ ٽئين عالمي بئنڪ قائم ڪري ورتي آهي . ان تي آمريڪا چريائپ جو مظاهرو ڪندي سخت رد عمل ظاهر ڪيو آهي . اميد ته آمريڪا ۽ ان جي اتحادين جو دنيا جي اسرندڙ ملڪن تان قبضو ڍرو ٿي ويندو.
 
Back
Top