پيارا سنڌ سلامت جا ساٿيو منهنجو هي غزل جيڪو ڪافي عرصو پهرين مان سنڌ سلامت جي ڊيزائن شاعري ۾ ونڊ ڪري چُڪو آهيان، ان غزل جي وڊيو ڪمپوزنگ ڇنڇر واري ڏينهن ٽنڊو محمد خان شهر جي بهترين راڳي ماسٽر جانب علي بلاولي ڪئي ساٿيو جيتوڻيڪ هي غزل بغير ڪنهن سازن جي ڪمپوز ٿيو آهي پر سرگم ۽ سُر ماسٽر جانب علي بلاولي جا ايڏا ته پُختا آهن جو هي غزل تمام گهڻو دلڪش لڳي رهيو آهي، گهٽ ۾ گهٽ مونکي ته ائين محسوس ٿيو ، دوستو هن وڊيو ڪمپوزنگ ۾ سنڌ سلامت جي ڪافي سارن دوستن کي ياد ڪيو اٿم، پر ڪنهن دوست جو نالو رهجي ويو هُجي ته برا مهرباني اهو به سمجهي ته هي گيت ان کي ارپيو ويو آهي، دوستو جيئن ته مون وٽ ڪو لکت ۾ اسڪرپٽ وغيره ڪونه هوندو آهي پو جيڪي به دوست ياد ايندا ويندا آهن ان جو نالو وٺندو ويندو آهيان پيش آهي سنڌ سلامت اسٽوڊيو جي پنهنجي پيش ڪيش تار دل جا ڇيڙ جانان [MP3]http://www.fileden.com/files/2009/12/2/2672587/janub.mp3[/MP3] هي ساڳيو غزل ڊيزائن جي صورت ۾ ڪافي ڏينهن اڳي سنڌ سلامت جي ساٿين سان ونڊ ڪيو هئم اهو وري به توهان جي يادگيرين واسطي پيش خدمت آهي
جواب: تار دل جا ڇيڙ جانان (آڊيو ۾) محترم سائين نثار احمد ناز صاحب اسلام وعليڪم اميد ته اوهان پنهنجي ڪُٽمب سميت بلڪل خير خيريت سان هوندا آمين سائين اوهان جي هر پوسٽ خالصتن سنڌ سلامت لاءِ ئي هوندي آهي اوهان جي محنت اسان کي اوهانجي ونڊ ڪيل پوسٽن ۾ بلڪل صاف نظر ايندي آهي۔ ان لاءِ اوهان کي جس هجي۔ سائين جيتري قدر مان ناچيز و خاڪسار سمجهان ٿو ته اوهان جي هي شاعري ته خوبصورت لفّظن سان ۽ تمام بهترين احساسن سان اڳ ۾ ئي ڀرپور آهي ئي پر مٿان وري سائين ماسٽر جانب علي بلاوليجي مَدهم آواز سان هي شاعري هڪ بهترين گيت جي صورت ۾ اسان جي سامهون آهي۔ ڪمال آهي ماسٽر جانب علي بلاولي جو بنا ڪنهن ساز جي تمام بهترين آواز ۽ سُر جي تَال ميل جو خيال رکندي تمام سُوهڻي انداز ۾ هن شاعري کي ڳايو آهي تمام لاجواب۔ سائين اوهان پنهنجي هن بهترين ۽ خوبصورت پوسٽ ۾ مون ناچيز و خاڪسار جو نالو شاملِ حال رکيو سائين مان ان لائق ناهيان بس اهي اوهان جا قرب ۽ مهربانيون آهن سائين سدا خوش و آباد هجو پنهنجي پيارن سان آمين۔ سنڌ سلامت ساٿ سلامت
جواب: تار دل جا ڇيڙ جانان (آڊيو ۾) پيارا عبدالستار چنا شال سدائين جُڙيو هُجين مُسڪرائيندو رهين پنهنجي پيارن سان، تو منهنجي غريباڻي شاعري جي ايڏي تعريف ڪئي آهي جو قسم سان مان ۽ منهنجي شاعري بنهه ان لائق ئي ڪونهي، بس اُبتن سُبتن لفظن سان جُڙيل حقير ترين شاعري آهي اها تنهنجي محبت آهي اها به مون ناچيز سان جو ايترن سُهڻن لفظن سان تو منهنجي همت افزائي ڪئي لک لائق، باقي واقعي ماسٽر جانب علي بلاولي نهايت ئي ٿوري عرصي پنهنجي محنتن عيوض هتي جو تمام بهترين راڳي ثابت ٿي ويو آهي، ڪڏهن ڪڏهن سندس دل اُچاٽ ٿيندي آهي ته هُو هليو ايندو آهي، مون سين ڪچهري ڪرڻ، چوندو آهي ته سائين ناز توهان سان جڏهن ملندو آهيان ته زماني جا ڏُک درد سڀ وسري ويندا آهن، پو ضد ڪندو آهي ته سائين توهان پنهنجي ڪا نئين شاعري لکي هُوندِي ان ڪري منهنجي ڊائري جيڪا هميشه سامهون ٽيبل تي رکيل هُوندي آهي منهنجي اجازت سان کڻي پڙهندو آهي پو جيڪا به شاعري پڙهندو آهي ان کي گُنگنائيندو ويندو آهي ۽ مڌُر ڌن ترتيب ڏيندو ويندو آهي، خير توهان جي نيڪ تمنائن وارا پيغام جانب علي بلاولي تائين ضرور پهچائبا۔
جواب: تار دل جا ڇيڙ جانان (آڊيو ۾) ادا وسيم مهرباني جو منهنجي غزل کي پڙهي ۽ ٻُڌي توهان جي دل خوش ٿي توهان منهنجي هن غريباڻي ونڊ تي منهنجي تمام پيار سان همت افزائي ڪئي توهان جا لکين ٿورا۔