نثارناز
سينيئر رڪن
پيارا سنڌ سلامت جا ساٿيو منهنجو هي غزل جيڪو ڪافي عرصو پهرين مان سنڌ سلامت جي ڊيزائن شاعري ۾ ونڊ ڪري چُڪو آهيان، ان غزل جي وڊيو ڪمپوزنگ ڇنڇر واري ڏينهن ٽنڊو محمد خان شهر جي بهترين راڳي ماسٽر جانب علي بلاولي ڪئي ساٿيو جيتوڻيڪ هي غزل بغير ڪنهن سازن جي ڪمپوز ٿيو آهي پر سرگم ۽ سُر ماسٽر جانب علي بلاولي جا ايڏا ته پُختا آهن جو هي غزل تمام گهڻو دلڪش لڳي رهيو آهي، گهٽ ۾ گهٽ مونکي ته ائين محسوس ٿيو ، دوستو هن وڊيو ڪمپوزنگ ۾ سنڌ سلامت جي ڪافي سارن دوستن کي ياد ڪيو اٿم، پر ڪنهن دوست جو نالو رهجي ويو هُجي ته برا مهرباني اهو به سمجهي ته هي گيت ان کي ارپيو ويو آهي، دوستو جيئن ته مون وٽ ڪو لکت ۾ اسڪرپٽ وغيره ڪونه هوندو آهي پو جيڪي به دوست ياد ايندا ويندا آهن ان جو نالو وٺندو ويندو آهيان
پيش آهي سنڌ سلامت اسٽوڊيو جي پنهنجي پيش ڪيش تار دل جا ڇيڙ جانان
[MP3]http://www.fileden.com/files/2009/12/2/2672587/janub.mp3[/MP3]
هي ساڳيو غزل ڊيزائن جي صورت ۾ ڪافي ڏينهن اڳي سنڌ سلامت جي ساٿين سان ونڊ ڪيو هئم اهو وري به توهان جي يادگيرين واسطي پيش خدمت آهي
