دوستو اڄ مان اوهان سان هڪ تمام بهترين شيئرنگ ڪرڻ وارو آهيان. دوستو اوهان انٽرنيٽ تي آنلائين اسٽڊي بابت ته ڄاڻندا هوندئو اهڙيون ڪافي ويب سائيٽس موجود آهن جيڪي بلڪل مفت تعليم فراهم ڪنديون آهن اهو به گهر ويٺي آنلائين پر اهي بلڪل مفت نه هونديون آهن. اڄ مان هڪ اهڙي ويب سائيٽ اوهان سان شيئر ڪري رهيو آهيان جيڪا بلڪل مفت آنلائين ڪورسس فراهم ڪري ٿي ۽ انتهائي آسان آهي. ۽ اهي ڪورسس توهان پهنجي موبائيل تي حاصل ڪري سگهو ٿا. جي ها ان ويبسائيٽ جي هڪ اينڊرائيڊ ايپليڪيشن به آهي جنهن جي مدد سان اوهان با آساني پهنجي موبائيل تي آنلائين اسٽڊي ڪري سگهو ٿا ۽ دوستو صرف اهو ئي نه پر هي ڪورسس دنيا جي وڏيون مشهوت يونيورسٽيز فراهم ڪن ٿيون ۽ اوهان کي مفت سرٽيفڪيٽ به فراهم ڪن ٿيون ته پوءِ دوستو دير نه ڪريو ۽ اڄ ئي هن ويبسائيٽ تي وڃي پهنجو من پسند ڪورس سليڪٽ ڪيو ۽ مفت ۾ آنلائين اسٽڊي جو فائدو وٺو. هن موضوءِ جي حوالي سان ڪا به مدد گهرجي ته مون سان رابطو ڪيو. مان هن ويب سائيٽ تي ڪافي ڪورسس ڪيا آهن. 03455577736 هيٺين لنڪ تي ڪلڪ ڪريو https://www.coursera.org
دوستو جلد ئي مان هن سائيٽ متعلق هڪ هيلپ مينيئل پي ڊي ايف جي صورت ۾ ٺاهيندس جنهن سان اوهان کي سمجهڻ ۾ ڪافي آساني ٿيندي.
بهترين ... اسان کي صرف شاعري ۽ ادبي شين کان هٽي ڪري تعليمي ميدان ۾ انٽرنيٽ جو وڌ کان وڌ فائدو حاصل ڪرڻ گهرجي. اميد ته اوهان ان قسم جون ويب سائيٽس ۽ مختلف مواد ۽ ٽپس هتي شيئر ڪندا رهندا. لک قرب
تمام زبردست ونڊ آهي.. سنڌ ۾ تعليم جي ٻيڙي ۾ هٿرادو سوراخ ٻيڙو ٻوڙڻ لا ڪيا ويا آهن. توهان جي سوچ صحيح آهي ته تعليم سان سنڌ سرهي ٿئي. بلڪل ائين ٿيڻ گهرجي آنلائن ويبسائٽن تان مفت خواه پئسن تي تعليم حاصل ڪجي. پر سڀ کان پهرين اسان کي پنهنجو پاڻ بدلڻو پوندو، پنهنجون سوچون بدلڻيون پونديون، اهي سوچون جيڪي اسان کي تعليم صرف پئسا ڪمائڻ جي باري ۾ آهن . الائي ڇا ڇا پيو لکان خبر ئي نٿي پوي، سنڌي ڪيبورڊ آسان آهي ان ڪري ايترو ڪجهه لکان پيو. آخري لفظ: توهان جي ڏنل لنڪ تي ٽڙڪ ڪيو اٿم، داخلا وٺان ٿو.
ٿهيم صاحب ڏاڍي خوشي ٿي ته اوهان هن ويب سائيٽ مان لاڀ حاصل ڪري رهيا آهيو. ٻين دوستن کي به اها گذارش آهي ته هن تعليمي انقلاب جهڙي ويبسائيٽ مان وڌ کان وڌ فائدو حاصل ڪن. هن ويب سائيٽ تي اوهان جي مرضي متابق اوهان کي ڪورس ملندا. هن ويب سائيٽ جي اينڊرائيڊ ايپليڪيشن ڊائنلوڊ ڪرڻ لاءِ گوگل پلي اسٽور تي وڃي ۽ ڪورسيرا لکو يعني هن ويبسائيٽ جو نالو لکو ۽ ان ايپليڪيشن جي مدد سان پهنجو ڪورس با آساني پڙهو. هر ڪورس جو الڳ مواد آهي جهڙوڪ وڊيوز سلائيڊ شوز ۽ پي ڊي ايف بوڪ ۽ اهو مواد هر ڪورس سان گڏ ڊائونلوڊ ڪري سگهجي ٿو.
غربت ۽ بيروزگاريءَ جي ڪري سنڌي قوم کي هن وقت فني تعليم جي اشد ضرورت آهي. جنهن سان هو نه صرف پنهنجي تعليم ٽيڪنيڪل مئٽرڪ، ڊپلوما ۽ بي ٽيڪ وغيره جاري رڱي سگهي ٿو ان ڪري ووڪيشنل اسڪولس ۽ مونو يا پوليٽيڪنيڪل يا ٽيڪنيڪل ٽريڊ سينٽرس اهڙا ادارا آهن جنهن مان هو سکيا وٺي پنهنجو ڪاروبار ، مُلڪ يا مُلڪ کان ٻاهر نوڪري ڪري پنهنجي خاندان کي فنانشلي خوشحال بڻائي سگهي ٿو. اڄ تائين سنڌي ماڻهن جنرل ايجيڪيشن مان فائدو حاصل ناهي ڪيو ۽ سرٽيفڪيٽ يا ڊگريون ڪاپي ڪلچر وسيلي حاصل ڪيون يا پاس ڪري پر ادارن ۾ وڃي سڻڀيون نوڪريون ڪيون ۽ رشوت جي بازار کي مچايو. سياسي ماڻهن جي مدد سان اهڙن ڊگري هولڊرس کي نوڪريون مليو ۽ ميرٽ سنڌيءَ جو ٻيڙو ٻوڙيو ويو اهوئي سبب آهي جو اڄ سنڌي تعليمي ادارن يا ٻين ادارن ۾ وڃي به اوطاقون قائم ڪري ويٺا آهن ، ڪي خوشحال ته گهڻي ڀاڱي بيروزگار آهن. انهن شين کي ۽ سنڌ جي مصيبتن کي ختم ڪرڻ لاءِ لازمي آهي ته قوم جو رُجهان ٽيڪنيڪل تعليم طرف ڪيو وڃي جيڪو فلحال زخمن تي مرحم رکڻ جهڙو آهي، جنرل تعليم کي پروفيشنل انداز ۾ ۽ 70 جي ڏهائيءَ کان پهرئين جهڙو آڻڻ لاءِ هاڻ صدي گهرجي ۽ فلحال قوم اهڙي ته گهيريل آهي جو صحيح تعليم جو حصول آرام سان نٿي ڪري سگهي. بيروزگار سنڌي معشري لاءِ به هاڃيڪار آهي ۽ اهڙو به روزگار نه هُجي جو رشوتن تي ڌم هُجي اُهو به هاڃيڪار آهي ۽ اهڙو به روزگار نه هُجي جو اين جي اوز مان مليل ڪمائيءَ تي گذران ڪجي اهو به هاڃيڪار آهي. هڪدم قوم کي فني تعليم جو دڳ ڏيو ۽ سنڌ سلامت بڻايو.
واه تمام سهڻي ونڊ، اوهان کي جس هجي جو سنڌ جي مستقبل جو اونو رکندي اهڙي ڪاوشون ڪيو پيا. مان به هاڻ هن تي ڪلڪ ڪري داخلا وٺان ٿو اوهان جي مهرباني ادا