هڪ دفعي ڪنهن ڳوٺ ۾ هڪ زبردست طوفاني برسات آئي۔۔۔ ڳوٺ ۾ اعلان ڪيو ويو ته ڳوٺ جي ڀرسان وهندڙ نهر جو بند ٽُٽي پيو آهي ۔۔۔ ۽ پاڻي ڪهڙي به وقت ڳوٺ ۾ داخل ٿي سگهي ٿو۔۔۔ ڇو ته نهر ڪافي وڏي هئي ۽ برسات جي ڪري اڳي ئي ڳوٺ ۾ پاڻي ڪافي گڏ ٿي ويو هو ان ڪري ماڻهن کي ڪنهن محفوظ ماڳ تي پهچڻ لاءِ اعلان ڪيا ويا۔۔۔۔ سموري ڳوٺ جا ماڻهون جيڪو بچائي ٿي سگهيا کنيو ۽ ڳوٺ کان ٻاهر نڪرڻ لڳا۔۔۔ سواءِ هڪ 50 سالن جي پوڙهي جي جيڪو چئي رهيو هيو ته ”منهنجو ايمان آهي ۔۔۔۔ الله پاڪ مون کي بچائيندو۔۔۔“
جيئن جيئن پاڻي مٿي چڙهڻ لڳو ۔۔۔ هڪ جيپ پوڙهي کي بچائڻ لاءِ آئي پر پوڙهي انڪار ڪندي چيو ”منهنجو ايمان آهي ۔۔۔۔ الله پاڪ مون کي بچائيندو۔۔۔“
پاڻي وڌيڪ مٿي چڙهڻ لڳو ۽ گهرن ۾ داخل ٿيڻ لڳو ۔۔۔ پوڙهو کٽ تي چڙهي بيٺو ته هڪ ٻيڙي ڀرسان گذري جنهن ۾ موجود ماڻهن کيس ٻيڙي ۾ چڙهڻ لاءِ چيو ۔۔۔۔ پر پوڙهي انڪار ڪندي چيو ۔۔۔۔ ”منهنجو ايمان آهي ۔۔۔۔ الله پاڪ مون کي بچائيندو۔۔۔“
پاڻي وڌيڪ مٿي چڙهڻ لڳو ته پوڙهو گهر جي ڇت تي چڙهي آيو۔۔۔۔ هتي ڪجهه ئي دير ۾ هيليڪاپر ظاهر ٿيو جنهن پوڙهي کي ڏسي سپيڪر تي کيس هدايد ڪئي ته هيٺ لٽڪيل ڏاڪڻ نما رسي پڪڙي هيليڪاپٽر تي چڙهي پر پوڙهي هڪ دفعو وري انڪار ڪندي چيو ته ۔۔۔۔۔۔۔۔۔ ”منهنجو ايمان آهي ۔۔۔۔ الله پاڪ مون کي بچائيندو۔۔۔“
آخر ڪار پاڻي تيزي سان مٿي چڙهندو رهيو ۽ پوڙهو پاڻي جي وهڪري تي قابو نه ڪري سگهيو ۔۔۔۔ وفات ٿيڻ کان پوءِ سندس روح کي حاضر ڪيو ويو ۔۔۔ پوڙهي ناراضگي سان چيو۔۔۔ ته ”مون توتي پورو ايمان آندو ۔۔۔ ۽ صرف توکان مدد گهري ۔۔۔ پوءِ تو منهنجي دعائن کي ڇو نظر انداز ڪيو۔۔۔۔۔؟“
رب پاڪ جو آواز آيو۔۔۔۔ ”اي بنده ۔۔! تو ڏانهن جيپ، ٻيڙي ۽ هيلڪاپٽر باقي ڪنهن موڪليو۔۔۔۔؟“
سبق: اسان پنهنجي ڪيي جا پاڻ ذميدار آهيون۔۔۔۔ پنهنجي ڪوتاهين جو ٻئي تي الزام لڳائڻ غلط آهي۔۔۔
اسان کي پاڻ کي بچائڻ لاءِ پاڻ ئي ڪجهه ڪرڻ گهرجي بجاءِ اميدن ۽ آسري جي ۔۔۔ ڇو ته ڪر ڀلو ته ٿئي ڀلو۔۔۔
ڪير به تيسين توهان جي مدد نه ڪندو جيسين توهان پاڻ پنهنجي مدد نه ڪندو۔۔۔۔
هاڻي ئي عمل ڪريو هڪ منٽ به ضايع نه ڪريو ڇو ته پنهنجي ڪاميابي يا ناڪامي جا اسان پاڻ ذميدار آهيون۔۔۔
پنهنجي لاءِ ۽ ٻين لاءِ هميشه ڀلو سوچيو ۔۔۔ ڇو ته ان ۾ ئي رب جي رضا شامل آهي۔۔۔