منهنجو ايمان آهي ۔۔۔۔ الله پاڪ مون کي بچائيندو۔۔۔

'مختصر پر سبق آموز' فورم ۾ ذيشان رشيد طرفان آندل موضوعَ ‏18 مئي 2010۔

  1. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    [​IMG]

    هڪ دفعي ڪنهن ڳوٺ ۾ هڪ زبردست طوفاني برسات آئي۔۔۔ ڳوٺ ۾ اعلان ڪيو ويو ته ڳوٺ جي ڀرسان وهندڙ نهر جو بند ٽُٽي پيو آهي ۔۔۔ ۽ پاڻي ڪهڙي به وقت ڳوٺ ۾ داخل ٿي سگهي ٿو۔۔۔ ڇو ته نهر ڪافي وڏي هئي ۽ برسات جي ڪري اڳي ئي ڳوٺ ۾ پاڻي ڪافي گڏ ٿي ويو هو ان ڪري ماڻهن کي ڪنهن محفوظ ماڳ تي پهچڻ لاءِ اعلان ڪيا ويا۔۔۔۔ سموري ڳوٺ جا ماڻهون جيڪو بچائي ٿي سگهيا کنيو ۽ ڳوٺ کان ٻاهر نڪرڻ لڳا۔۔۔ سواءِ هڪ 50 سالن جي پوڙهي جي جيڪو چئي رهيو هيو ته ”منهنجو ايمان آهي ۔۔۔۔ الله پاڪ مون کي بچائيندو۔۔۔“
    جيئن جيئن پاڻي مٿي چڙهڻ لڳو ۔۔۔ هڪ جيپ پوڙهي کي بچائڻ لاءِ آئي پر پوڙهي انڪار ڪندي چيو ”منهنجو ايمان آهي ۔۔۔۔ الله پاڪ مون کي بچائيندو۔۔۔“
    پاڻي وڌيڪ مٿي چڙهڻ لڳو ۽ گهرن ۾ داخل ٿيڻ لڳو ۔۔۔ پوڙهو کٽ تي چڙهي بيٺو ته هڪ ٻيڙي ڀرسان گذري جنهن ۾ موجود ماڻهن کيس ٻيڙي ۾ چڙهڻ لاءِ چيو ۔۔۔۔ پر پوڙهي انڪار ڪندي چيو ۔۔۔۔ ”منهنجو ايمان آهي ۔۔۔۔ الله پاڪ مون کي بچائيندو۔۔۔“
    پاڻي وڌيڪ مٿي چڙهڻ لڳو ته پوڙهو گهر جي ڇت تي چڙهي آيو۔۔۔۔ هتي ڪجهه ئي دير ۾ هيليڪاپر ظاهر ٿيو جنهن پوڙهي کي ڏسي سپيڪر تي کيس هدايد ڪئي ته هيٺ لٽڪيل ڏاڪڻ نما رسي پڪڙي هيليڪاپٽر تي چڙهي پر پوڙهي هڪ دفعو وري انڪار ڪندي چيو ته ۔۔۔۔۔۔۔۔۔ ”منهنجو ايمان آهي ۔۔۔۔ الله پاڪ مون کي بچائيندو۔۔۔“

    آخر ڪار پاڻي تيزي سان مٿي چڙهندو رهيو ۽ پوڙهو پاڻي جي وهڪري تي قابو نه ڪري سگهيو ۔۔۔۔ وفات ٿيڻ کان پوءِ سندس روح کي حاضر ڪيو ويو ۔۔۔ پوڙهي ناراضگي سان چيو۔۔۔ ته ”مون توتي پورو ايمان آندو ۔۔۔ ۽ صرف توکان مدد گهري ۔۔۔ پوءِ تو منهنجي دعائن کي ڇو نظر انداز ڪيو۔۔۔۔۔؟“
    رب پاڪ جو آواز آيو۔۔۔۔ ”اي بنده ۔۔! تو ڏانهن جيپ، ٻيڙي ۽ هيلڪاپٽر باقي ڪنهن موڪليو۔۔۔۔؟“

    سبق: اسان پنهنجي ڪيي جا پاڻ ذميدار آهيون۔۔۔۔ پنهنجي ڪوتاهين جو ٻئي تي الزام لڳائڻ غلط آهي۔۔۔
    اسان کي پاڻ کي بچائڻ لاءِ پاڻ ئي ڪجهه ڪرڻ گهرجي بجاءِ اميدن ۽ آسري جي ۔۔۔ ڇو ته ڪر ڀلو ته ٿئي ڀلو۔۔۔
    ڪير به تيسين توهان جي مدد نه ڪندو جيسين توهان پاڻ پنهنجي مدد نه ڪندو۔۔۔۔
    هاڻي ئي عمل ڪريو هڪ منٽ به ضايع نه ڪريو ڇو ته پنهنجي ڪاميابي يا ناڪامي جا اسان پاڻ ذميدار آهيون۔۔۔
    پنهنجي لاءِ ۽ ٻين لاءِ هميشه ڀلو سوچيو ۔۔۔ ڇو ته ان ۾ ئي رب جي رضا شامل آهي۔۔۔
     
  2. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    جواب: منهنجو ايمان آهي ۔۔۔۔ الله پاڪ مون کي بچائيندو۔۔۔

    تمام بهترين سمجهاڻي آهي جادوگر سائين پوڙهو ارڏو ۽ نادان هو، کيس بار بار ايمان جو نعرو لڳائڻ واري غرور ٻوڙي وڌو آخر ۾ پوڙهو وري به ناراضگي جو اظهار پيو ڪري حيف آهي اهڙي نادان انسان کي جيڪو رب سائين جي رحمتن کي نه سُڃاڻيندي شيطان وانگر غرور ۽ تڪبر جي ور چڙهي ٿو وڃي ۔ زبردست
     
  3. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: منهنجو ايمان آهي ۔۔۔۔ الله پاڪ مون کي بچائيندو۔۔۔

    بهترين سبق شيئر ڪريو پيا سر
    مهرباني
     
  4. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: منهنجو ايمان آهي ۔۔۔۔ الله پاڪ مون کي بچائيندو۔۔۔

    سائين رشيد صاحب، وتائي فقير جي ڳالهه ته اوهان ٻڌي هوندي ته وڻ تي چڙهي ويهي رهيو ته ڏسان الله تعالا رزق ڪيئن ٿو پهچائي، جڏهن چورن اچي وڻ هيٺان کاڌو کائڻ لڳا ته مجبورن وتائي کي کنگهڻو پيو ته کيس ماني ملي ۽ منهن مٿي ڪري چيائين ته بيشڪ رزق ته تو پهچايو پر مليو کنگهڻ سان ۔۔۔ سو ادا سائين ۔۔۔ رب العالمين جڏهن ڪنهن جي مدد ڪندو آهي ته انجا اسباب پئدا ڪندو آهي، ۽ اهي اسباب اسانجي ئي معاشري مان هوندا آهن ۔۔۔
    بس سمجهڻ جي ضرورت هوندي آهي ۔۔۔ بهترين ونڊ ڪيو آهي اوهان، وڏي ڳالهه ٿورن لفظن ۾ سمجهائڻ جي ڪوشش آهي ...
    لک ٿورا
     
  5. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,402
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    جواب: منهنجو ايمان آهي ۔۔۔۔ الله پاڪ مون کي بچائيندو۔۔۔

    سائين اهيا حقيقت آهي ته محنت ۽ ڪوشش کانسواء ڪجهه به نه آهي، محنت ۽ ڪوشش ضروري آهي، محنت ۽ جاکوڙ کانسواء منزل جو ملڻ آسان نه آهي، ۽ شاه صاهب ته پنهنجي پوري شاعري ۾ جدو جهد ڪرڻ ۽ اڻ ٿڪ محنت ڪرڻ جو سبق ڏنو آهي۔۽ قرآن به اسان کي اهيا تعليم ڏئي ٿو ته انهيء قوم جي حالت تيسيتائين تبديل نه ٿئي ٿئي، جيسيتائين اها قوم پاڻ پنهنجي حالت تبديل ڪرڻ جي ڪوشش ۽ جدو جهد نه ٿي ڪري۔

    غافِلِ! غَفِلَتَ ڇوڙِ! تُون ڪِيئن، اَڻاسِي! اوجِھرين؟
    چُپاتا چَڙهِي ويا، وڃِي پَهُتا توڙِ؛
    نيڻين نِنڊَ اُکوڙِ، جِمَ وَرَنِ ۾ واڪا ڪَرِين​


    اِيُ ڪَمُ ڪَمِيڻِيَنِ، جِئن سُمَهَنِ پيرَ ڊِگھا ڪَري؛
    لوچِين ڇو نه، لَطِيفُ چئي، هارِي! لَءِ هوتَنِ؛
    نِنڊان نِڀاڳِينِ کي، اوڀالا اَچَنِ؛
    سي پُنهُون ڪوه پُڇَنَ؟ جي سَنجھي رَهَنِ سُمهِي​


    چُپاتا چَڙهِي ويا، وڃِي پَهُتا توڙِ؛

    [​IMG]
    سي پُنهُون ڪوه پُڇَنَ؟ جي سَنجھي رَهَنِ سُمهِي​

    [​IMG]
     
  6. رحيم بخش

    رحيم بخش ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏23 جون 2009
    تحريرون:
    3,284
    ورتل پسنديدگيون:
    2,924
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    جواب: منهنجو ايمان آهي ۔۔۔۔ الله پاڪ مون کي بچائيندو۔۔۔

    سائين تمام بهترين نصيحت آهي هر ڪنهن ذهن ۾ مضمون پڙهڻ سان مختلف خيال گوشه نشين ٿين ٿا سڀني دوستن بهتر ڪمينٽس ڏنا سائين ممتاز صاحب جن سوره رعد سڳوري جي آيت نمبر 11 ڏي آشارو ڪيو
    [font="al_mushaf"]إِنَّ اللَّهَ لا يُغَيِّرُ مَا بِقَوْمٍ حَتَّى يُغَيِّرُوا مَا بِأَنْفُسِهِمْ [/font]
    اها حقيقت آهي ته انسان کي پنهنجي طرفان به ڪجهه ڪرڻو آهي محبوبن به اهڙو درس ڏنو آهي ته هي دنيا آخرت جي کيتي آهي پوء جيڪو ان ۾ عمل جو ٻج ۽‌ نيت جي خلوص جو ڀاڻ ان ۾ شامل ڪندو ته الله تعالى پنهنجي رحمت سان قبوليت جو پاڻي ۽ برڪت جو ڦل ان ۾ پيدا ڪندو پر جيڪڏهن ڪو ان پوڙهي وانگر ٻج ئي نه اڇلائي ۽ پوء به چوي ته مان توڪل وارو آهيان ان ڪري ڦل مونکي به ملندو ته اهو به ان جهوني وانگر اجايو خيال پچائيندڙ چئبو هر مرحلي ۾ عمل جي ضرورت آهي الله تعالى اسان کي عمل جي توفيق بخشي۔ هڪ روايت ۾ آهي ته هڪ اعرابي اٺ تي محبوبن سان ملڻ آيو اٺ ٻاهر ڇڏي آيو محبوبن ان پڇيو ته اٺ کي ڏانوڻ ڏئي آيو آهين عرض‌ڪيائين ته توڪل تي ڇڏي آيو آهيان محبوبن انکي فرمايو عقل ثم توڪل او ڪما قال ۔۔۔ يعني ڏانوڻ ڏئي پوء‌ توڪل ڪر۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو