محمد خان سيال جون ساروڻيون ـ ڪالهه گڏيوسين ڪاپڙي ـ 01

'سنڌي ادب' فورم ۾ محمد خان سيال طرفان آندل موضوعَ ‏31 آڪٽوبر 2014۔

  1. محمد خان سيال

    محمد خان سيال
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏11 آگسٽ 2014
    تحريرون:
    1,388
    ورتل پسنديدگيون:
    1,726
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ڌنڌو:
    Writer, Analyst
    ماڳ:
    Houston, TX, USA
    ٽن ڏينهن لاءِ برَ ۾ بازارون:

    اسان جي ڳوٺ سيد حاجي ابراھيم شاهه ، ويجھو بڇيري ريلوي اسٽيشن، مين ريلوي لائين جي ڀر ۾، سيد حاجي ابراهيم شاهه مرحوم ۽ سندس ننڍي ڀاءُ سيد نور محمد شاهه مرحوم جو ساليانو ميلو، ڪيترن ورهين کان لاڳيتو لڳندو هو ـ ميلو ته ڇا هو ڄڻ ته ٽن ڏينهن لاءِ برَ ۾ بازارون لڳي وينديون هيون ـ مٺاين، خشڪ ميوويَ توڙي مختلف شين جا دوڪان، هوٽلن ۽ ٿيٽر وارا اچي وارد ٿيندا هئاـ ميلي کان پرڀرو ’ڳاڙهي بازار‘ به لڳندي هئي جتي هر وقت رنگ رتل ۽ ميلو متل هوندو هوـ ڪيترا خفتي اتي وڃي پنهنجي جنسي بُک جي اڃ اجھائي۽ کيسا خالي ڪري موٽندا هئا ـ
    ميلي ۾ دستاويزي فلمون هڪ وڏي اسڪرين تي ڏيکاريون وينديون هيون جن جو انتظام سرڪار طرفان ٿيل هوندو هو ـ هڪ ڀيري مون وٽ ننڍو ٽرانزسٽر ريڊيو سيٽ هو، جيئن ئي مون ساهيءَ دوران کوليو ته الغوزي جو آواز ٻڌڻ ۾ آيو ـ دستاويزي فلم ڏسندڙ هڪ همراهه ٽپ ڏئي اٿي بيهي رهيو ۽ هيڏانهن هوڏانهن واجھائڻ لڳو ته آخر اهو آواز ڪٿان ٿو اچي؟ همراهه ڏاڍو بي صبر نظر ٿي آيو پر جڏهن کيس خبر پئي ته مون وٽ ٽرانزسٽر ريديو سيٽ آهي ته کيس ڏاڍو اچرج ٿيو ڇاڪاڻ ته ته ڏينهن ۾ ٽرانزسٽر سيٽ عام نه هئا ـ انهيءَ کان اڳ وڏا ريڊيو سيٽ هوندا هئا جن اندر شيشي جا ٽي ـ چار وال لڳل هوندا هئا سي جڏهن گرم ٿيندا هئا تڏهن وڃي ريڊيو هلندو هو ـ گرم ٿيڻ ۾ به انهن کي 4 يا 5 منٽ لڳي ويندا هئا ـ جيستائين ڪنهن گاني ٻڌڻ لاءِ ريڊيو کولبو هو، تيستائين اهو گانو ئي ختم ٿي ويندو هو ـ گھر جي ڪوٺي تي بانس جا ٻه ڊگھا لڪڙا لڳل هوندا هئا جن ۾ ايريل (تار) ٻڌل هوندي هئي ـ وچ ۾ هڪ ٻي تار ٻڌي ريڊيو سيٽ کي ڪنيڪشن ڏبو هو ـ ريڊيو جا سيٽ بيٽريءَ تي هلندا هئا جيڪا وڏي سائيز جي هوندي هئي ـ جڏهن بيٽري ختم ٿي ويندي هئي ته ان کي ري چارج ڪرائبو هو ۽ مهينو مس هلندي هئي ـ پوءِ وڏي سائيز جي ان بيٽريءَ بدران ڊراءِ سيلن جو دور آيو ـ 15 يا 20 وڏا سيل هڪ پيتيءَ ۾ وجھي سرڪٽ ٺاهي، پوءِ ريڊيو سيٽ هلائبو هو ـ ميلي ۾ ملاکڙو به لڳندو هو جنهن ۾ وڏا وڏا ملهه بهرو وٺندا هئا پر ملهن ۾ سڀ کان وڏو نالو شير ميربحر مرحوم جنهن کي شير سنڌ جو لقب مليل هوندو هو تنهن جو هو جيڪو سدائين ملهه ۾ سرسي ماڻيندو هو ۽ ٻئي نمبر تي نورالدين ٻٻر هو هوندو هو ـ ان کان علاوهه ننڍڙي قيد جو هڪ ملهه مٽر شيدي به هوندو هو ـ جڏهن ملهه وڙهندي مخالف کيس گھمائڻ جي ڪوشش ڪندو هو ته هڪدم ٻيئي ٽنگون مٿي کڻندو هو پر جڏهن کيس ڪيرائڻ جي ڪوشش ڪبي هئي ته ٻيئي ٽنگون هڪدم پٽ تي کوڙي ڇڏيندو هو پر وڏي گهل کانپوءِ نيٺ هارائيندو هو ـ انهيءَ ميلي ۾ گھٽ ۾ گهٽ ٻه ڀيرا شير ميربحر، نورالدين ٻٻر کان شڪست کاڌي هئي ـ
    ملاکڙي دوران جيڪو پونئين ملهه کٽندو هو تنهن جي سرسي ليکبي هئي ۽ کٽندڙ ملهه هنبوڇي هڻي ڳوٺ جي زميندار سيد حاجي اسدالله شاهه کان روڪ پيسا انعام طور حاصل ڪندو هو جڏهن ته ٻيا به کيس انعام ڏيندا هئا ـ ٽن ڏينهن واري ميلي ۾ وچئين ڏينهن تي ميلو پنهنجي جوڀن تي هوندو هو ـ جيڪڏهن ملهن کي پيسن ڏيڻ وارا گھٽ هوندا هئا ته پوءِ اسان جيڪي ان وقت ٻار هئاسين تن کي به جيڪي به پيسا انهيءَ مقصد لاءِ ملندا هئا سي اسان به ملهن ۾ ورهائي ڇڏيندا هئاسين ته جيئن هنن کي گھٽ پيسا ملڻ جو احساس نه ٿئي ـ ملاکڙي ڏسڻ لاءِ داخلا في ٽي يا چار روپيا هوندي هئي پر ڪجھه پاسون به جاري ٿينديون هيون ـ
    ميلي ۾ هڪ مسخرو به ايندو هو جيڪو پاڻ کي درياهه خاتون جو پٽ ڪوٺائيندو هو ـ وڏي ڦشري ڪندو هو پر منٿون ميڙون ۽ مسخري ڪري ڍير سارا پيسا ڪمائي ويندو هو ـ
    ميلي ۾ ملهن توڙي پوليس (دوڙ پوليس)جي لاءِ طعام ۽ قيام جو مناسب بندوبت ٿيل هوندو هو ـ ملهه فرصت جي وقت مالشون پيا ڪرائيند اهئا ته جيئن ملاکڙي ۾ سرسي ڏيکاري پنهنجي لئيَ ڪن ـ ميلي ۾ امام بخش سيال به تعلقي ڪنڊياريَ کان ڪهي ايندو هو جيڪو ميلي جي مهمانن لاءِ ڏاڍا سوادي کاڌا پچائيندو هو ـ
    ميلي ۾ طوائفون به پنهنجا رنگ ڏيکارڻ ۽ ماڻهن جا کيسا خالي ڪرڻ لاءِ آتيون هونديون هيون ـ مون کي ٻن جا نالا اڃا به ياد آهن هڪ حميدا هئي ۽ ٻي بِلوـ ٻيئي جڏهن ڳائينديون ۽ رقص ڪنديون هيون ته خفتي پنهنجن دوستن جي ڳٽن تي هڪ هڪ روپئي جا نوٽ رکندا هئا ۽ طوائفون چونڊڙي پائي اهي کڻي وٺنديون هيون ـ
    اهي ٻيئي طوائفون ڪيترن سالن تائين ميلن ۾ اينديون رهنديون هيون پر مون کي ڏاڍو ڀائينديون هيون، خاص ڪري حميدا ـ ٻيئي طوائفون ۽ سندن ڪارندا بنگلي جي ساڄي حصي ۾ رهندا هئا ۽ مان انهن کي ايترو ته وڻندو هوس جو هو مونکي پاڻ سان گڏ هڪ ئي کٽ تي سمهارينديون هيون ۽ منهنجي مٿان ٻانهن رکي سمهي پونديون هيون، خاص ڪري منجهند جي وقت ـ جڏهن ٻيئي البيليون سمهي پونديون هيون ته مان سندن ٻانهن کان نڪري گھر هليو ويندو هوس ـ جيتوڻيڪ مان ان وت ننڍڙو هوس پر مون کي اها نظارا اڃا به چڱي ريت ياد آهن. اهو دور 1954 يا 1955 جو هو ـ
    ميلي واري جاءِ تي هڪ وڏو ڪوٽ ٺهيل هوندو هو جنهن ۾ ملاکڙي کان علاوهه رڇ ۽ ڪتن جي به ويڙهه ٿيندي هئي ۽ ڪڏهن ڪڏهن سوئر ۽ ڪتن جي به ويڙهه به ـ انهن سڀني تي ٽڪيٽون رکيل هونديون هيون ـ تنهن زماني ۾اسان ٻار هئاسين سو جانورن تي ظلم جو احساس ڪونه هوندو هو ۽ اهڙين ويڙهه مان پيا مزو ماڻيندا هئاسون ـ جانورن تي ظلم نه ڪرڻ جو احساس گھڻو پوءِ ٿيو ـ
    ميلي لاءِ خاص ڪري مٽيءَ سان ڀريل ويڪرو ڪوٽ ٺهڻ کان اڳ، ماڻهن جي ويهڻ لاءِ ڪاٺ جون پيهون ٺهيل هونديون هيون جيڪي ڪڏهن ڪڏهن ٽٽي پونديون هيون ته ڪيترا ماڻهو ڪري پوندا هئا ـ
    ميلي ۾ دوڪان لڳائيندڙن ۽ ريڙهيون هلائيندڙن کان ڪرايو به ورتو ويندو هو ۽ اهو ڪم ڊاڪٽر عبدالغني شاهه مرحوم (اسدالله شاهه جو وچيون ڀاءُ) ڪندو هو ـ دوڪان اڪثر ڪپڙي جا ٺهيل هوندا هئا ته جيئن سولائيءَ سان شفٽ ڪري سگھجن ـ جڏهن ميلو ختم ٿيندو هو ته اسان ڳوٺ جا ٻار ، ميلي واري جاءِ ڏانهن نڪري پوندا هئاسين ته رهجي ويل ڪي شيون هٿ ڪري سگھون پر گھڻو ڪري ڪا خاص شيءَ هٿ ڪونه ايندي هئي ـ
    تن ڏينهن ۾ اسان جو ڳوٺ دوڙ پوليس جي حدن اندر هوندو هو تنهن ڪري ميلي ۾ ٽيئي ڏينهن پوليس وارا پيا موجون ماڻيندا هئا ـ هميشه وانگيان سندن لئه هوندي هئي ـ ائين لڳندوهو ڄڻ ته ڪا پوليس اسٽيٽ هجي ـ ميلي اندر مختلف دوڪاندار ۽ هوٽلن وارا لائوڊ اسپيڪرن ذريعي فل آواز ۾ گانن جا رڪارڊ وڄائيندا هئا تنهن ڪري ميلي ۾ گھمندي هڪ ئي وقت مختلف آواز ڪنن ۾ گونجندا رهندا هئا ـ
    ميلي جا پمفلٽ به شايع ڪرائبا هئا، سو ميلي جو ٻڌي پري پري کان ڪيترا ماڻهو ڪهي ايندا هئا ۽ ٻيا وري پنهنجا جهڳا جهڻ ڪرائڻ لاءِ ڪيترن مهينن کان پيسا ڪٺا ڪرڻ شروع ڪندا هئا ـ ڪي اهڙا به هئا جيڪي پنهنجا ڍور ڍڳا وڪڻي اچي ميليَ ۾ شريڪ ٿيندا هئا جنهن جو هڪ مکيه ڪارڻ اهو به هو ته تن ڏينهن ۾ وندر (تفريح) نه هئڻ جي برابر هوندي هئي ـ اها 50 ۽ 60 جي شروع وارن ڏهاڪن جي ڳالهه آهي ـ
    ڳوٺ جي ٻاهران ۽ ميلي جي جاءِ جي ڀر ۾ ٻير جو پراڻو وڻ هوندو هو جيڪو اڃا به موجود آهي . ڪيترن ورهين کانپوءِ ڳوٺ وڃڻ ٿيو ته ٻير جي وڻ هيٺان ويهي پنهنجو پراڻيون يادون اهڙي ريت تازيون ڪرڻ لڳس جيئن ڪا فلم ريوائينڊ ڪرڻ کانپوءِ هلائبي آهي ـ
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    بهترين ساروڻيون ...

    اوهان جون ڳالهيون پڙهي مان به پنهنجي ننڍپڻ ۾ هليو ويس ..... ۽ ڳوٺ ۽ ننڍپڻ جو يادون، ميلا، ملاکڙا، موسيقي، ڏاندن جي گوء، ڪڪڙن جي ويڙهه ۽ ان ويڙهه دوران خفتين جا آواز ...
     
  3. محمد خان سيال

    محمد خان سيال
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏11 آگسٽ 2014
    تحريرون:
    1,388
    ورتل پسنديدگيون:
    1,726
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ڌنڌو:
    Writer, Analyst
    ماڳ:
    Houston, TX, USA
    ها سائين، ننڍپڻ ته وسرڻ جوڳو ناهي ـ
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو