شيشن سان انصاف ۽ انسانن سان نا انصافي

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ وقاص منگي طرفان آندل موضوعَ ‏31 آڪٽوبر 2014۔

  1. وقاص منگي

    وقاص منگي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 آڪٽوبر 2014
    تحريرون:
    18
    ورتل پسنديدگيون:
    24
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    153
    ڌنڌو:
    شاگرد
    ماڳ:
    لاڙڪاڻو
    ماڊل ٽائون سانحو​

    ماڊل ٽائوم سانحو 17 جون 2014 تي پيش آيو ۽ اڄ ماڊل ٽائون سانحي کي تقريبن 4 مهينا گذري چڪا آهن. ماڊل سانحو پاڪستان جي تاريخ جو بد ترين سانحو آهي جنهن ۾ پاڪستاني عوام جي محافظ پوليس پهنجي ئي ملڪ جي معصوم ۽ نه هٿي ماڻهن جي مٿان. ڪئي ڪلاڪن تائين سڌيون گوليون هلائيندي رهي. ان واقعي ۾ تقريبن 14 ماڻهو شهيد ۽ 90 کان وڌيڪ زخمي ٿيا. شهيد ٿيندڙن ۾ ڳورهاريون عورتون به شامل هيون. پوليس جي اها دهشتگردي پاڪستان جي قومي توڙي لوڪل نيوز چينلس تي لائيو ڏيکاري وئي. جڏنهن پوليس اها رياستي دهشتگردي ڪري رهي هئي ته ان وقت هڪ ڪردار سامهون آيو. سادا لباس پهريل هڪ ماڻهو جنهن جي اشارن تي پوليس ماڊل ٽائون جي روڊن تي ڀڄندي رهي ۽ بيگناه ماڻهو ماريندي رهي جنهن جي سڃاڻپ بعد ۾ گلو بٽ جي نالي سان ٿي سامهون آيو جيڪو مسلم ليگ ن جو ڪارڪن به هيو. هو سر عام پوليس جي سامهون گاڏين جا شيشا ڀڄندو رهيو ۽ پوليس ان جي پٺي ٺپيندي ان کي شاباش ڏيندي رهي. خبر ناهي ته هو اهو سڀ ڪجه ڪنهنجي حڪم تي ڪري رهيو هيو ۽ لڳي ائين رهيو هيو جيئن هو ڪو آءِ جي يا ڊي آءِ جي هجي ۽ پوليس ان جي آرڊر تي ڪم ڪندي هجي. بحرحال ان واقعي جو اگر بيڪگرائونڊ ڏٺو وڃي ته ذميوار پوليس ۽ پوليس کي ان آپريشن جو حڪم ڏيندڙ شخص آهي. ان بيگناه ماڻهن جو قسور صرف ايترو هيو ته پوليس جي غير قانوني عمل ۾ رڪاوٽ بڻيا. چار مهينا گذري وڄڻ باوجود ماڊل ٽائون جي شهيدن سان انصاف نه ٿي سگهيو آ ۽ ان واقعي جي مرڪزي ڪردار گلو بٽ کي ڪاله 11 سال قيد جي سزا ٻڌائي وئي مونکي خوشي سان گڏوگڏ افسوس به ٿيو. خوشي ان ڳالج جي ته عدالت دير صحيع پر انصاف ڪيو ۽ افسوس ان ڳاله جو ٿيو ته عدالت صرف گاڏين جي ان ڀڳل شيشن سان انصاف ڪيو انهن معصوم بيگناه انسانن سان نه جيڪي ان ئي ڏينهن تي پوليس جي هٿان شهيد ڪيا ويا هئا.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو