محمد خان سيال جون ساروڻيون ـ 03 ـ قسط ـ ڪالهه گڏيوسوُن ڪاپڙي

'سنڌي ادب' فورم ۾ محمد خان سيال طرفان آندل موضوعَ ‏1 نومبر 2014۔

  1. محمد خان سيال

    محمد خان سيال
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏11 آگسٽ 2014
    تحريرون:
    1,388
    ورتل پسنديدگيون:
    1,726
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ڌنڌو:
    Writer, Analyst
    ماڳ:
    Houston, TX, USA
    06 ـ متيَ سيال جي مرڻينگ حالت:
    هڪ ڀيري ڳوٺ ۾ ڊاڪٽر سيد عبدالغني شاهه (زميندار جو وچيون ڀاءُ) متيَ سيال کي دوا لکي ڏني جيڪا سندس مائٽ نوابشاهه کان وٺي آيا ـ دوا کائڻ کانپوءِ متيَ سيال جي حالت ويتر خراب ٿي وئي جو سندس مائٽ روئي پٽي ويٺا ـ سندن دعوى هئي ته کين دوا بدران تيزاب ڏنو ويو هو جڏهن ته ڊاڪٽر عبدالغني شاهه جو چوڻ هو ته ميڊيڪل اسٽور واري کين غلط دوا ڏني هئي جيڪا تصديق لاءِ کيس ٻيهر ڪونه ڏيکاري وئي ـ ڊاڪٽر صاحب ڊگري يافتا هو ۽ باقاعدگيءَ سان بهاولپور جي ميڊيڪل ڪاليج ۾ پڙهيو هو ـ بعد ۾ ڊاڪٽر عبدالغني شاهه دادوءَ جي سول اسپتال ۾ ڪم ڪندو هو ته اتي وفات ڪيائين ـ
    بهرحال، متيَ سيال کي کڻائي سول اسپتال، نوابشاهه ويا، جت سندس علاج ٿيڻ تي تندرست ٿي ويو ۽ ڪيترا ورهيه جيئرو رهيو ـ سندس چار پٽ هئا: آندل سيال، تڳيو سيال، غلام محمد سيال ۽ بخشل سيال ـ جڏهن ته ٿورا ورهيه اڳ ڊاڪٽر صاحب جي فرزند ڊاڪٽر سيد ابراهيم شاهه جيڪو سول اسپتال، نوابشاهه ۾ آر ايم او هو ۽ نهايت ئي نيڪ انسان، ملڻسار ۽ سهڪار ڪندڙ هو تنهن کي ڪجھه ماڻهن گوليون هڻي شهيد ڪري ڇڏيو ـ

    07 ـ ڇا ته مشاهبت هئي:
    اسان جي ڳوٺ ۾ هر سال لڳندڙ ميلي ۾ ڪم ڪار ۾ واهر ڪرڻ لاءِ سدائين ٻه ڀينريون پري کان ڪهي اينديون هيون ـ جن جا نالا هئا: ٺري ۽ راستي ـ سندن رنگ مُشڪي هوندو هو ـ اهي ڪنڊياريَ تعلقي جون هيون، تن ڏينهن ۾ ڪنڊيارو، نوابشاهه ضلعي جو تعلقو هو پر پ پ پ جي پهرين دور ۾ شهيد ينظير ڀُٽيَ نوشهريَ فيروز کي الڳ ضلعي جو درجو ڏنو تنهن ڪري ڪنڊيارو به ان ۾ شامل ٿي ويوـ
    ٻيئي ڀينرون اسان جي ڳوٺ جي سيدن جون مريدياڻيون هونديون هيون سو ٻنهي يا گهٽ ۾ گھٽ هڪ جو ميليَ ۾ هئڻ ڄڻ ته لازمي هوندو هو ـ اهي ذات جون مُهاڻيون هيون پر سندن صورتون حيرت انگيز طور هڪٻئي سان ملنديون هيون، جيئن هندي فلم انگور ۾ آنجهاڻي سنجيوَ ڪمار جا ڊبل ڪردار ـ ٻنهي جي مهانڊن ۾ فرق ڪرڻ ڏاڍو ڏکيو هوندو هو ـ تن ڏينهن ۾ اسان ته ٻار هئا سين سو اسان کي کڻي ڇڏيو پر ڏسڻا وائسڻا وڏا ماڻهو به ٻنهي ۾ فرق ڪري ڪونه سگھندا هئا ـ اسان پاڻ، ڪيترن کي ڀُلجندي ڏٺو جيڪي مائي راستيءَ کي مائي ٺري ۽ مائي ٺريءَ کي مائي راستي سمجھندا هئا ـ

    08 ـ اجھو قيامت ٿي اچي:
    جن ڏينهن ۾ اسان ڳوٺ ۾ رهنداهئاسين تن ڏينهن ۾ اخبارن ۾ خبرون اينديون هيون ته 14 جولاءِ ۽ شايد سال 1960 تي قيامت ايندي جنهن ڪري ساري دنيا سڙي دڦ ٿي ويندي ـ اسان جو ڳوٺ، نوابشاهه کان اٽڪل 12 ڪلوميٽر پري هو سو بڇيري ريلوي اسٽيشن کانپوءِ ايندڙ نوابشاهه ريلوي اسٽيشن لاءِ ريل گاڏيءَ ذريعي ويندا هئاسين ڇاڪاڻ ته تن ڏينهن ۾ بسون ڪونه هلنديون هيون پر موٽ تي ڪانه ڪا اخبار ضرور وٺي ايندا هئاسين ـ
    اسان جي ڏاڏي مِهران اهڙيون خبرون شوق سان ٻڌندي هئي ـ اهڙيون هنيانءَ ڏاريندڙ خبرون اخبارن ۾ روز اينديون هيون، تن ڏينهن ۾ اخبارون ڪجھه وڌيڪ مرچ مصالحو لڳائينديون هيون، خير گھٽائين ته اڄ به ڪونه ٿيون، شايد ٻه هٿ اڳيان هجن ـ هر طرف اهو هُل ٿي ويو ته 14 جولاءِ تي قيامت ايندي ۽ دنيا ڀسم ٿي ويندي پر 14 جولاءِ ته لنگھي وئي ۽ ٿيو ڪجھه به ڪونه ـ پوءِ خبر پيئي ته اهڙا افواهه اڪثر پکڙبا آهن ـ گھڻن ماڻهن جو خيال هو ته 14 هجري صدي پوري ٿيڻ تيِ قيامت ضرور ايندي پر اها به خير سان لنگھي وئي ۽ سڀ خير ٿي ويو ـ

    09 ـ مينهن وسائڻ جو انوکو طريقو:
    اسان جي ڳوٺ ۾ مينهن وسائڻ لاءِ انوکو طريقو اختيار ڪندا هئاسين ـ هڪ اهڙو ڇوڪرو جنهن کي ڀيڻ نه هئي تنهن جو ڪوئلي سان منهن ڪارو ڪري، سڀ ڇوڪرا گڏجي ڳوٺ جي دَر دَر تي چندو وٺڻ وينداهئاسين ـ پوءِ، انهيءَ چندي مان سامان وٺي تاهري (مٺو ڀت) تيار ڪنداهئاسين ـ ڳوٺ ۾ ڀائرن جا ڪل ٻه اهڙا جوڙا هئا جن کي ڀينرون ڪونه هيون ـ هڪ ٽوهه سيال ۽ سندس وڏو ڀاءُ سچل سيال ۽ ٻيو اسان يعني مان ۽ منهنجو وڏو ڀاءَ انور سيال ـ جيئن ته اسان ٿورا اثر وارا هئاسين سو اسان جو ته ڪير به نالو ڪونه وٺندو هو البت ڳوٺ جا ڇوڪرا هر ڀيري ٽوهه جو، ڪوئلي سان ڪارو منهن ڪندا هئا ۽ پوءِ ان کي اڳيان ڪري سڀ گڏجي مينهن وسائڻ جون دعائون گھري چندو وٺڻ ويندا هئاسون ـ بهرحال ڪيترا ڀيرا مينهن وسيو به ۽ زوردار وسيو، ڀلي انهيءَ جو ڪهڙو به ڪارڻ ئي ڇو نه هجي! مينهن کانپوءِ کنڀيون نڪرنديون هيون جنهن جو ٻوڙ ڏاڍي شوق سان کائيندا هئا سون، ڇا ته سواد هئن ـ

    10 ـ پاڻ ۾ ويڙهائڻ جي شرارت:
    اسان جي اسڪول ۾ رسول بخش سيال مرحوم پڙهندو هو ـ هو پير بخش سيال جنهن جو مان اڳ به ذڪر ڪري چڪو آهيان تنهن جو ڀائيٽيو ۽ جان محمد سيال جو پٽ هو ـ ڪڏهن استاد اسڪول ۾ ڪونه هوندو هو ته اجايو فائدو وٺي، ڇوڪرن کي پاڻ ۾ ويڙهائڻ جو شغل ڪندو هو ـ هو ڪن به ٻن ڇوڪرن جي چونڊ ڪندو هو ـ وڏي ڪلاس ۾، هو هڪ طرف هڪ ڇوڪريَ کي بيهاريندو هو ته ٻئي طرف ٻيئي کي ـ پاڻ وچ ۾ بيهي هڪ کي مخاطب ٿي ڪجھه هن ريت گار ڏيندو هو: فلاڻا....فلاڻو توکي....ٻيو ڇوڪرو هن جون شرارتي اٽڪلون سمجھڻ بدران ترت ورندي ڏيندو هو: مان هن کي.....اهڙي ريت ٻنهي ڇوڪرن ۾ چڱي خاصي ويڙهه ٿيندي هئي ۽ پاڻ بيٺو مزي سان رونشو ڏسندو هو ـ منٽ ٻن کانپوءِ انهن کي ڇڏائي وري ٻي جوڙي تيار ڪندو هو ـ گھڻو ڪري غريبن جي ٻارن سان کئونس ڪندو هو ڇاڪاڻ ته کيس خبر هئي ته رسائي وارن جي ٻارن سان کئونس ڪندس ته دل تي پادر کائيندس ـ
     
    6 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو