محمد خان سيال جون ساروڻيون / 04 ـ قسط / 02 نومبر 2014

'سنڌي ادب' فورم ۾ محمد خان سيال طرفان آندل موضوعَ ‏2 نومبر 2014۔

  1. محمد خان سيال

    محمد خان سيال
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏11 آگسٽ 2014
    تحريرون:
    1,388
    ورتل پسنديدگيون:
    1,726
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ڌنڌو:
    Writer, Analyst
    ماڳ:
    Houston, TX, USA
    My memoires - 04
    11 ـ چڱائيءَ کان هٿ سڙڻ:
    اسان جي ڳوٺ کان ٿورو پرڀرو گجرا واهه جي ٻئي ڀر ڪيريا برادريءَ جو ڳوٺ هوندو هو جيڪو ڪيرين جيَ ڳوٺ جي نالي سان مشهور هو ـ اُتي هڪ ننڍڙو زميندار ڪرم الله ڪيريو به رهندو هو پر گھڻو ڪري نوابشاهه ۾ به ايندو ويندو هو ـ پڙهيل ته گھٽ هو پر انگريزيءَ جا ڪيترا جملا ياد هوندا هئس ۽ ڪجھه گرامر به ـ گھڻو ڪري شاگردن جي ذهانت پرکڻ لاءِ کانئن امتحان وٺندو رهندو هو جنهن ڪري ڪيترا کانئس وونئن ويندا هئا ته ڪٿي ٻين جي سامهون لڄي نه ٿيڻو پوي پر ماڻهو سڌو سادو ۽ ڀلو هوندو هو ـ سندس اکيون شيريون هونديون هيون ـ ڪنهن کي عدالتن ۾ ضامن ڪونه ملندو هو ته اچي ڪرم الله جي ڀر جھليندو هو ۽ ڪرم الله سندس ضامن پوڻ تي، معمولي دل من هڻڻ کانپوءِ راضي ٿي ويندو هو ، پر ائين ڪرڻ سان گھڻو ڪري ڏچي ۾ به پئجي ويندو هو ـ
    هڪ ڀيري اسان جي ڳوٺ جي زميندار سيد حاجي اسدالله شاهه مٽياريءَ جي مائٽ سيد غلام قادر شاهه لڪياري جيڪو سٺ ميل شهر جو زميندار هو ۽ نوابشاهه جي موهڻي بازار کان مشهور هفتيوار سنڌي اخبار مظلوم ڪڍندو هو جيڪا ڪيترا ورهيه لاڳيتو هلي ـ بعد ۾ مشهور صحافي محرم علي ڀَٽي مرحوم به ان سان وابستا رهيو، تنهن (لڪياري) سنڌ زميندار ڪوآپريٽو بئنڪ لميٽيڊ کان ڪرم الله ڪيرئي جي نالي تي قرض ورتو جيڪو وياج نه ڏيڻ سبب وڌي سورنهن هزار روپيا ٿي ويو ـ مٿان بئنڪ وارن جو، قرض جي ادائيگيءَ تي مارو هو ـ غلام قادر شاهه ته رسنديءَ وارو زميندار هو تنهن لاءِ ڏهه هزار روپيا ڏيڻ ته ڪا وڏي ڳالهه ئي ڪونه هئي تنهن کي ڪونه چيائون پر ويچاري ڪرم الله ڪيرئي تي ساري باهه اچي ڪڙڪي ته هو سڀ پيسا ڀري ڏئي ـ ڪرم الله ڪيريو ته سادو ۽ سٻاجھڙو انسان هو سو ڏاڍو پريشان ٿي ويو ـ سائين غلام قادر شاهه لڪياريءَ کي چيائين پر وريس ڪجھه به ڪونه ـ ڪا به لکپڙهه ڪونه هئي، نه ڪو ثبوت پر بئنڪ کان پيسا ته ڪرم الله جي نالي ۾ وٺي، لڪياريءَ صاحب کي ڏنا ويا هئا ـ اسان جي ڳوٺ جو زميندار انهيءَ واقعي جو اکين ڏٺو گواهه هو سو فيصلو به وٽس آيو ـ هونئن به هن اهي پيسا اسدالله شاهه صاحب جي چوڻ تي ئي لڪياريءَ صاحب کي وٺي ڏنا هئا ـ
    حاجي اسدالله شاهه فيصلو ڪيو ته اڌ پيسا غلام قادر شاهه ۽ اڌ ڪرم الله ڪيريو ڀري. ڪرم الله گھڻيون رڙيون دانهون ڪيون ته مان آخر پيسا ڇو ڀريان؟ ٻيو ته ٺهيو پر زميندار کي ته اڳواٽ اهڙي قصي جي خبر هئي، ان کان ٻيو وڏو ڪهڙو ثبوت ٿي سگھيو ٿي؟ پر زميندار جو چوڻ هو ته پيسن جو ڪو لکت ۾ ثبوت ڪونهي ، تنهن ڪري بهتر آهي ته تون اڌ پيسا ڀر ۽ اڌ پيسا غلام قادر شاهه ڀريندو پر جيڪڏهن غلام قادر شاهه پيسا ڏيڻ کان مڪمل انڪار ڪري ته ڪري سگھي ٿو ۽ انهيءَ صورت ۾ سمورا پيسا ڪرام الله ڪيرئي کي ڀري ڏيڻا پوندا، سو اڌ پيسا ڀري ته بهتر آهي ـ زميندار اها ڳالهه جڏهن ڪرم الله کي چئي ته اتفاق سان مان به ان وقت سندس نوابشاهه جي مسجد روڊ واري بنگلي تي موجود هئس ـ انهيءَ فيصلي کي، مون به غلط سمجھيو ـ ڇاڪاڻ ته مان ٻار هوس سو منهنجو وڏن جي وچ۾ ڳالهائڻ مناسب ڪونه هو پر مون کي انهيءَ فيصلي تي ساري حياتي افسوس رهيو ـ اهڙي ريت ڪرم الله ڪيرئي کي اٺن هزار روپين جي اجائي چَٽي ڀرڻي پيئي جيڪا انهن ڏينهن ۾ وڏي رقم هئي ـ
    اسانجي ڳوٺ جو زميندار سيد حاجي اسدالله شاهه مٽياري هونئن ته روشن خيال، سياسي شعور رکندڙ ۽ سٺو انسان هو پر خبر ناهي ته اهڙو غلط فيصلو آخر ڇو ڪيائين؟ شايد مائٽيءَ ۽ دوستيءَ کي آڏو رکنديَ...!!

    12 ــ ريلوي انجڻ ۾ انوکو سفر:
    اسان جي ڳوٺ جي ڀر ۾ مين ريلوي لائين تي بڇيري ريلوي اسٽيشن آهي جنهن تي ڪجھه ريل گاڏيون بيهنديون هيون ـ جيڪڏهن ڪنهن کان صبوح جو سويرواري گاڏي نڪري ويندي هئي ته ٻي ريل گاڏي شام جو دير سان ايندي هئي پر ڪڏهن ڪڏهن خالي ريلوي انجڻ نوابشاهه ڏانهن ويندي يا موٽندي هئي ۽ انجڻ ڊرائيور هڪ روپئي في مسافر جي حساب سان 5/7 ماڻهو انجڻ ۾ کڻندو هو ـ مون به هڪ روپيو ڏئي ٽي ـ چار ڀيرا بڇيريءَ کان نوابشاهه لاءِ ريلوي انجڻ ۾ سفر ڪيو جيڪو ڪنهن تجربي کان گھٽ ڪونه هو ۽ اهڙي ريت ڪي وري مال گاڏيءَ ۾ به ڪڏهن ڪڏهن سفر ڪندا هئا ـ
    ياد رهي ته سنڌ اندر پهرين ريل گاڏي انگريزن جي دور ۾ 13 مئي 1861ع تي ڪراچي سٽيءَ کان ڪوٽڙيءَ لاءِ عوام واسطي کولي وئي ـ. اهو مفاصلو 169 ڪلوميٽر يعني 105 ميل هو ـ شروع ۾ دي سنڌ ريلويز ، انڊين فلوٽيلا ڪمپني، پنجاب ريلويز ۽ دهلي ريلويز هيون جن کي جنوري 1886ع ۾ ملائي نارٿ نارٿ ويسٽرن ريلويز (اين.ڊبليو.آر) بڻايو ويو پر سال 1967 ويسٽرن اسٽيٽ ريلويز بڻايو ويو ۽ اڳتي هلي ۾ پاڪستان ريلويز بڻي ـ

    13 ـ سڪو ريل جي پٽي تي رکڻ:
    اسان جڏهن ڳوٺ کان بڇيري شهر ويندا هئاسين ته ريلوي اسٽيشن وٽان لنگھڻو پوندو هو جڏهن ته پراڻي بڇيري شهر جا آثار ٻه ٽي ڪلوميٽر اڃا به پرتي ويران پيل آهن ـ جڏهن ريل گاڏي لنگھندي هئي ته اسان ٽُنگر پيسو (سڪو جنهن جي وچ تي سوراخ هو تنهن زماني ۾ هڪ آني ۾ چار پيسا هوندا هئا جڏهن ته سورنهن آنن جو هڪ روپيو هوندو هو ۽ اهڙي ريت ٽڪيَ (هڪ آني ۾ ٻه) يا وري ٻن آنن، چئن آنن (پائلي) يا وري اٺن آنن (آڌيو يا آڌيلو) ۽ هڪ روپئي جا سڪا به هوندا هئا جڏهن ته هڪ روپئي جو الڳ نوٽ به هوندو هو ـ اسان ٽُنگر پيسو يا سادو پيسو، ٽڪو يا آنو ريل جي پٽي تي رکي ڇڏيندا هئاسين ۽ جڏهن ريل گاڏي ان جي مٿان هلي ويندي هئي ته پوءِ سڪي جي ڳولا ڪنداهئاسين، جيڪو ٿوري مفاصلي تي ريل جي پٽيَ جي وچ۾ يا هڪ پاسي تي ڪريل هوندو هو، گھڻي وزن پڻ ڪري سڪي جي حالت خراب ٿي ويندي هئي پر اسان کي ائين ڪرڻ سان مزو ايندو هو ۽ سڪي جي بيڪار ٿيڻ جو ڪوبه ڏک ڪونه ٿيندو هو ـ

    14 ـ ڪٿي اندر ڪارو نه ٿي وڃي:
    ننڍپڻ جون ڪجھه ڳالهيون اڄ به ياد پون ٿيون ته پاڻ تي ڏاڍي کل ايندي آهي ـ مان ننڍپڻ ۾ ڪاري ڪتل (کجور) ۽ ڪارا انگور ڪونه کائيندو هوس ـ ڪو سبب پڇندو هو ته چوندو هوس: منهنجو اندر ڪارو ٿي ويندو سو اهي ڳالهيون ڪڏهن ڪڏهن ياد پونديون اٿم ته پاڻ تي ڏاڍي کل ايندي اٿم ـ
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو